04/09/2026
📚 منهنجو يونيورسٽي جو سفر — علم جي ڳولا ۾ هڪ جدوجهد
🎓 Department of Zoology — University of Sindh, Jamshoro
علامه اقبالؒ جو شعر:
؎ ستارن سے آگے جہاں اور بھی ہیں
؎ ابھی عشق کے امتحاں اور بھی ہیں
هي شعر اسان کي ياد ڏياري ٿو ته انسان کي پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل محنت ۽ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
🌱 منهنجي ڪهاڻي
منهنجو يونيورسٽي جو سفر ايترو آسان ناهي. مان صبح جو يونيورسٽي پهچندو آهيان، ليڪچر وٺندو آهيان ۽ پوءِ دوستن سان گڏ ڪينٽين تي ڪجهه وقت گذاريندو آهيان. ان کان پوءِ تقريباً 12 وڳي سينٽرل لائبريري ڏانهن ويندو آهيان.
📖 لائبريري ۾ ويهي پڙهندو رهندو آهيان، وقت جو احساس ئي نه رهندو آهي. پڙهندي پڙهندي 5 وڳي ٿي ويندا آهن. پوءِ مان تقريباً 5:30 يا 6 وڳي گهر پهچندو آهيان.
هي سفر آسان ناهي. ڪڏهن ڪڏهن پڙهائي جي ڪري لنچ به ڇڏڻو پوي ٿو، پر منزل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن.
منهنجو مقصد صرف ڊگري حاصل ڪرڻ ناهي؛ مان علم حاصل ڪرڻ، پنهنجي مستقبل کي بهتر بڻائڻ ۽ پنهنجي والدين جا خواب پورا ڪرڻ لاءِ محنت ڪري رهيو آهيان. ❤️📚
اڄ جي محنت ئي سڀاڻي جي ڪاميابي بڻجندي.
🎓 BS Zoology — University of Sindh, Jamshoro
📚 محنت جاري آهي، منزل اڃا اڳتي آهي. 💪