Sks

Call Contact the school

Sks Elementary school

05/09/2026
03/09/2026
سرڪيولر – اسڪول يونيفارممحترم والدين، السلام عليڪم!اميد آهي ته اوهان ۽ اوهان جا ٻار خيريت سان هوندا.محترم والدين، اوهان ...
03/09/2026

سرڪيولر – اسڪول يونيفارم
محترم والدين، السلام عليڪم!
اميد آهي ته اوهان ۽ اوهان جا ٻار خيريت سان هوندا.
محترم والدين، اوهان کي گذارش آهي ته پنهنجي ٻار لاءِ نئين اسڪول يونيفارم خريد ڪريو ۽ يقيني بڻايو ته ٻار روزانو مڪمل ۽ مناسب اسڪول يونيفارم پائي اسڪول اچي.
سڀني شاگردن لاءِ مڪمل اسڪول يونيفارم لازمي آهي.
يونيفارم صاف، سٿري ۽ مڪمل هئڻ گهرجي.
مهرباني ڪري مناسب جوتا، جرابون ۽ يونيفارم جون ٻيون ضروري شيون پڻ يقيني بڻايو.
اوهان جو تعاون اسڪول ۾ نظم و ضبط، صفائي ۽ سٺي ماحول کي برقرار رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
اوهان جي تعاون ۽ سهڪار جا ٿورائتا آهيون.
انتظاميه

30/08/2026

📢 سرڪيولر
والدين ۽ شاگردن لاءِ اهم هدايتون
محترم والدين،
اميد آهي ته توهان سڀئي ۽ توهان جا ٻار خيريت سان هوندا. شاگردن جي بهتر تعليم، نظم و ضبط ۽ تعليمي ڪارڪردگي لاءِ اوهان کان هيٺ ڏنل سهڪار جي درخواست آهي:
باقاعده ۽ وقت جي پابندي سان حاضري
مهرباني ڪري پنهنجي ٻارن کي روزانو باقاعدگي سان ۽ وقت تي اسڪول موڪليو. مانيٽرنگ آفيسر روزانو اسڪول جو دورو ڪندا آهن ۽ شاگردن جي حاضري چيڪ ڪندا آهن. هر شاگرد جي هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ 90 سيڪڙو حاضري لازمي آهي. گهربل حاضري پوري نه ڪندڙ شاگرد جو نالو اسڪول جي رجسٽر مان خارج ڪيو وڃي سگهي ٿو.
فيئر ڪاپيون
مهرباني ڪري پنهنجي ٻار کي پڙهائي لاءِ گهربل فيئر ڪاپيون/نوٽ بڪ ضرور وٺي ڏيو.
اسڪول يونيفارم
مهرباني ڪري يقيني بڻايو ته توهان جو ٻار مناسب اسڪول يونيفارم ۾ اسڪول اچي. يونيفارم جو نئون ڊزائن متعارف ڪرايو ويو آهي.
جن ڇوڪرن وٽ پراڻو يونيفارم موجود آهي، اهي في الحال اهو يونيفارم پائي اچي سگهن ٿا.
جن شاگردن وٽ اڃا تائين ڪو به يونيفارم ناهي، انهن لاءِ نئون يونيفارم خريد ڪرڻ جي درخواست آهي،
صاف ۽ سٿرو لباس
مهرباني ڪري پنهنجي ٻارن کي روزانو صاف، سٿري ۽ مناسب لباس/يونيفارم ۾ اسڪول موڪليو.
جوتا لازمي
شاگردن لاءِ جاگرز يا مناسب اسڪول جا جوتا پائڻ لازمي آهي. چپل يا سينڊل جي اجازت نه هوندي.
ڪتابن کي ڪور ڪرائڻ
سڀني شاگردن ۾ ڪتاب ورهايا ويا آهن. مهرباني ڪري ٻارن جي سڀني ڪتابن کي مناسب نموني ڪور ڪرائي ڏيو، ته جيئن ڪتاب صاف ۽ محفوظ رهن.
اسان کي اميد آهي ته اوهان پنهنجي ٻارن جي بهتر تعليم ۽ مستقبل لاءِ مڪمل سهڪار ڪندا.
اوهان جو سهڪار، اسان جي ٻارن جي بهتر مستقبل جي ضمانت آهي.
انتظاميا
Smart Kids School (SKS) Matli

21/08/2026

Activity based learning

21/08/2026

SKs school

Today's assembly glimpses School : SKs Matli
21/08/2026

Today's assembly glimpses
School : SKs Matli

Address

Raza Dream City Colony, At Dando Road Near Al Madina Hotel MATLI
Matli
07010

Telephone

+923033005410

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sks posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Sks:

Shortcuts

Share

Category