Association Of Active Student's AAS


Association Of Active Student's AAS Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from
Association Of Active Student's AAS, Education Website, 12 mile Junejo farm Mirpurkhas, Mirpur Khas.

(آس - AAS)
هن پيج جو مقصد شاگردن جي حوصلا افزائي ڪرڻ سان گڏوگڏ اهڙي ترغيب ڏيڻ آهي جو هو علم کي ڪتابن ۽ ڪلاسرومز مان ڪڍي پنهنجي ڪردار ۾ عملي طور اپنائين۔ اسانجو نعرو آهي;
STUDENTS ARE THE AGENTS OF CHANGE.

تعليم جي اهم شعبي کي هڪ زندگي ارپيندڙ مهربان ۽ شفيق استاد سائين قربان علي جروار صاحب جن جي پر وقار رٽائرمينٽ جي موقعي تي...
08/10/2026

تعليم جي اهم شعبي کي هڪ زندگي ارپيندڙ مهربان ۽ شفيق استاد سائين قربان علي جروار صاحب جن جي پر وقار رٽائرمينٽ جي موقعي تي اسان کيس خراجِ تحسین پیش ڪندي مبارڪ باد ڏيون ٿا.
پاڻ تمام سٺا محنتي استاد رهيا خاص طور تي شاگردن جي هٿ اکرن تي گھڻو ڌيان ڏيندا هئا، اهو ئي سبب آهي جو سائينءَ جي اڪثر شاگردن جا هٿ اکر ڏاڍا سهڻا آهن. شال سائين ڊگهي ۽ صحتمند ڄمار ماڻي.

27/09/2026

شاگرد ساٿيو! ياد رکو!

سرڪاري اسڪولن ۾ نائين درجي جي انرولمينٽ فارم جي ميرپورخاص بورڊ پاران ڪا بہ فيس ناهي.
تنهنڪري ڪنهن کي بہ هڪ رپيو نہ ڏيو. فيس جي نالي تي پئسا گهريا وڃن تہ اطلاع ڏيو.

27/09/2026
اڄ 17 سيپٽمبر 2026ع تي ايف اي ايس محمد بخش ڪيريو پبلڪ اسڪول ۾ پرنسپال سائين علي حسن ڪيريو جي اڳواڻيءَ ۾ شاگردن لاءِ موسم...
17/09/2026

اڄ 17 سيپٽمبر 2026ع تي ايف اي ايس محمد بخش ڪيريو پبلڪ اسڪول ۾ پرنسپال سائين علي حسن ڪيريو جي اڳواڻيءَ ۾ شاگردن لاءِ موسمياتي تبديليءَ بابت آگاهي سيشن، پينل ڊسڪشن ۽ وڻڪاري مهم منعقد ڪئي وئي.

موسمياتي تبديلي، وڌندڙ گرمي پد، پاڻيءَ جي کوٽ، هوا جي آلودگي، وڻن جي گهٽتائي ۽ ماحول کي درپيش ٻين چئلينجن بابت آگاهي وارو ليڪچر سائين نعيم علي جوڻيجو پاران ڏنو ويو. پينل ڊسڪشن دوران پڻ ماحولياتي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ گڏيل ذميواريءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آخر ۾ شاگردن ۽ استادن پاران وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺي ماحول جي تحفظ جو پيغام ڏنو ويو.

Association of Active Students
فاس، محمد ڪيريو پبلڪ اسڪول جي ان جستجو ۽ جدوجهد کي عزت جي نگاه سان ڏسندي سموري سٿ کي سلام پيش ٿي ڪري۔

هيءَ حياتي مٺڙي ڏاڍي پر ڪجھ تو کان گهٽ،ساري دنيا آ وڻندي ڏاڍي پر ڪجھ تو کان گهٽ. — استاد بخاريسائين نظام الدین جروار اسا...
16/09/2026

هيءَ حياتي مٺڙي ڏاڍي پر ڪجھ تو کان گهٽ،
ساري دنيا آ وڻندي ڏاڍي پر ڪجھ تو کان گهٽ.
— استاد بخاري

سائين نظام الدین جروار اسانجي علائقي جو هڪ بهترين استاد ٿي رهيو، پنهنجي سروس جو گهڻو عرصو گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڪاٺڙيءَ ۾ وقف ڪيائين. سائين سڳوري جو، هر شاگرد سان پيار ڀريو رويو رهيو.
سدائين غريب ٻارن کي همٿائيندو رهيو ، انڪري شاگردن جو به سدائين پسنديده استاد رهيو.
سائين خيرن سان سرڪاري خدمتن کان آجو ٿي ويو آهي پر هن هيل تائين جيڪا پيار جي پوک ڪئي آهي سا سڄي ڄمار پيو لڻندو.
مٿي پيش ڪيل استاد بخاريءَ جون سون ورنيون سٽون درحقيقت هر ان شاگرد جي دل جي ترجماني آهن، جيڪو سائين وٽ پڙهيو.

