Saint Joseph High School Larkana

Saint Joseph High School Larkana Our Saint joseph high school larkana is the 100% Best!

30/09/2022

ٻيھر ھن جي پيءُ به ٽڪ ٽاڪ ٺاھڻ کان توبھ ڪئي

🤣🤣🤣🤣🤣🤣🤣

17/09/2022

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيء جي اسڪولن ۾ ھي ٻارن جي حاضري لاء آنلائن سسٽم متعارف ڪرايو ويو آھي جيڪو جلد سنڌ جي ٻين شھرن ۾ بـ متعارف ڪرايو ويندو ـ

سڀاڻي 16 سيپٽيمبر کان پيٽرول جي قيمتن ۾ 9 رپيا ۽ 62 پئسا  گهٽتائي جا امڪان ـ
15/09/2022

سڀاڻي 16 سيپٽيمبر کان پيٽرول جي قيمتن ۾ 9 رپيا ۽ 62 پئسا گهٽتائي جا امڪان ـ

سعودي عرب طرفان پاڪستان لاء امدادي پيڪيجڪنگ سلمان هيومنيٽيرين ايڊ اينڊ رليف سينٽر (KSrelief) اڱاري تي سعودي عرب کان امدا...
13/09/2022

سعودي عرب طرفان پاڪستان لاء امدادي پيڪيج

ڪنگ سلمان هيومنيٽيرين ايڊ اينڊ رليف سينٽر (KSrelief) اڱاري تي سعودي عرب کان امدادي جهاز شروع ڪيو ته جيئن پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي فوري مدد ڪئي وڃي. ڊاڪٽر عبدالله الربيح، رائل ڪورٽ جي صلاحڪار ۽ KSrelief جي جنرل سپروائيزر چيو ته ايئر لفٽ ۾ پهريون ٻه جهاز اڄ رياض جي ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان 180 ٽن کاڌي، طبي ۽ پناهه لاءِ امداد کڻي روانا ٿيندا.
هن وڌيڪ چيو ته 19 هزار کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر متاثرن کي امداد جي ان بينچ مان فائدو ٿيندو.
”گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ايئر لفٽ امدادي جهاز ايندڙ ڏينهن اندر موڪليا ويندا، ۽ اهو ايئر لفٽ هڪ امدادي زميني قافلي سان ٺهڪي اچي ٿو جيڪو اسلام آباد ۾ سعودي عرب جي سفارتخاني ۽ مقامي اختيارين جي تعاون سان پاڪستان اندر شروع ڪيو پيو وڃي.

ھي افغانستان نـ امارات آ!!!!!!!!!!!!!!! 150 کان وڌيڪ افغان شهرين کي يو اي اي مان نيڪالي ڏني وئي ۽ ڪجهه وڌيڪ ملڪ بدر ٿي س...
12/09/2022

ھي افغانستان نـ امارات آ!!!!!!!!!!!!!!!

150 کان وڌيڪ افغان شهرين کي يو اي اي مان نيڪالي ڏني وئي ۽ ڪجهه وڌيڪ ملڪ بدر ٿي سگھن ٿاـ

7 سيپٽمبر 2022 تي افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي خلاف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فتح کان پوءِ، UAE ۾ موجود افغان شهرين پاران پاڪستاني ڪرڪيٽ جي مداحن تي حملو ڪيو ويو ھو. جنھن جي نتيجي ۾ يو اي اي حڪومت جي اسٽيڊيم ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو. شارجه پوليس جا اهلڪار تشدد شروع ڪندڙ افغان شهرين جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪري 400 کان وڌيڪ افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ھو جن جي سڃاڻپ سي سي ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا فوٽيجز ذريعي ڪئي وئي.

ارتغرل ڊرامي جو بھترين ڪردار الپ عبدالرحمان ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ امداد ورهائيندي 🥰🥰
12/09/2022

ارتغرل ڊرامي جو بھترين ڪردار الپ عبدالرحمان ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ امداد ورهائيندي 🥰🥰

11/09/2022

ناليواري صحافي شوڪت زرداري جي سنڌ حڪومت ۽ منسٽرن تي ڇتي تنقيدـ
وڊيو کي مڪمل ٻڌو

حيدرآباد گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج قاسم آباد ۾ ٻوڏ متاثرين ڪيمپ ۾ رهندڙ خيرپورناٿن شاھ جي ماروئڙن جي ٻن نياڻين ۽ ٻن نوجوان...
10/09/2022

