31/12/2025
مانوارا والدين
سياري جون موڪلون ختم
سڀاڻي کان سنڌ جا سمورا اسڪول کلي رهيا آھن
اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن کي سڀاڻي پهرين جنوري خميس ڏينهن تي صبح جو 8:30 بجي اسڪول موڪليندا.
نوٽ: ٻارن کي گرم ڪپڙا پارائڻ جي مڪمل ڪوشش ڪجو ۽ وقت تي اسڪول موڪلجو
GBLSS Abdul Wahab Lund
Abdul Saboor Oshaque ALi
Friends Abdul Haleem Lund Abdul Ahad
20/12/2025
اپنا خیال رکھیں حفاظتی تدابیر پر عمل کریں
GBLSS Abdul Wahab Lund
Muhammad Zakria Baloch
ڳوٺ عبدالوهاب ُلنڊ
19/12/2025
پڻي پٺيان پنڌ ڪندي، سسئي ساڃهه وڃائي
پرين جي راهه سڃائي، ساهه به تنهن ۾ لڳائي
Walking in the desert, Sassui lost her senses,
Yet she devoted even her breath to the path of her beloved.
شاهه
GBLSS Abdul Wahab Lund
Muhammad Zakria Baloch
19/12/2025
"ياد رک!
تو وٽ تنهنجو عَقلُ
۽ تنهنجو عِلمُ،
تنهنجي وطن ۽ قوم جون
اَمانتون آهن!
امتحان پاس ڪري،
وطن جي ويرين وٽ ڪرسي ماڻڻ،
تنهن کان وڏي بيحيائي،
ذلالت ۽ غداري ٻي ڪانهي.
پنهنجي علم کي،
پنهنجي وطن جي ڦٽَل نصيب سنوارڻ لاءِ وقف ڪر!
پنهنجي حياتيءَ جي پل پل سان
قوم جي تاريخ ۾
سونهن ۽ سينگار پيدا ڪر."
🇵🇰🇵🇰🇵🇰🇵🇰🇵🇰🇵🇰
ويٽنامي شاعر: توئي دين
ترجمو: رسول بخش پليجو
GBLSS Abdul Wahab Lund
ڳوٺ عبدالوهاب ُلنڊ
Muhammad Zakria Baloch
Abdul Saboor
Friends Oshaque ALi
Abdul Haleem Lund
19/12/2025
ڀيليو ڇو ٿا گاههُ ته ناهيان!
نرم سهي، بي ساهه ته ناهيان.
ايڏو ڇو ٿا ڇرڪو مون کان،
دوزخ جو آڙاهه ته ناهيان.
نيٺ خطا ٿي ويندي مون کان،
آدم هان، الله ته ناهيان،
قيد ٿيان سوني پڃري ۾!
لوڀيءَ جو ويساهه ته ناهيان.
ڇو ٿا مون کي ڦاسيءَ چاڙهيو،
ايڏو حق – آگاهه ته ناهيان.
منهنجو مذهب پيار، محبت،
ڏسجو: مان گمراهه ته ناهيان!؟
آکيرن مان ساسي ٽاهيان،
مان ماريءَ جو ٽاهه ته ناهيان.
نوٽن تي ڪيئن نينهن نچايان،
مان نچڻيءَ جو چاهه ته ناهيان.
ڪيئن آباد ڪيان ٿر، ڪاڇو،
آءٌ ’وفا‘! درياهه ته ناهيان.
وفا ناٿن شاهي
GBLSS Abdul Wahab Lund
ڳوٺ عبدالوهاب ُلنڊ
19/12/2025
او اٽل آدمي ڪن جُڳَن کان وٺي
اَنڌَ سان ڌُنڌَ سان پَنڌ سان مُنھن ڏئي
آءُ سمجھان ٿو تون پيو آن ٿڪي
دل شڪستو نہ ٿي
ڏانگ ڦيري تہ ڏس نانگ نوڙي اٿئي
پير ٻوڙي تہ ڏس باھ پاڻي اٿئي
ڪنڌ پڪڙي تہ ڏس شينھن ٻڪري اٿئي
دل شڪستو نہ ٿي
توڙي گذريون صديون تہ بہ اميدون رکيون
آءُ تون ۾ وجهيو ويٺي آھيان اکيون
آءُ اوري ملون ماڻِ مونکي وَڌي
دل شڪستو نہ ٿي
ڪنھن ڏِنو ٿئي ڌِڪو يا لڙي آن لِڪو
ڏي نہ ماڻھو مِٺا ماڻهپي کي ٽِڪو
ڇو کِلين ٿو ڦِڪو ڇو لڳين ٿو لَڄي
دل شڪستو نہ ٿي
ڪا گهڙي دم پَٽي سَگهہ ساري سَڏي
پيرَ پُختا ڪري ڏندَ ڪُرٽي تَڏي
اُٿ مٿي اُٿ مٿي ڀونءِ تي ڀَرُ رکي
دل شڪستو نہ ٿي
ڀانءِ راڻا ڀلي مون کي مومل کڻي
مان مڃان ٿي پئي ڪاڪ اوکي گهڻي
ڇو ٿو ڳڻتيون ڳڻي عاشقيءَ ۾ اچي
دل شڪستو نہ ٿي
(استاد بخاري)