اهڙي هر دل عزيز استاد کي سندس رٽائرمينٽ تي ايسوسيئيشن آف ايڪٽو اسٽوڊنٽس جي طرفان مبارڪباد ڏجي ٿي.

پرينءَ سان پکا ڪير ويهي اَڏي،گهڙي لنؤ لڳائي، هلون ٿا لڏي. — شيخ اياز سائين غلام فاروق بروهي جي 37 سالن جي شاندار تعليمي ...
15/09/2026

پرينءَ سان پکا ڪير ويهي اَڏي،
گهڙي لنؤ لڳائي، هلون ٿا لڏي.
— شيخ اياز

سائين غلام فاروق بروهي جي 37 سالن جي شاندار تعليمي خدمتن کي سنڌڙي سدائين ياد رکندي.

اوڻويهين آگسٽ 2026 تي، گورنمنٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول هنڱورنو تعلقو سنڌڙي ضلعو ميرپورخاص ۾ سائين غلام فاروق بروهي جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي سندس 37 سالن تي مشتمل شاندار تعليمي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جو اهتمام سول سوسائٽي هنڱورنو، گسٽا تعلقو سنڌڙي، گورنمنٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول هنڱورنو جي ايس ايم سي ڪاميٽي ۽ اسڪول انتظاميه پاران ڪيو ويو.
سائين غلام فاروق بروهي هڪ عظيم، مخلص ۽ محنتي استاد طور پنهنجي زندگي جا 37 سال تعليمي درسگاهن کي ارپي، هزارين شاگردن جي مستقبل کي سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هڪ عظيم استاد لاءِ علم جي درسگاھ ۽ شاگرد سندس ڪل سرمايو هوندا آهن. سائين غلام فاروق بروهي به علم جو اهڙو روشن ستارو آهي، جنهن جي چانڊاڻ ۾ هزارين شاگرد علم جون شمعون هٿن ۾ کڻي پنهنجي گهرن، ادارن ۽ سماج کي روشن ڪندا رهيا آهن. سندس تعليمي خدمتن جو اهو سلسلو سندس رٽائرمينٽ کان پوءِ به شاگردن جي ڪاميابين جي صورت ۾ جاري رهندو.
تقريب جي شروعات ۾ گورنمنٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول هنڱورنو جي شاگردن پاران سائين غلام فاروق بروهي کي اسڪائوٽ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ ايس ايم سي ڪاميٽي جي ميمبرن، سول سوسائٽي جي نمائندن، استادن، شاگردن، گسٽا اڳواڻن، تعليمي ماهرن ۽ علائقي جي معزز ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب دوران سائين غلام فاروق بروهي جي ڊگهي ۽ مثالي تعليمي خدمتن کي ساراهيندي کيس سوين اجرڪن، لونگين ۽ ڪتابن جا تحفا پيش ڪيا ويا. سول سوسائٽي، اقرا ليو ۽ اسڪول انتظاميه پاران سندس بهترين ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي اعتراف ۾ مختلف لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ پڻ ڏنا ويا.
خطابن ۾ سائين غلام فاروق بروهي کي ڀيٽا
تقريب کي خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مصطفىٰ جمال پنهور چيو ته غلام فاروق بروهي جهڙو استاد سون ۾ ڪو هڪ پيدا ٿيندو آهي. هن چيو ته پنهنجي مختلف وزٽن دوران هن محسوس ڪيو ته سائين غلام فاروق هڪ محنتي، ايماندار ۽ وقت جو پابند استاد رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سائين هڪ بهترين پرائمري استاد جو پٽ آهي، پاڻ به استاد ٿيو ۽ دعا آهي ته سندس اولادن مان به ڪو سائين جهڙو قابل استاد بڻجي.
ڊپٽي ڊي اي او ۽ سينئر استاد سائين علي خان ناريجي چيو ته پنهنجي سروس دوران غلام فاروق بروهي جهڙا استاد تمام گهٽ ڏٺا آهن. کيس آفيس رڪارڊ، انتظامي معاملن ۽ تدريسي حوالي سان ڀرپور مهارت حاصل هئي. هن چيو ته انهن شاگردن ۽ استادن جي خوش قسمتي آهي، جن کي اهڙو منتظم ۽ استاد مليو.
