Green sindh school

Green sindh school Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Green sindh school, School, Green sindh school makli thatta sindh, Makli.

گرين سنڌ اسڪول پروگرام جو مقصد سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھندڙ ٻارن کي مسقتبل ۾ موسمي تباھڪارين کان بچڻ جي مسلسل تربيت ڏيڻ ۽ ٻارن کي جديد تعليم ڏيڻ سان گڏ وڻ پوکڻ ۽ وڻن جي سار سنڀار ڪرڻ جي تربيت ڏيڻ آھي، گرين سنڌ اسڪول آس پاس جي قدرتي پيدا ٿيندڙ وڻن کي ايڊ آپٽ ڪري

19/08/2026

ضلعي ھيڊڪواٽر اسپتال اين جي او حوالي آھي جتي صرف ڪرپشن ئي ڪرپشن ۽ مرف جا مزا مزا ئي آھن
آغا حُسن عباس

18/08/2026

ِسنڌ حڪومت ڏِھاڙيِدار مزدُور لاء روزانہ اُجرت 16 سو ۽ مھانا 43000 ھزار مقرر ڪئي آھي پر افسوس تہ سيِٺ مزدُور کي پـُوريِ مزدُوريِ نـَٿو ڏيِئَ، مزدُور سان زيادتي ڪرڻ قانونن تمام وڏو جُرم آھي،

15/08/2026

هاليجي ڍنڍ کان ڊي سي آفيس تائين، جشنِ آزادي، اختيار ۽ سوالن جي گهيري ۾ آيل ٺٽو انتظاميا
13 آگسٽ، خميس ڏهاڙي هاليجي ڍنڍ تي عزت مآب ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو صاحب پاران جشنِ آزادي جي حوالي سان ثقافتي، ماحولياتي، انسان دوست ۽ عوامي شعور تي ٻڌل پروگرام منعقد ڪيو ويو. ميڊيا ذريعي ملندڙ خبرن مطابق ڊپٽي ڪمشنر صاحب پروگرام کي ڪاميابي سان منعقد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو. يقيناً سٺو ٿيو، اين جي اوز به صاحب جي ڪم اچي ويون ۽ جشنِ آزادي به ٿي ويو ۽ اھڙا پروگرام روز ٿيڻ کپن،
پر صاحب! پروگرام ته ٿي ويو، هاڻي ٿورو ضلعي انتظاميا جي اصل ”پروگرام“ ڏانهن به اچون.
جڏهن موجوده ڊپٽي ڪمشنر صاحب ٺٽي اچڻ جون تياريون ڪري رهيا هئا، تڏهن صاحب لاءِ هڪ ”آئيڊيل“ انتظامي ماحول ٺاهڻ خاطر ضلعي انتظاميا ۾ تبديليءَ جو عمل شروع ٿيو. سڀ کان پهريان مختيارڪار مقصود جوکيو جي بدلي ڪئي وئي، پوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز هاليپوٽو جي بدلي ٿي ۽ فوري طور اسسٽنٽ ڪمشنر فهيم شاڪر جي ٺٽي ۾ پوسٽنگ ڪئي وئي. ان کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومري جي بدلي ٿي ۽ محترم سرمد علي ڀاڳت صاحب کي ڊپٽي ڪمشنر ضلعو ٺٽو مقرر ڪيو ويو.
صاحب سرڪار جون واڳون سنڀالڻ کان پوءِ پنهنجي ٽيم ٺاهڻ شروع ڪئي. اي ڊي سي ون آيو، اي ڊي سي ٽو آيو، ۽ پوءِ مختيارڪار اسٽيٽ کي به تبديل ڪري محترم خادم حسين راڄڙ صاحب کي مختيارڪار اسٽيٽ مقرر ڪيو ويو.
خادم حسين راڄڙ بابت ماضي ۾ وقت بوقت مختلف ميگا اسڪينڊلن ۽ مبينا ڪرپشن بابت الزام ۽ سوال سامهون ايندا رهيا آهن.
سوال اهو آهي ته جن ماڻهن جي ڪارڪردگي بابت عوام ۽ ميڊيا ۾ سوال موجود آهن، انهن بابت شفاف جاچ ڇو نه ٿيڻ گهرجي؟
ڊي سي صاحب صرف چار اهم بدليون ۽ مقرريون ڪرائي سگهيا، باقي ضلعي تي سالن کان قابض ”سسٽم“ اڄ به پنهنجي جاءِ تي مضبوط بيٺل آهي. آخر ڇو؟
جن بابت الزام آهي ته هو پنهنجي مرضي جا جوڊيشل آرڊر ٺهرائين ٿا، جن جي حوالي سان جعلي داخلائن جا سوال موجود آهن، جن وٽ زمينن جي رڪارڊ جو سمورو نظام آهي، انهن کي ڊي سي صاحب پنج منٽن لاءِ به هٽائي نه سگهيا؟
بدلي ته پري جي ڳالهه، ڇا انهن کي سندن سيٽ تان هٽائڻ به ايترو ڏکيو آهي؟
۽ جيڪڏهن اڄ به اهي ساڳيا ماڻهو پنهنجي مرضي سان ڪم ڪري رهيا آهن، مبينا جعلي جوڊيشل آرڊر ٺهي به رهيا آهن ۽ انهن جي تصديق به ٿي رهي آهي، ته پوءِ سوال ته ٿيندو نه!
ڇا ڊي سي صاحب به آخرڪار انهيءَ ساڳئي قابض ”سسٽم“ جو حصو بڻجي ويا آهن؟
جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ واقعي هاڻي ڊي سي آفيس ٺٽو جو سڄو ماحول ”کير کنڊ“ ٿي ويو هوندو!
پر کير ڪنهن جو آهي ۽ کنڊ ڪنهن جي،
سرڪار ڄاڻي، سرڪار جا صاحب ڄاڻن!

