28/11/2024
A letter to never born love ❤️
A boy final year Political Science
2k21..
❤️
الوداعي خط
يونيورسٽيون ھئين ته شعور جي ماءُ ھوندي آھي،جتان اسان کي دقناوسي سوچ مان نڪرڻ جو شعور ملي ٿو، ان سان گڏوگڏ يونيورسٽي سارا شگفته جي نظم جھڙي پرڪشش به آ،انڪري جو ھتي جي آبهوا منفرد ۽ دلفريبي آ،ھتي ھزارين شاگرد ھر سال ڪنوارا خواب کڻي ايندا آھن،انھن خوابن جي سڦلتا لاءِ ھو منزل سان بي پناه عشق ڪندا آھن،عشق جي ھڪڙي حاضيت اھا به رھي آھي،اھو توھان کي انسان مان ديوتا ٺاھي ڇڏي ٿو،پر جتي عشق جي ديوي پاروتي ديويءَ جيئان پويتر ھجي اتي مجازي عشق ماڻھون کي ھيروئن جي نشي کان به وڌيڪ خطرناڪ لڳندو آھي،ھو اڪثر چوندي ھئي ته جدائي محبت کي ٻيهر جنم ڏيندي آهي،انڪري جو جدائي محبت جي ماءُ آھي،
ان جي لاڙي لھجي ۾ مون کي حافظ نظاماڻي جي شاعريءَ جي خوشبوءِ ايندي ھئي ڪڏهن ڪڏهن ان جي اکين ۾ اداسي ڊونچي جي آرٽ جيئان مونکي مايوس ڪري ڇڏيندي ھئي،تہ جڏهن ھڪ ماڻھون ۾ درد وڌي وڻ ٿي پوندو آهي ته پوء اھو ماڻھون ليکڪ يا آرٽسٽ ٿي پوندو آهي،
ھو گيتا جي ارڙهين آڌين جھڙي حسين ڇوڪري ڪڏهن ڪڏهن مون کي لطيف جي سر کاھوڙِيُ جو ڪردار لڳندي ھئي انڪري جو ھو عشق جي ديوي ۽ محبت جي ڪل ارتقا ھئي،ھو ڊارون جي جدلياتي جوھر کان به واقف ھئي، ته انگلينڊ جي گلين ۾ ھوڪا ڏيندڙ ڪالھ جي ٿيٽرنگار ۽ اڄ جي شيڪسپيئر کان به واقف ھئي،پر ھو گم کي اداسي ۾ رومانس ڪرائي پاڻ رقص ۾ فنا ٿيڻ جي عادي ھوندي ھئي،۽ ڪڏهن ڪڏهن ھو پنھنجن ٽٽل چوڙين کي منھنجن ڪتاب ۾ رکي چوندي ھئي ته پاڇي جي ڄمار زندگي کان وڏي ڇو ھوندي آھي ۽ ھوا کي ڪابه محبوبا ڇو ناهي،جيڪڏھن ھوا کي ڪا محبوبا ھجي ھا ته پوء اھا پڪ سان امرتا پريتم ھجي ھا،پر ھوا کي ڪو به روح ناھي جيڪو ان جي ھارمونسس ۾ لرزش ڪرائي ۽ جوانيءَ کي جوڀن ڏئي.پر ھو شاعري کي نظمن ۾ رقص ڪرائي پاڻ نثر جيان پنڌ ڪري پوري ڪائنات جو چڪر ھڻي موٽي نه آئي پوء ڪنھن ٽٽل تاري جيئان مونکان ائين وڇڙي وئي جيئن گيليڪسي مان ھڪ تارو وڇڙي ويندو آهي،
پر ھاڻي ھو درد جي ڄمار کان به وڏي دل رکندڙ آھي،اڄ جڏهن سڄي يونيورسٽي ڪنھن ڪنوار جيئان سينگاريل ھئي ھر طرف ڇڙواڳ ٽھڪ ھوائن ۾ پنھنجي محبوبن کي الوداع ڪري رھيا ھئا،پر ھو غمگين ھئي،ڄن گم ان جي پاسي ۾ ڪرسي تي ويٺل ھجي،ھو ان کي ڀاڪر پائي روئي به نه سگھي پئي،انڪري جو ان کي خبر ھئي ته ھتي ڏک انسان جو ھمدرد دشمن آھي،جيڪڏھن ھڪ عورت جي اڳيان دنيا جا سڀ ديوتا ھڪڙي آيت پڙھي مسلمان ٿي سگھن ٿا پوء مان به تنھنجي محبت خاطر دنيا جي ھر ريکا ٽوڙي سگھان ٿو ...
14/09/2024
ماروی گرلس ہاسٹل سندھ یونیورسٹی جامشورو کی الاٹمنٹ چل رہی ہے.!