گسٽا جي متحرڪ اڳواڻ گل حسن لاشاري چيو ته کيس سڄي سنڌ ۾ جيڪا عزت حاصل آهي، ان جو هڪ سبب فاروق بروهي جهڙا محنتي، ايماندار ۽ ڀروسي لائق دوست به آهن. جڏهن ته نوابشاهه مان آيل ايڇ ايس ٽي لياقت علي بروهي چيو ته گسٽا سنڌ ۾ سرگرم ۽ مضبوط پليٽ فارم آهي، پر اسان وٽ فاروق بروهي جهڙا قابل اڳواڻ ۽ استاد گهٽ آهن. هن چيو ته کيس فخر آهي ته سنڌ ۾ اڄ به اهڙا مهان ماڻهو موجود آهن.
ايس ايم سي ڪاميٽي جي چيئرمين ميان ڪليم الله هاليپوٽو چيو ته اسان کي فخر آهي ته هن اسڪول ۾ سائين غلام فاروق بروهي جهڙي استاد پنهنجي سروس جو وڏو حصو محنت، ايمانداري ۽ ذميواري سان گذاريو. سندس خدمتون هميشه تاريخ ۾ ياد رکيون وينديون.
ايس ايم سي ميمبر ۽ سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر اسماعيل شر چيو ته سائين غلام فاروق بروهي جون خدمتون ناقابلِ فراموش آهن. هن چيو ته ٻوڏن جي ڏکين ڏينهن ۾ جڏهن ماڻهو پنهنجا گهر ۽ ٻار بچائڻ ۾ مصروف هئا، تڏهن هي عظيم استاد اسڪول جو فرنيچر ۽ رڪارڊ بچائڻ ۾ مصروف هو. اهڙا ئي استاد ادارن کي مضبوط ۽ سماج کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪندا آهن.
سائين غلام فاروق بروهي هڪ بهترين استاد ۽ تعليمي منتظم هجڻ سان گڏوگڏ ادب دوست شخصيت پڻ رهيا آهن. ادب سان سندن لاڳاپو پراڻو ۽ گهرو رهيو آهي. شاعريءَ ۾ سندن پسنديده شاعرن ۾ ساگر صديقي، حسن درس، فيض احمد فيض، پروين شاڪر ۽ شاڪر شجاع آبادي شامل رهيا آهن، جڏهن ته افسانوي ادب ۾ سعادت حسن منٽو، جمال ابڙو، نسيم کرل ۽ ٻين نامور افسانه نگارن کي شوق سان پڙهندا رهيا آهن.
سائين غلام فاروق بروهي صاحب پنهنجي ڦوهه جوڀن واري دور ۾ لکڻ جي شروعات مختلف ادبي نالن سان ڪئي. فاروق جان زهري ۽ انب فقير جهڙا نالا سندن ابتدائي ادبي سفر سان وابستہ رهيا. سندن ادبي ذوق، مطالعي جي شوق ۽ لکڻ سان وابستگي سندن شخصيت کي هڪ حساس، تخليقي ۽ فڪري استاد طور وڌيڪ سگهارو بڻايو.
تعليم سان گڏ ادب سان اهڙي گهري وابستگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سائين غلام فاروق بروهي لاءِ علم رڳو ڪتابن تائين محدود نه رهيو، پر ادب، فڪر ۽ شعور وسيلي شاگردن ۽ سماج جي ذهني تربيت جو به ذريعو بڻيو.
پروگرام شرڪت ڪندڙ مهمان مان ايس ايس عبدالرزاق نوحڙي، ايڇ ايس ٽي ۽ گسٽا ضلعي اڳواڻ شير محمد درس، برڪت الله شر، گورنمنٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول ڦلهڏيون جي هيڊ ماستر عبدالله مري، نوجوان ليکڪ، اديب ۽ تعليمي ماهر حسيب ڪانهيون، گورنمنٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول گرهور شريف جي هيڊ ماستر امام بخش ڀيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
آيل مهمانن کي گورنمنٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول هنڱورنو جي پرنسپل محمد عمر لنڊ پاران آجياڻو ڏنو ويو، جڏهن ته مهمانن کي سنڌ جي ثقافت جي علامت اجرڪن ۽ لونگين جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.