هاڻي اچون ٿا اصل واقعي ڏانهن تہ
سوشل ميڊيا ذريعي سامهون آيل خبرن موجب هاليجي ڍنڍ تي هڪ معمولي معاملي، يعني ڪار پارڪنگ جي معاملي تان، اسسٽنٽ ڪمشنر فهيم شاڪر صاحب ۽ انفارميشن آفيسر محترم محفوظ سومرو صاحب وچ ۾ مبينا طور تي تلخي پيدا ٿي.
اطلاعن موجب پوليس جي موجودگي ۾ محفوظ سومرو صاحب سان بدسلوڪي ڪئي وئي، غير پارلياماني ٻولي استعمال ڪئي وئي ۽ اهڙو رويو اختيار ڪيو ويو، جنهن سان سومرو صاحب جي دل آزاري ۽ تذليل ٿي.
هاڻي سوال ڊپٽي ڪمشنر صاحب کان آهي: ڇا هڪ سرڪاري آفيسر سان اهڙو رويو واقعي ايترو معمولي معاملو آهي جو ان جو نوٽيس وٺڻ به ضروري نه سمجهيو وڃي؟
جيڪڏهن واقعي جون خبرون غلط آهن ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب سامهون اچي حقيقت واضح ڪن.
۽ جيڪڏهن واقعي ۾ ڪنهن سرڪاري آفيسر سان توهين آميز رويو اختيار ڪيو ويو آهي ته پوءِ خاموشي ڇو؟
شايد ڊپٽي ڪمشنر صاحب ان واقعي کان بيخبر هجن، يا شايد واقعي کي معمولي سمجهندا هجن.
پر اسان جي نظر ۾ ڳالهه معمولي ٿي سگهي ٿي، پر معاملو ننڍڙو ناهي.
ڇو ته هڪ اسسٽنٽ ڪمشنر کي ڪوبه حق ناهي ته هو ڪنهن انسان، سرڪاري ملازم، صحافي، انفارميشن آفيسر يا عام شهري سان توهين آميز ۽ غير مهذب رويو اختيار ڪري.

محفوظ سومرو صاحب هڪ شفيق، انسان دوست ۽ فرض شناس آفيسر طور سڃاتا وڃن ٿا. اختلاف ٿي سگهي ٿو، بحث ٿي سگهي ٿو، انتظامي معاملو ٿي سگهي ٿو، پر ڪنهن انسان جي عزتِ نفس کي مجروح ڪرڻ جو حق ڪنهن به عهدي کي حاصل ناهي.
انساني حق صرف ڪتابن ۽ تقريرن ۾ لکيل لفظن جو نالو ناهي.
انساني حق اهو به آهي ته هڪ انسان کي سندس عهدي، حيثيت يا طاقت کان سواءِ عزت ڏني وڃي.
تنهن ڪري جيڪڏهن هاليجي ڍنڍ وارو واقعو حقيقت تي ٻڌل آهي ته اسان ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو صاحب کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو واقعي جو فوري نوٽيس وٺن، ٻنهي ڌرين جو موقف ٻڌن، حقيقت سامهون آڻين ۽ جيڪڏهن ڪنهن آفيسر کان ضابطن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي ته کاتي جي قانون ۽ ضابطن موجب ڪارروائي ڪن.
هاڻي آخري ڳالهه!
ڊپٽي ڪمشنر صاحب کان اسان جي اميد آهي ته هو انهن ماڻهن خلاف به ڪارروائي ڪندا، جيڪي سالن کان هڪ ئي جاءِ، هڪ ئي پوسٽ ۽ هڪ ئي نظام تي براجمان آهن.

