26/01/2026
جهان کي ڏيو مبارڪون
اسين پيا ڪاهيندا اچون.
جيئن تہ اَسين هر سال جيان اسڪالرشپ جا مختلف امتحان ٽالهي جي ٻارن کي ڏياريندا اچون پيا پر هن دفعي هڪ نئين اسڪول جنهن جو نالو اسلام آباد بورڊنگ اسڪﻮﻝ اينڊ ڪاليج آهي ان جي ٽيسٽ بہ ڏيارڻ جو موقعو مليو. جنهن ۾ هڪ وڏي ڪاميابي اها ملي تہ ٽالهي جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ٽيسٽ سينٽر بہ ٽالهي ۾ مقرر ڪرايوسين. الحمدلله اسلام آباد طرفان مقرر ڪيل ٽيم ٽالهي ۾ اچي شاگردن کان الشھباز فائونڊيشن تي شفاف نموني سان ٽيسٽ ورتي.
هر سال جيان ٽالهي جا 15 شاگرد نمايان مارڪن سان پاس ٿيا جن ۾ 5 شاگرد ڪيٽيگري A جن جو ڪل تعليمي خرچ ۽ کاڌي پيتي جو 30 سيڪڙو خرچ سرڪار ڀريندي ۽ 10 شاگرد ڪيٽيگري B جن جو ڪل تعليمي خرچ ۽ کاڌي پيتي جو 15 سيڪڙو خرچ سرڪار ڀريندي. سڀني شاگردن ۽ سندن والدين کي مبارڪون.
ڪيٽيگري A ۾ پاس ٿيندڙ شاگرد
1. گرویر ولد رامچند ميگھواڙ
2. محمد زید ولد نظیر احمد ڪُنڀر
3. راجا ولد پرتاب ڪولھي
4. راحب حسین ولد نیڪ محمد گرگيج
5. ھتيش ڪمار ولد ڏيارام ڪولھي
ڪيٽيگري B ۾ پاس ٿيندڙ شاگرد.
1. ڪومل ڌي رائچند ڪولھي
2. مير مُحمد ولد شير محمد گشڪوري
3. غُلام عباس ولد مير حسن گرگيج
4. . پون ولد رائچند ڪولهي
5. مهتاب علي ولد نُور احمد گرگيج
6. پرڪاش ولد موھن ڀيل
7. امان الله ولد گُل حسن گرگيج
8. مرڪ ڌي طارق عزيز ڪپري
9. سرمد ولد سائين بخش ٽنگڙي
10. بابر علي ولد شفيع محمد گرگيج