17/08/2026
FRAMES APPLICATION — حاضري جو بهتر نظام، پر ٽيڪنيڪل مسئلا اڃا برقرار
سنڌ حڪومت طرفان تعليمي ملازمن جي حاضري ۽ وقت جي پابندي کي يقيني بڻائڻ لاءِ متعارف ڪرايل FRAMES Android Application سان اڄ اسڪول ۾ ملازمن جي وقت جي پابندي جي حوالي سان واضح بهتري نظر آئي، جيڪو يقيناً هڪ مثبت قدم آهي.
پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته گذريل هڪ هفتي کان سوشل ميڊيا تي “Server Busy” ۽ ٻين ٽيڪنيڪل مسئلن جون شڪايتون مسلسل سامهون اچي رهيون آهن، جڏهن ته FRAMES Android Application جي ڊولپمينٽ ٽيم طرفان اڃا تائين انهن مسئلن جو ڪو واضح ۽ مستقل حل نظر نه آيو آهي.
اڄ به جڏهن ملازم وقت جي پابندي سان حاضري لڳائڻ لاءِ تيار هئا، تڏهن صرف چنڊ ملازم کان سواءِ باقي ملازم حاضري لڳائي نه سگهيا. اهڙي صورتحال ۾ ملازمن جي وقت جي پابندي باوجود حاضري جو صحيح رڪارڊ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
اميد آهي ته سنڌ حڪومت ۽ FRAMES Application جي ٽيڪنيڪل ٽيم Server Busy، Login ۽ Attendance Submission جهڙن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪندي، جيئن ملازمن جي حاضري جو نظام وڌيڪ بهتر، شفاف ۽ قابلِ اعتماد بڻجي سگهي.
10/08/2026
محترم جناب امجد حسين صاحب جي مانَ ۾ اڄ الوداعي پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن دوران ساڻن گڏ گذاريل خوبصورت لمحن کي يادگار بڻائڻ لاءِ ڪجهه تصويرون پڻ محفوظ ڪيون ويون.
07/08/2026
🌹 الحمدلله 🌹
اسان جي اسڪول لاءِ نهايت ئي فخر، خوشي ۽ اعزاز جو لمحو آهي ته اسان جا هونهار ۽ محنتي شاگرد:
🌟 ساجد علي ولد حسام الدين
🌟محمد رضا ولد حسام الدين
🌟 تصور شبير ولد شبیر احمد
Sino-Pak CCTE (Pakistan- China) Dual Diploma Scholarship Program (2+1 Years)
لاءِ ڪاميابي سان چونڊجي ويا آهن.
🌟 وڌيڪ خوشي ۽ فخر جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ سطح جي مجموعي ميرٽ لسٽ (Overall Sindh Merit List) ۾ اسان جي اسڪول جي شاگردن شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٻئين، ٽئين ۽ ڏهين پوزيشنون حاصل ڪيون، جيڪا اسان جي اداري لاءِ هڪ تاريخي اعزاز ۽ وڏي ڪاميابي آهي.
هيءَ مڪمل طور (Fully Funded) اسڪالرشپ آهي، جنهن تحت شاگرد ٻه سال پاڪستان ۽ هڪ سال چين ۾ اعليٰ فني تعليم حاصل ڪندا.
هيءَ شاندار ڪاميابي نه رڳو انهن شاگردن ۽ سندن والدين لاءِ، پر اسان جي اسڪول، معزز استادن ۽ سڄي علائقي لاءِ به وڏي فخر، خوشي ۽ اعزاز جو سبب آهي. اسان کي يقين آهي ته اهي هونهار شاگرد پنهنجي صلاحيتن، محنت ۽ لگن سان نه صرف پنهنجي اداري پر پنهنجي ضلعي ۽ پاڪستان جو نالو پڻ روشن ڪندا.
🌹 اسان دل جي گهراين سان پنهنجن هونهار شاگردن، سندن والدين ۽ معزز استادن کي دل جي گهرائين سان مبارڪون پيش ڪريون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته الله پاڪ کين علم، عمل، اخلاق ۽ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ وڌيڪ ڪاميابيون، عزتون، برڪتون ۽ ترقيون عطا فرمائي، کين پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي ۽ هر منزل تي سرخرو فرمائي. آمين يا رب العالمين. 🤲
چونڊيل سڀني شاگردن کي دل جي گهرائين سان واڌايون! 🎉
05/08/2026
محترم پرنسپال محمد الياس صاحب مختلف ڪلاسز جو دورو ڪري شاگردن جي تدريسي ۽ تعليمي سرگرمين جو جائزو ورتو. دوري دوران ڏٺو ويو ته محترم استاد صاحبان پنهنجي پنهنجي ڪلاسن ۾ ذميواري سان تدريس جي عمل ۾ مصروف هئا ۽ شاگرد وڏي دلچسپي سان سکيا حاصل ڪري رهيا هئا.
