Pioneer Public High School Madeji

Pioneer Public High  School Madeji Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Pioneer Public High School Madeji, School, New Shaikh Muhala Madeji, Madeji.

29/03/2026
20/01/2026
30/10/2025
05/10/2025
02/10/2025
03/07/2025
01/07/2025
14/04/2025

لڪيل رستو
تحرير: سنھرا ظاھر

فَإِنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا
"بيشڪ، آساني مشڪل سان گڏ آھي."
(سورة الشرح، 94:5)

پهرين نظر ۾، هيءَ آيت اسان کي اميد ڏئي ٿي تہ هر ڏکيائي کان پوءِ، راحت ايندي - تہ ڏکيائي کان پوءِ سٺا وقت ايندا آهن. پر جيئن جيئن مان وڏي ٿيس، مون هڪ گهرو مطلب ڏسڻ شروع ڪيو. آيت ۾ اهو نہ چيو ويو آهي تہ ڏکيائي کان پوءِ آساني ايندي آهي؛ اهو چوي ٿو تہ ڏکيائي سان گڏ آساني ايندي آهي. ان جو مطلب آهي تہ آساني ۽ ڏکيائي گڏ رهنديون آهن. اونداهي لمحن ۾ بہ، هميشہ شڪرگذار رھڻ لاءِ ڪجھ نہ ڪجھ هوندو آهي.

جڏهن اسان انهن چئلينجز (ڏکيائين) تي نظر وجهون ٿا جن کي اسان هڪ ڀيرو منهن ڏنو هوندو آهي، اسان کي اڪثر احساس ٿيندو آهي تہ اُهي زندگي بدلائيندڙ سبقن جي صورت ۾ لڪيل نعمتن سان ڀريل هئا. اصل سوال اهو آهي: اسان ڪهڙي شيءِ تي ڌيان ڏيڻ جي چونڊ ڪريون ٿا؟

اللّٰه اسان کي بيشمار طريقن سان نعمتون عطا ڪري ٿو - دولت، رشتن، حيثيت، يا موقعن جي صورت ۾. تڏهن بہ، شڪرگذاري ۽ ان ڏيڻ واري ذات تي ڀروسو ڪرڻ جي بدران، اسان اڪثر انهن عطا ڪيل تحفن سان ڳنڍجي ويندا آهيون. اسين ڏيڻ واري کان وڌيڪ انهن تحفن تي ڀروسو ڪرڻ شروع ڪريون ٿا. آخرڪار، اهي عارضي شيون اسان جي دلين کي کائي وڃن ٿيون. اسان نعمتن جي وڃائجي وڃڻ جي نقصان کان ڊڄڻ شروع ڪريون ٿا - ۽ اهو خوف خاموشي سان اسان جي سڪون کي تباهہ ڪرڻ شروع ڪري ٿو.

پر هي اهو هنڌ آهي جتي اللّٰه تعاليٰ جي لامحدود رحمت ظاهر ٿئي ٿي. جڏهن اسان جي دل تمام گهڻو انھن عارضي نعمتن ۾ گم ٿي وڃي ٿي ۽ اسان پاڻ کي ان ۾ وڃائڻ شروع ڪريون ٿا جيڪي دائمي (ھميشہ رھڻ واريون) ناهن، اللّٰه نرميءَ سان اسان کي آزاد ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن هو انهن شين کي کسي وٺي ٿو - اسان کي سزا ڏيڻ لاءِ نہ، پر اسان جي دلين کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ لاءِ. اسان کي واپس ان طرف رهنمائي ڪرڻ لاءِ جيڪو واقعي اهم آهي.
حضرت ايوب عليہ السلام جو مثال وٺون، جنهن وٽ سڀ ڪجھ هو - صحت، دولت، خاندان ۽ جڏهن هن کي آزمائش ۾ وڌو ويو، تہ هن تقريبن هر شيءِ وڃائي ڇڏي: پنهنجي صحت، پنهنجي دولت، ۽ پنهنجا پيارا. تڏهن بہ، هن شڪايت نہ ڪئي. هن صبر ۽ شڪرگذاري سان ڀريل دل سان اللّٰه ڏانهن رجوع ڪيو. هن چيو، "بيشڪ، مصيبت مون کي وڪوڙيو آهي، ۽ تون رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهين." (قرآن 21:83) ۽ ان ڏکيائي مان، وڏي آساني آئي - نہ رڳو سندس نعمتن جي واپسي، پر ھن جي دل اللّٰه جي اڃان ويجهوٿي.

هي زندگي جو آفاقي طريقيڪار آهي: ڏکيائي سزا نہ آهي، اهو هڪ رستو ۽ رحمت جي هڪ لڪيل شڪل آھي. ۽ ڪيترائي ڀيرا، آساني جدوجهد جو اختتام نہ ھوندي آهي، اها ان جي اندر لڪيل ھوندي آهي.

مون ذاتي طور تي ڏٺو آهي تہ جڏهن بہ مون سوچيو تہ مان ٽٽي رهي آهيان، مان بہ وڌي رهي ھيس. هڪ مهربان لفظ، هڪ مخلص دوست، وضاحت جو هڪ لمحو، يا صرف اڳتي وڌڻ جي طاقت - اهي سڀ آساني جا ٽڪرا هئا جيڪي مون کي طوفان جي وچ ۾ موڪليا ويا.

تنهن ڪري ايندڙ ڀيري جڏهن توهان کي ڏکيائي جو منهن ڏسڻو پوي، تہ بيھو ۽ پڇو: هن جدوجهد ۾ ڪهڙي آساني لڪيل آهي؟ اللّٰه مون کي ڪهڙو سبق سيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي؟ هو مون کي ڪهڙي غلط انحصار کان آزاد ڪري رهيو آهي؟

ڇاڪاڻ تہ هر نقصان ۾، هڪ واپسي آهي - هڪ واپسي ان ڏانهن جيڪو ڪڏهن بہ نہ بدلجندڙ آهي، ڪڏهن بہ نہ ڇڏيندو آهي، ۽ ڪڏهن بہ اسان سان پيار ڪرڻ بند نہ ڪندو آهي.
ترجمو: صلاح الدين ابڙو

09/04/2025

Basic English Grammar Course 🎉
ھن ڪورس مان وڏي تعداد ۾ شاگر فائدو وٺي چڪا آھن
ھاڻي 12 اپريل کان سنڌي ٿاٽس يوٽيوب چئنل تي ھي ڪورس اپلوڊ ٿيڻ شروع ٿيندو...
سنڌي ٿاٽس يوٽيوب چئنل ضرور سبسڪرائب ڪندا جيئن اوھان تائين ھي ڪورس پھچي سگھن...

https://www.youtube.com/

23/03/2025

Address

New Shaikh Muhala Madeji
Madeji

Opening Hours

Monday 08:00 - 13:30
Tuesday 08:00 - 13:30
Wednesday 08:30 - 13:30
Thursday 08:00 - 13:30
Friday 08:00 - 12:00
Saturday 08:00 - 13:30

Telephone

03032498160

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Pioneer Public High School Madeji posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Pioneer Public High School Madeji:

Shortcuts

Share

Category