18/08/2025
حق موجود
سنگت سائنس اسان وٽ عام موضوع نه رهيو آهي اسان وٽ گهڻا ماڻهو سائنس کي رد مذهب سمجھندا آهن پر اسان ان خيال جا آهيون ته جيئن علم جو هڪ مقصد سچائي کي ڳولھڻ آهي ته سائنس ان ڏس ۾ گهڻو ڪم ڪري پئي يورپي سماج به اونداهي کي شڪست سائنسي دريافت ذريعي ڏني هئي ان عمل کي هن وقت سڄي تاريخ ۾ سجاڳي(Renaissance) واري دور سڃاتو وڃي ٿو ڪائنات ۾ ٿيندڙ مظهر جهڙوڪ تارن جو ظاهر ٿيڻ، ڌرتي جو ڦرڻ، ڏينهن رات جو ٿيڻ، موسمن جي تبديلي بابت راء مختلف دورن ۾ مختلف رهي آهي اڳ جڏهن انسان وٽ ڄاڻ جا ذريعا محدود هئا ته ارسطو جهڙي گهڻ سوچيندڙ ذهن وٽ به شين جي زمين تي ڪرڻ بابت اهو تصور هوندو هو ته شيون زمين طرف ان ڪري ٿيون شڪ ڪن جو ڌرتي انهن سڀني جي ماء آهي ۽ انهن کي پاڻ ڏانهن سڏي ٿي ته عام ماڻهو ته پنهنجي سمجهه آڌار مختلف وهمي ڳالهيون گهڙي ڇڏيون هيون پر اڄ جڏهن اسان وٽ سائنسي کوجنائن ڪري جيڪي ڳالهيون ظاهر ٿيون آهن ته انهن کي عام ڪرڻ لاء پنهنجي مٿان ذميواري ٿا سمجهون ته اهڙا ميڙاڪا ڪريون جنهن ۾ ماڻهن تائين ڄاڻ پهچايون اهڙي ئي ڪوشش اڄ ٿيل اسٽڊي سرڪل ۾ به ڪئي جنهن ۾ ڌرتي جي ڦرڻ ۽ ٻين ڪائناتي مظهرن بابت سنگت کي ڄاڻ ڏني هن سرڪل ۾ سنگت وڏي دلچسپي سان حصو ورتو ۽ سوال ڪيا جن سان جواب به ونڊ ڪيا اڳتي به اسان جي ڀرپور ڪوشش رهندي ته اهڙا ڄاڻ ڀريا پروگرام ڪيون
جيئي سنڌ
29/03/2024
جيئي سنڌ
جيئي لطيف
ڪجھ ڏينهن ڳوٺ ماهوٽا ۾ اسٽڊي سرڪل ٿي گذريو جنهن جو عنوان هو شاگردن جو جديد دور ۾ ڪردار. سائين رئوف ان اسٽڊي سرڪل ۾ دوستن جي رهنمائي ڪئي.
07/01/2024
جيئي سنڌ
جيئي لطيف
ڪجهه ڏينهن اڳ سائين عاقب کهڙو سان ملاقات ٿي جنهن سان اسٽڊي سرڪل جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ ٿي. سائين عاقب کهڙو کي اُن کان بعد دعوت ڏني وئي تہ هو ايندڙ اسٽڊي سرڪل جو اسپيڪر ٿي هن حامي ڀري. اُن کان بعد پيءُ جا ڌيءُ ڏانهن خط جو پهريون باب جنهن ۾ هن دنيا جي ٺهڻ جو پروسيس ٻڌايو ويو آهي سو سنگت سان ونڊ ڪيو ويو.
15/08/2023
جيئي سنڌ
جيئي لطيف
اسٽڊي سرڪل جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ڪجھ ڏينهن اڳ نئين جنريشن جنهن کي اسين زي جنريشن سڏيون ٿا اُن موضوع تي اسٽڊي سرڪل رکيو هوسين. اسٽڊي سرڪل ۾ اُنهيءَ موضوع جي مختلف پاسن تي روشني وڌي وئي. اسٽڊي سرڪل ۾ شرڪت ڪندڙ ساٿي:
سائين رئوف
سائين علي حسين
سائين سرتاج
سائين قدير
سائين فرمان
سائين ماجد
سائين مصور
سائين ياسر
02/08/2023
جيئي سنڌ
جيئي لطيف
محرم الحرام اُهو مهينو آهي جنهن ۾ تاريخ جي هڪڙي ارڏي ڪردار اصولن تي سوديبازي نه ڪئي توڙي جو هن اڳيان ظالم جي فوجن جا ڪٽڪ هئا جيڪي طاقت جي زور ۾ هن کان هزارين ڀيرا مضبوط هئا. اُهو تاريخي ڪردار امام حسين هو جيڪو دنيا جي خاتمي تائين اصولن جي علامت، ظالم آڏو للڪار ۽ محڪوم قومن جي فردن لاءِ اتساهه آهي. اُنهيءَ حسيني ڪردار جي خوشبوءِ کي پروڙڻ لاءِ اسٽڊي سرڪل ٿي گذريو جنهن جو موضوع «حسینيت؛ تاريخي پسمنظر ۾» هو.