ادارو ڪنهن فرد جي ذاتي جاگير ناهي.

ڊي سي آفيس عوام جي آفيس آهي، سرڪار جي آفيس آهي، قانون جي آفيس آهي.

جيڪڏهن ڊي سي آفيس جو نظام واقعي ڪجهه پرائيويٽ ماڻهن يا هڪ مخصوص گروهه جي مرضي مطابق هلڻ لڳي ته پوءِ ان نظام کي تبديل ڪرڻ به انتظاميا جي ذميواري آهي.

صاحب!

توهان ضلعي جا انتظامي سربراهه آهيو.

توهان وٽ اختيار آهي. توهان وٽ قلم آهي. توهان وٽ قانون آهي.
ته پوءِ سوال اهو آهي ته اهو ”سسٽم“ ڪڏهن ٽٽندو، جيڪو سالن کان پنهنجي جاءِ تي ڄميل آهي؟
چار بدليون ڪرائڻ سان انتظاميا تبديل نٿي ٿئي،
انتظاميا تڏهن تبديل ٿيندي، جڏهن قانون سڀني لاءِ برابر ٿيندو.
اسان اميد نه، هاڻي توقع ڪريون ٿا ته ڊپٽي ڪمشنر صاحب هاليجي ڍنڍ واري واقعي جو نوٽيس وٺندا، انساني وقار جي تحفظ کي يقيني بڻائيندا ۽ ڊي سي آفيس کي انهن سمورن مبينا اثرن کان آزاد ڪرائيندا، جيڪي عوام جي نظر ۾ اداري جي شفافيت تي سوال اٿارين ٿا.

ڇو ته جيڪڏهن آفيس ۾ قانون کان وڌيڪ ”سسٽم“ طاقتور ٿي وڃي ته پوءِ جشنِ آزادي جا پروگرام ته هر سال ٿيندا رهندا، پر حقيقي آزادي، شفافيت ۽ انصاف جا سوال موجود رهندا.
۽ آخر ۾ صرف ايترو:
ڊي سي آفيس عوام جي امانت آهي، ڪنهن مافيا، گروهه يا قابض سسٽم جي جاگير نه!
باقي کير ڪيترو آهي، کنڊ ڪيتري آهي ۽ ديڳ ڪنهن لاءِ چڙهيل آهي—

سرڪار ڄاڻي، سرڪار جا صاحب ڄاڻن!

حُسن الدين ”حُسن عباس“
ڊائريڪٽر مانيٽرنگ سيل، هيومن رائيٽس جسٽس اينڊ ڊفينڊرز آرگنائيزيشن، ٺٽو
جنرل سيڪريٽري، پاڪستان جرنلسٽ ايسوسيئيشن، ٺٽو
ميمبر، سنڌ ميڊيا انٽرنيشنل هيومن رائيٽس ڪميشن
رپورٽر، ڪوشش اخبار

14/08/2026

پاپوليشن کاتو بہ ھڪ گورک ڌنڌو آھي جنھن ۾ ڪرپشن ننگي نچي رھي آھي؟؟
اچو تہ توھان کي پاپوليشن کاتي جون ڪجھ ڪھاڻيون ٻڌايان،
آغا حُسن عباس

14/08/2026

محترم ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب فرمائين ٿا تہ منھنجو پُٽ سائين محمد اڍائي سالن جي عمر کان ٻٽي نظام خلاف جدوجھد ڪندو پيو اچي ان ڪري منھنجو سياسي جانينشين منھنجو پُٽ ئي آھي،!!

12/08/2026

وڏو انڪشاف !
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو محترم سرمد ڀاڳت صاحب جي آفيس ۾ ويٺل پرائيويٽ ماڻھون فھد ميمڻ سڄي ضلعي جي زمينن جو مالڪ بڻيل آھي، ڪوڙن جوڊيشل آرڊرن جي ڀرمار لڳل آھي،!!!
اڃا تہ وڏا ڦاٽ ڦاٽندا

11/08/2026

اياز لطيف پليجو کان وڌيڪ وارھ ۾ بھترين جاندار موقف تہ سرتاج چانڊيو رکيو آھي

مان سنڌ جي آجپي جي آخري اميد سورھيہ بادشاھ جي اولاد کي سمجھان ٿو، 💖حُسن عباس
09/08/2026

مان سنڌ جي آجپي جي آخري اميد سورھيہ بادشاھ جي اولاد کي سمجھان ٿو، 💖
حُسن عباس

09/08/2026

تعليم کاتي کي ھاڻي ڪرپٽ آفيسرن ۽ ڪلارڪ مافيا مان جان ڇڏائڻ کپي،
آغا حُسن عباس

Address

Green Sindh School Makli Thatta Sindh
Makli

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Green sindh school posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category