پروگرام ۾ گسٽا ڊويزنل اڳواڻ سريش ڪمار لوھيا، گسٽا تعلقه سنڌڙي جي اڳواڻ حبيب الله ڇڄڙي، صدام حسين شر، عبدالرحمان بروهي، فقير رحيم شر، محمد عثمان ڪنڀار، سينئر پرائمري استاد ڌڻي پرتو خاصخيلي، سينئر استاد جان محمد ڳاهو، سليڪٽ پروگرام جي چيئرمين دادو مل ميگهواڙ، سينئر استاد ڪرشن ڪڇي، ايس ايس اسحاق نوحڙي، سينئر استاد سوڍو خان شر، گورنمنٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول سنڌڙي جي هيڊ ماستر مير محمد صديقي، استاد محمد عامر عمراڻي، حاجي اڪبر شر، استاد حبيب قاسم سولنگي، عبدالله شر، عبدالقادر شر، صيفل بروهي، علي رضا بروهي، سينئر صحافي طالب شر، وفا يار محمد شر ۽ ٻين مقامي ماڻهن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
سائين غلام فاروق بروهي جو صدارتي خطاب
صدارتي خطاب ڪندي سائين غلام فاروق بروهي سڀني ادارن، سول سوسائٽي، ايس ايم سي ميمبرن، استادن، شاگردن ۽ دوستن جو ٿورائتو ٿيو، جن سندس رٽائرمينٽ جي موقعي تي ايترو وڏو مان ۽ محبت ڏني. هن چيو ته سندس 37 سالن جي سروس کيس ايتري ننڍڙي محسوس ٿي رهي آهي، ڄڻ ڪالهه جي ڳالهه هجي. هن فخر سان چيو ته جتي به ڊيوٽي ڪئي، اتي پوري ايمانداري، محنت ۽ ذميواري سان پنهنجا فرض نڀايا ۽ کيس فخر آهي ته هو استاد آهي.
سائين غلام فاروق بروهي جهڙو مخلص، ڪميٽيڊ ۽ باڪمال استاد رڳو هڪ فرد نہ، پر پنهنجي اداري جي سڃاڻپ هوندو آهي. اهڙن استادن جي محنت ۽ ارادي جي سچائي سان بهترين تعليمي ادارا وجود ۾ اچن ٿا، جتي سٺا ذهن ۽ مستقبل جا معمار تيار ٿين ٿا. اهي شاگرد اڳتي هلي پنهنجي ذهانت، قابليت ۽ ڪردار سان زندگي جي مختلف شعبن ۾ ڪاميابيون ماڻيندا رهن ٿا.
سائين غلام فاروق بروهي استاد هجڻ سان گڏ هڪ تعليمي اداري جي حيثيت رکن ٿا. سندس محنت، ايمانداري، وقت جي پابندي، ادب دوستي ۽ شاگردن سان محبت ايندڙ نسلن لاءِ روشن راھ آهي. سندس رٽائرمينٽ هڪ سرڪاري ملازم جي سروس جو اختتام ضرور آهي، پر هڪ عظيم استاد جي فڪر، تربيت، علم ۽ ادب سان وابستگي جو سفر ڪڏهن به ختم نه ٿيندو.
سائين غلام فاروق بروهي صاحب کي 37 سالن جي شاندار تعليمي ۽ ادبي خدمتن جي پڄاڻيءَ تي
Association of active students (AAS)
جي سموري سٿ پاران دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. سندس لاءِ هر دم نيڪ خواهشون ۽ دعائون آهن. اهڙا استاد اسان جي سماج لاءِ سدائين اتساھ، اميد ۽ روشنيءَ جي علامت رهندا.

جِتِ نہ پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي؛ٻِيو ٻارِيندو ڪيرُ، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري؟ — شاھسائين نظير علي جروار نهايت نفيس م...
15/09/2026

جِتِ نہ پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي؛
ٻِيو ٻارِيندو ڪيرُ، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري؟
— شاھ

سائين نظير علي جروار نهايت نفيس مزاج ۽ شفيق شخصيت جا مالڪ آهن، پاڻ پنهنجي سڄي سروس دوران شاگردن سان بي پناھ محبت ۽ خلوص سان پيش ايندڙ هڪ مثالي استاد رهيا آهن.

ايسوسيئيشن آف ايڪٽو اسٽوڊنٽس (AAS) جي طرفان سائينءَ کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ سندن مستقبل لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪريون ٿا.

Address

12 Mile Junejo Farm Mirpurkhas
Mirpur Khas
69000

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Association Of Active Student's AAS posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share