ان موقعي تي ڪلاسن ۾ وڌندڙ انرولمينٽ سبب فرنيچر ۽ ٻين بنيادي تعليمي سهولتن جي ضرورتن جو پڻ جائزو ورتو ويو. شاگردن کي بهتر، آرامده ۽ معياري تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ گهربل فرنيچر ۽ ٻين سهولتن جي جلد فراهمي لاءِ عملي قدم کنيا ويندا.
31/07/2026
محترم والدين ۽ پيارن شاگردن کي اطلاع آهي اسڪول ۾ صاف سٿرائي جو مڪمل ڪيو ويو آهي. سڀاڻي پهرين آگسٽ کان اسڪول معمول موجب کليل هوندو.
اسڪول انتظاميه جو عزم آهي ته شاگردن کي صاف، محفوظ، خوشگوار ۽ معياري تعليمي ماحول فراهم ڪيو وڃي، ڇو ته صاف سٿرو ۽ معياري تعليم ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.
17/07/2026
گذريل طوفان دوران اسڪول جي سولر سسٽم ۽ ڪجهه ڪلاس رومن کي نقصان پهتو هو. اسڪول انتظاميه انهن نقصانن جي بهتر نموني بحالي لاءِ تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي. ان سان گڏ، اسڪول کلڻ کان اڳ صاف سٿرو، محفوظ ۽ بهترين تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري آهي.
ان شاءَ الله، اسڪول کلڻ کان پوءِ شاگردن کي صاف، سهڻو، محفوظ ۽ سازگار تعليمي ماحول مهيا ڪيو ويندو، جيئن هو بهتر نموني پنهنجي تعليمي سرگرمين کي جاري رکي سگهن.
19/06/2026
ماشاءَالله، هر سال وانگر هن سال به ڪلسٽر حب گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول شاهن خان گبول لاءِ هن بجيٽ ۾ 11 نيون پوسٽون منظور ڪيون ويون آهن. انهن پوسٽن جي واڌاري سان نه رڳو روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، پر علائقي جي شاگردن کي وڌيڪ معياري ۽ بهتر تعليمي سهولتون پڻ فراهم ٿي سگهنديون. اها علائقي جي تعليمي ترقي لاءِ هڪ خوش آئند ۽ ساراهه جوڳو قدم آهي.
12/05/2026
ڪلسٽر حب گورنمينٽ هائير سيڪنڊري شاهن خان گبول يو.سي لال پتافي اسڪول بلڊنگ جي اپگريڊ جو عمل جلد شروع ٿيڻ وارو آهي۔ هن اهم قدم سان نياڻين ۽ ٻارن لاءِ مڪمل الڳ، محفوظ ۽ وڌيڪ ماڊرن سهولتون فراهم ڪيون وينديون۔ انشاءالله، هن منصوبي سان تعليم جو ماحول وڌيڪ بهتر ٿيندو ۽ شاگردن کي جديد سهولتن سان سکڻ جا بهتر موقعا ملندا۔
03/05/2026
#محترم والدين ۽ پيارا شاگردو
اوهان جي ڀروسي ۽ تعليمي سرگرمين بابت مڪمل اطمينان جو اظهار ڪرڻ تي اسان دل جي گهراين سان اوهان جا شڪرگذار آهيون۔ ٻارن جي تيزي سان وڌندڙ انرولمينٽ کي نظر ۾ رکندي، اڳ ۾ به اضافي ڪلاس روم تيار ڪيا ويا هئا۔ هاڻي به اسان پارٽيشن وال ذريعي وڌيڪ ڪلاس روم قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ته جيئن هر ٻار کي بهتر سکيا جا موقعا مهيا ڪري سگهجن۔
ٻارن جي معياري تعليم ۽ اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي اسڪول انتظاميه جي اولين ترجيح آهي، ۽ ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي ڪوششن کي جاري رکندا رهنداسين۔