09/10/2021
حد کان وڌيڪ ڏيکاء!!
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
ھڪ ڏينھن ھڪ مڙس جڏھن گهر ۾ داخل ٿيو، ته ڇا ڏسي، ته هن جي زال زور زور سان روئي رهي آھي، روئڻ جو جڏھن ڪارڻ معلوم ڪيائين، ته زال چوڻ لڳي: اسان جي گهر جي وڻ تي ويٺل پکي هر روز مونکي بي حجابي ۽ بغير پردي جي ڏسندا آھن، ته مونکي ڊپ ٿيندو آھي، ته ڪٿي ان ۾ ڪو گناه نه ٿيندو هجي، هڪ ڏينھن ان جو الله جي سامھون حساب ڏيڻو پيو، ته مان ڪھڙو جواب ڏيندم؟ بس اهو سوچي ۽ انھي خوف ۾ روئي رهي آھيان!
بظاهر نيڪ ۽ ديني جذبي سان مالامال زال جو اهڙو جواب ٻڌي مڙس ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ هن جي نيڪ نيتي ۽ پاڪيزگي کي ڏسندي فخر مان زال جي نرڙ کي چميو، ۽ انھي مھل ڪھاڙي کڻي وڻ کي وڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو۔
ان واقعي کان هڪ ئي هفتي کانپوء ھڪ ڏينھن مڙس پنھنجي ڪم ڪار کان جلدي واندو ٿي گهر اچي ويو، ته ڇا ٿو ڏسي، ته هن جي اها ئي "پارسا" زال پنھنجي عاشق جي ڀاڪر ۾ سمھي پئي آھي!
اهڙو ناقابل يقين منظر ڏسي هن وڌيڪ ڪجهه نه ڪيو، بس گهر مان پنھنجي ضرورت جو سامان کنيو، ۽ پنھنجو گهر ۽ ڳوٺ ڇڏي نڪري پيو، ۽ هلندي هلندي هڪ ٻئي شھر ۾ پھچي ويو، جيڪو وقت جي بادشاه جو پنھنجو شھر هو، هن ڏٺو؛ ته امير شھر جي محل وٽ ماڻھن جو هجوم آھي، اهڙو منظر ڏسي جڏھن هن رش جو سبب پڇيو، ته ماڻھن ٻڌايو: ته بادشاه سلامت جي خزاني جي چوري ٿي وئي آھي۔
انهي وقت ان رش مان هڪ اهڙي شخص جو گذر ٿيو، جيڪو پنھنجي پيرن بجاء پيرن جي آڱرين تي ڏاڍو احتياط سان هلي رھيو هو، هن جڏھن ان شخص جي باري ۾ پڇيو: ته هي صاحب ڪير آھي؟
ته ماڻھن ٻڌايو: ته هن شھر جو نيڪ ۽ مذھبي انسان شيخ صاحب آھي، جيڪو پنھنجي آڱرين تي صرف ان ڪري هلندا آھن، ته جيئن هن جي پيرن جي هيٺان ڪا ڪول اچي دٻجي نه وڃي، ۽ هن جو موت نه ٿي پوي، ۽ اھڙي طرح ھو ناحق قتل نفس جي عظیم گناہ جو حقدار نه ٿي پوي۔
شیخ صاحب جي متعلق ماڻھن جا جواب ٻڌي هن شخص بنا سوچيندي جلدي ۾ چيو: اللہ جو قسم! مونکي بادشاه جي خزاني جي چوري جو پتو پئجي ويو آھي، مونکي هاڻي ئي بادشاه وٽ وٺي هلو، بادشاہ وٽ پھچي حال احوال کانپوء هن شخص عرض ڪيو ته: بادشاہ سلامت! اوهان جي خزاني جو چور ٻيو نه، پر اوهان جي شھر جو نيڪ ۽ ديني شخص شیخ صاحب ئي آھي، اهو ٻڌي بادشاہ کي تمام گھڻي حيرت ۽ عجب لڳو، جنھن تي هن شخص وڌيڪ يقين ڏياريندي چوڻ لڳو ته جيڪڏھن هن الزام ۾ مان ڪوڙو ٿي پوان، ته منھنجو خون معاف ۽ جيڪڏھن هن الزام جي بدلي مونکي سرعام ڦاسي ڏني وڃي، ته به ان لاء مان مڪمل تيار آھيان۔
آخر ڪار بادشاہ هن جو اهڙو پختو جواب ٻڌي شیخ صاحب کي جلد ئي درٻار ۾ حاضر ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پڇاڳاڇا ۽ تحقیق کانپوء آخرڪار شیخ صاحب پنھنجو جرم قبول ڪري خزاني جي چوري جو اعتراف ڪيو۔
شیخ جي جرم جي اقرار کانپوء بادشاہ ھن شخص کي چوڻ لڳو: تون اهو ٻڌاء ته آخر توکي ڪيئن پتو پيو، ته چور اهو ئي شیخ صاحب آھي، جڏھن ته هو پنھنجي ظاهري شڪل صورت ۽ عملن سان انتھائي نيڪ، صالح، ۽ پرهيزگار نظر ايندو آھي؟
بادشاہ جي ان سوال جو قیمتي جواب هن شخص پنھنجي گذريل تجربي جي روشني ۾ ڏنو، اهو جواب هيو ته:
"جڏھن به نيڪي جي بيان ۾ حد کان وڌيڪ ڏيکاء نظر اچي، ته اوهان يڪدم سمجهي وٺو، ته اتي ضرور ڪنھن وڏي جرم ۽ گناہ کي لڪائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آھي"