حيدرآباد گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج قاسم آباد ۾ ٻوڏ متاثرين ڪيمپ ۾ رهندڙ خيرپورناٿن شاھ جي ماروئڙن جي ٻن نياڻين ۽ ٻن نوجوانن جي شادي ڪرائي وئي،

نون جوڙن کي نئين زندگي جون نيڪ تمنائون ۽ ماروئڙن جي اھڙي خوشي ۾ ھر ڪو خوش 🌹

برطانيه جي سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين بادشاهي ڪندڙ راڻي ايلزبيٿ II 70 سالن تائين حڪومت ڪرڻ کانپوءِ 96 سالن جي عمر ۾ بالمورل ...
08/09/2022

برطانيه جي سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين بادشاهي ڪندڙ راڻي ايلزبيٿ II 70 سالن تائين حڪومت ڪرڻ کانپوءِ 96 سالن جي عمر ۾ بالمورل ۾ وفات ڪري وئي.

 #  اَڄُ رات آسمان ۾ نظر ايندڙ تارن جي قطار ھئي يا ٻيو ڪجھ؟**اھا ڪا تارن جي قطار نہ پر ھٿراڌو اُپگرھن جو ھڪ ميڙ ھو جنھن ...
08/09/2022

# اَڄُ رات آسمان ۾ نظر ايندڙ تارن جي قطار ھئي يا ٻيو ڪجھ؟**

اھا ڪا تارن جي قطار نہ پر ھٿراڌو اُپگرھن جو ھڪ ميڙ ھو جنھن کي خلا ۾ موڪليو پيو ويو. ھن سموري پروگرام يا منصوبي جو نالو اسٽارلنڪ (Starlink) آھي.

اسٽار لنڪ ڇا آھي؟ اھو ھڪ تمام وڏي ھٿراڌو اُپگرھن جو نظام آھي جنھن جو مقصد ڌرتيءِ جي ڏورانھن وارن ھنڌن کي تيز رفتار انٽرنيٽ سروس مھيا ڪرڻ آھي.

ھن نظام کي ايلون مسڪ جي ڪمپني اسپئس ايڪس (SpaceX) 2015ع ۾ تيار ۽ تعمير ڪيو آھي. ھٿراڌو اُپگرھن کي ميڙن جي شڪل ۾ مدار ۾ موڪليو ويندو آھي. اڄ تائين 13 ميڙ موڪليا ويا آھن ۽ ھاڻي ڪيترائي شمسي توانائي سان ھلندڙ ھٿراڌو اُپگرھ ڌرتيءِ جي چوڌاري چڪر لڳائي رھيا آھن.

اسپئس ايڪس جو منصوبو آھي تہ 12000 ھٿراڌو اُپگرھن کي خلا ۾ موڪليو وڃي جن جي تعداد اڳتي ھلي ڪري 42000 تائين وڌايو ويندو.

17 جون 2022ع تي اسپئس ايڪس 53 ھٿراڌو اُپگرھن جي 48 سيريز کي فالڪن 9 راڪيٽ جي مدد سان خلا ۾ موڪليو. ھاڻي اسٽارلنڪ ھٿراڌو اُپگرھن جي ڪُل تعداد 2706 تائين پھچي چڪي آھي.

07/09/2022

دبئي :ايشيا ڪپ جي ميچ ۾ پاڪستان کان شڪست ملڻ کانپوءِ افغاني پٺاڻ آپي کان ٻاھر نڪري ويا، اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني شائقين کي مارڪٽ ۽ ڀڃ ڊاھ .

شاهنواز ڏاهاڻي سڀاڻي ڀارت خلاف ايشيا ڪپ جي سپر 4 ميچ ۾ "Side Strain" جي تڪليف سبب ٻاهر ٿي ويو.سندس جاء تي حسن علي کي کيڏ...
03/09/2022

شاهنواز ڏاهاڻي سڀاڻي ڀارت خلاف ايشيا ڪپ جي سپر 4 ميچ ۾ "Side Strain" جي تڪليف سبب ٻاهر ٿي ويو.
سندس جاء تي حسن علي کي کيڏائڻ جا امڪان ـــ

Address

Latif Colony
Larkana
2013

Telephone

+923312793493

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Saint Joseph High School Larkana posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category