24/07/2023
جيئي سنڌ
جيئي لطيف
ڪجھ ڏينهن اڳ مارڪسزم تي سلسليوار اسٽڊي سرڪل جي شروعات ڪئي وئي هئي جنهن کي اڳتي وڌائيندي مارڪسزم جي بنيادي ڪورس واري ڪتاب منجهان ٽيون باب مارڪسزم کي ڄڻيندڙ سماجي ۽ معاشي حالتون پڙهيو ويو ۽ دوستن سان ونڊ ڪيو ويو.
18/07/2023
جيئي سنڌ
جيئي لطيف
جيئن ته ڳوٺ ماهوٽا جا چند فرد گڏجي پنهنجي سماج جي ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا اُن سان گڏوگڏ ڳوٺ جي نوجوانن کي پڻ شعوري تعليم جي دنيا ڏانهن مائل ڪندا رهن ٿا. اُنهيءَ سلسلي ۾ سلسليوار اسٽڊي سرڪل ڪرائڻ واري حڪمت عملي غور طلب آهي. ڪافي وقت کان ڳوٺ ۾ ننڍڙيون پر مثبت شعوري گڏجاڻيون ڳوٺ جي نوجوانن ۾ حرڪت پيدا ڪنديون رهن ٿيون. هن ڀيري مارڪسزم جي بنيادي ڪورس کي اسٽڊي سرڪلز جو موضوع بڻايو ويو آهي. هر گڏجاڻي ۾ مارڪسزم جي بنيادي ڪورس جو هڪڙو چيپتر پڙهي اُن تي سوال جواب ٿين ٿا.
01/05/2023
جيئي سنڌ
جيئي لطيف
ڪالھ ڳوٺ ماهوٽا ۾ اسٽڊي سرڪل ٿي گذريو جنهن ۾ ڳوٺ جي نوجوان ڇوڪرن شرڪت ڪئي. اسٽڊي سرڪل جي نوعيت کُلي ڪچهري هئي مطلب ته ڪو مخصوص ٽاپڪ نہ هو جنهن تي ڳالهايوسين بلڪي مختلف موضوع بهس هيٺ رهيا جهڙوڪ قومون ڇا ٿينديون آهن، قومون ڪيئن جڙن ٿيون، قومن جي باري ۾ مفروضا، يورپ ۾ روشن خيالي جو دور، مسلمانن جو اوج ۽ زوال، لبرل لفظ اسان جي سماج ۾ ڪهڙو مطلب رکي ٿو ۽ اُن جو حقيقي مطلب ڇا آهي وغيرا. اسٽڊي سرڪل ۾ ڳالھ ٻولهه ڪندڙ سائين سرتاج چاچڙ ۽ سائين جواد سنڌي جن هئا اُن کان علاوه سڀني دوستن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
07/02/2023
جيئي سنڌ
جيئي عوام
ننڍڙي ڳوٺ ماهوٽا ۾ تعليمي سرگرميون ڪرائڻ ڪا عام ڳالھ ڪونهي جتي تعليم يافتہ ماڻهون جو تہ ججهو مقدار آهي مگر شعوري سوچ رکندڙ ماڻهن جي کوٽ آهي. ڪالھ هڪ دفعو ٻيهر اسٽڊي سرڪل جي سلسلي کي وڌائيندي ڳوٺ جا چند دوست گڏ ٿيا جنهن ۾ علمي پرچار واري پورهيي کي هٿي ڏياري وئي. ڪالھ واري اسٽڊي سرڪل جو موضوع «عورتن جا آئيني حق» هو جنهن تي ساٿي جواد روشني وڌي.
13/11/2022
حق موجود
جيئي سنڌ
جيئن تہ اسين هر هفتي ماهوٽا ڳوٺ ۾ اسٽڊي سرڪل منعقد ڪندا آهيون جنهن ۾ مختلف موضوعن يا ڪتابن تي ڳالھ ٻولھ ٿيندي آهي سو هن دفعي اسان جي اسٽڊي سرڪل ۾ عشق جا چاليهه اصول ڪتاب تي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي. ساٿي علي حسين ڪتاب تي بهس مباحثو ڪيو اميد ته ساٿين ڪجھ سکيو هوندو سرڪل مان.
18/09/2022
جيئي سنڌ
جيئي عوام
پوئين هفتي اسٽڊي سرڪل منعقد ڪيو ويو هو جنهن ۾ ساٿي ماجد ننڍڙي ڪتابڙي جي شڪل ۾ لکيل ناوليٽ ڏاهر جو خلاصو دوستن سان ونڊ ڪيو اميد ته ساٿين سکيو هوندو.
06/09/2022
جيئي سنڌ
جيئي عوام
ھي تصويرون ڪافي عرصو اڳ اسٽڊي سرڪل جون نڪتل آهن جڏهن بلدياتي چونڊن جا بادل ماهوٽا ڳوٺ مٿان ڇانيل هئا. تنهين وير ڳوٺ جي نوجوان ساٿين کي گهرائي هيڏيءَ محل تائين جيڪي بہ ترقياتي ڪم ٿيا آهن اُنھن کي ميز تي رکي چونڊن جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ ٿي. ڳوٺ ماهوٽا جي روايتي سياست تي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ کان پوءِ نتيجي طور ڳالھ سامهون آئي تہ توڙي جو سدائين پيپلز پارٽي جو راڄ رهيو آهي پر گھربل ڪم هن وقت تائين ڪون ٿي سگهيا آهن. سو اسين ڳوٺ ماهوٽا جي نوجوانن اعلان ڪيو تہ اسين پيپلز پارٽي جي حمايت ڪون ڪنداسين.