Fine Future Public School Campus Maqsoodo Rind

Fine Future Public School Campus Maqsoodo Rind Quality Of Education
Free Education (Up to Class 8th)
Free Any Educational Fees
Neat and Clean Environment
Well Qualified Staff

14/05/2026
14/05/2026

گذريل سومر بتاريخ 04-05-2026 تي مقصودو رند ۾ قائم، پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکندڙ تعليمي اداري “فائن فيوچر پبلڪ اسڪول مقصودو رند” جي سالياني انعامي تقريب ۾ شرڪت جو شرف حاصل ٿيو۔
تقريب دوران شاگردن جي شاندار ڪارڪردگي، رنگارنگ پروگرامَن، تقريرن، نظمن ۽ ثقافتي پيشڪشن دل کي بيحد مُسرور ڪري ڇڏيو۔
انهيءَ پُروقار موقعي تي اداري جي قابلِ فخر پرنسپال سائين عدنان ڏاهري صاحب جي بي لوث محنت، تعليمي خدمتن ۽ اداري جي ترقيءَ لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيندي،سندن والدِ محترم سائين رکيو ڏاھري جي هٿان کين مڃتا ايوارڊ طور شيلڊ پيش ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو۔
بيشڪ، اهڙا علم دوست ۽ محنتي انسان ئي سماج جي روشن مستقبل جا معمار هوندا آهن۔
الله پاڪ سندن علمي ۽ اداري وارين خدمتن ۾ وڌيڪ برڪتون عطا فرمائي۔

Attention Please..!!اسلام عليڪم محترم والدين اميد ته سڀ خيريت سان ھوندا گرمي جي شدت کي ڏسندي ڊپٽي ڪمشنر جي ھدايتن مطابق ...
14/05/2026

Attention Please..!!
اسلام عليڪم محترم والدين
اميد ته سڀ خيريت سان ھوندا
گرمي جي شدت کي ڏسندي ڊپٽي ڪمشنر جي ھدايتن مطابق سڀاڻ کان اسڪول جو ٽائم تبديل ٿي ويو آهي.
اسڪول ٽائمنگ
سومر کان خميس 7:30 کان 12:00 تائين
جمعي مبارڪ تي 7:30 کان 11:30 تائين
نوٽ: اسڪول اسيمبلي کان ڏھ منٽ پھريان 7:20 تي پھچڻو آھي ٻارڙن کي ٽائم جي پابندي تي اسڪول موڪليندا مھرباني.

پاران
اسڪول انتظاميا

2026ع جي سالياني امتحانن جي نتيجن کان پوءِ مختلف ڪلاسن ۾ مارڪ شيٽن جي ورهاست جون خوبصورت جھلڪيون شاگرد پنهنجي سڄي سال جي...
12/05/2026

2026ع جي سالياني امتحانن جي نتيجن کان پوءِ مختلف ڪلاسن ۾ مارڪ شيٽن جي ورهاست جون خوبصورت جھلڪيون
شاگرد پنهنجي سڄي سال جي محنت جو نتيجو حاصل ڪندي خوشي ۽ جوش سان ڀرپور نظر آيا۔
ڪنهن جي چهري تي مرڪ، ڪنهن جي اکين ۾ نون خوابن جي چمڪ، ته ڪنهن جي دل ۾ اڳتي وڌڻ جو جذبو نمايان هو۔
هي لمحات صرف نتيجن جا نه، پر محنت، اميد ۽ مستقبل جي روشن سفر جا عڪس آهن۔

12/05/2026

A random glimpse of our daily activity-based teaching and learning session.
Students of Class Five actively participated in an interesting Science lecture on “Plants,” learning through discussion, observation, and classroom activities.
Sir Sabhag Hussain

✨ سالياني انعامي تقريب 2026 جون دلڪش جھلڪيون ✨اسان جي اسڪول جي سالياني انعامي تقريب ۽ “Annual Day” جي حسين لمحن جون يادگ...
11/05/2026

✨ سالياني انعامي تقريب 2026 جون دلڪش جھلڪيون ✨
اسان جي اسڪول جي سالياني انعامي تقريب ۽ “Annual Day” جي حسين لمحن جون يادگار تصويرون، جتي شاگردن پنهنجي صلاحيتن جو شاندار مظاهرو ڪيو۔ 🌸
هن پروقار تقريب ۾ شاگردن تقريرون، شاعريون، قومي گيت، ٽيبلو، علمي پريزينٽيشنون ۽ تعليمي ڊراما پيش ڪري محفل کي علم، ادب ۽ ثقافت جي رنگن سان روشن ڪري ڇڏيو۔ 🎤📚🎭
ننڍڙن شاگردن جي اعتماد، قابليت ۽ محنت ڏسي والدين ۽ استادن جون دليون خوشيءَ سان جهومي اٿيون۔ 🌟

09/05/2026

✨ سالياني تقريبِ جشنِ ڪاميابي 2026 ✨
ڪلاس اٺين جو شاگرد تنوير حسين ميمڻ سالياني تقريب جي موقعي تي “خاموشي کي ٽوڙيندو” جي موضوع تي خوبصورت سنڌي شاعريءَ پيش ڪئي۔ 🌟

09/05/2026

✨ سالياني تقريبِ 2026 ✨
ڪلاس ستين جي شاگردياڻي فاطمه الله داد رند سالياني تقريب جي موقعي تي “علم کي اھميت” جي موضوع تي خوبصورت اردو تقرير پيش ڪئي۔ 🌟

09/05/2026

✨ سالياني تقريبِ 2026 ✨
ڪلاس ڇهين جو انتهائي پرجوش شاگرد ضامن علي رند سالياني تقريب دوران “قدم وڌائي اڳتي هل” جي عنوان سان سنڌي شاعري پيش ڪري محفل ۾ جوش، جذبي ۽ پختگي جو روح تازو ڪري ڇڏيو۔ 🌟

Address

Maqsudo Rind

Opening Hours

Monday 08:00 - 17:00
Tuesday 08:00 - 17:00
Wednesday 08:00 - 17:00
Thursday 08:00 - 17:00
Friday 08:00 - 17:00
Saturday 08:00 - 17:00

Telephone

+923468052062

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Fine Future Public School Campus Maqsoodo Rind posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share