کوشش کر کہ دیئے گئے وقت تک ہاسٹل کی الاٹمنٹ کروائیں..!
07/09/2024
Congratulations to our Alumni Muhaimin Soomro appointed as a Teaching Assistant in the Department of Political Science, University of Sindh, Jamshoro. We wish him the best of luck for his future endeavors🎊✨
01/09/2024
سنڌ يونيورسٽي پاران پوائنٽ بسن جو روائزڊ شيڊيول جاري..!
28/08/2024
ڄامشورو جي ڊپٽي ڪمشنر پاران ضلعي جي سمورن تعليمي ادارن ۾ 29، 30 ۽ 31 آگسٽ تائين موڪل جو اعلان
25/08/2024
University of Sindh Jamshoro
Admissions 2025-Batch
Bachelors and masters Sindh University admissions
Form can be submitted from this link
👇🏻👇🏻👇🏻
Admission.usindh.edu.pk
Admission form challan is 3000 pkr
Last date for online registration is
17-09-2024
The bachelors test will be conducted in two shifts
13-10-2024
20-10-2024
Note:- Masters walon sy koi test nh li jygi sirf L.L.M Me apply karne walon ki test hogi
21/08/2024
سندھ یونیورسٹی میں تعلیمی کانووکیشن 2023-2019 اکتوبر کے مہینے میں منعقد ہوگا..
21/08/2024
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي ڪانووڪيشن 2019-2023 آڪٽوبر مھيني ۾ منعقد ٿيندو
01/07/2024
Hi connections,
I'm excited to announce that the 30th International Conference on Processing of Advanced Materials and Fabrication of Products (PAMFP-2024) will be held at UPES, Dehradun, India from December 5th to 7th, 2024.
I encourage you all to motivate your students to submit abstracts in relevant areas, including Biomaterials and Interdisciplinary Research (Health, Phytochemicals, Agriculture, and Environment).
Looking forward to your participation and contributions! Abstract submission deadline: 7th July, 2024.
https://iapmfp.org/2024/committee.html
22/06/2024
لارڊ مسٽو اسين سڀ تنھنجا ڏوھي ھون اسين سکر بئراج جي مالڪي ناھيون ڪري سگھيا . توھان جيڪي پاڻ بيھي دروازا لڳرايا سي 60 سال ھليا پر بعد وارا ڏه سال ھليا ٽيھن سالن ۾ ٻه ڀيرا دروازا مٽايا ويا.
O Lord misto . Sukkur barrage miss u a lot
#سرآرنلڊمسٽو
جيڪو سکر بئراج جو اصل خالق ۽ ڊزائينر پڻ هيا .
پئدائش . 4 آڪٽوبر 1883
وفات 29 مئي 1977.
لارڊ مسٽو جنهن مڪمل تعليم پنهنجي ملڪ انگلينڊ مان حاصل ڪئي . انڊين سروس جو اعلي امتحان پاس ڪري بمبئي سرڪار ۾ مڪينيڪل ۽ زرعي انجنيئر بڻيا .
پهرين جنگ عظيم ۾ عراق ۾ رزور آفيسر به ٿيا . پوِء وري اتان بدلي ٿي سنڌ ۾ آيا جتي سال 1907-09 تائين به بمبئي سرڪار جي سنڌو درياِء جي پاڻي کي زراعت لاِء قابل بڻائڻ لاِء هلندڙ پروجيڪٽ تي به ڪم ڪيو .
انگريز سرڪار سنڌؤ درياِء تي پورا پنجاهه سال پيپر ورڪ ڪيو . ساري سنڌ جو سروي ڪيو . انهن پراڻن پيچرن ۽ ايندڙ نؤن رستن تي به بهترين ڪم ڪري ڪاغذن ۾ محفوظ به ڪيو . ۽ اهي پنا ڪتابي صورت ۾ سنڌ جي آبپاشي کاتي وٽ به اڄ ڪارآمد اهن پر اصل ڳالهه آهي عمل ڪرڻ جي ڪم ڪرڻ جي .
جڏهن مسٽو صاحب سنڌ ۾ آيا ته اهي مڪمل پيپر ورڪ پڙهي هڪ راِء ڏني
"لارڊ لائيڊ جهڙو ماڻهو ساٿ ۾ هجي ته آئون انهن پنن کي حقيقت ۾ تبديل ڪري سگهان ٿو .""
اها ڳالهه لائيڊ ٻڌي ۽ هن ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو .
مسٽو صاحب لائيڊ صاحب سان انڊيا ۾ ڪئنالن تي به ڪم ڪيو ۽ تڏهين ان اها ڳالهه ڪئي هئي .
لارڊ لائيڊ جي ڀرپور آشيرواد سان لارڊ مسٽو سڀ کان پهرين سکر بئراج تي ڪم ڪيو ۽ ڪافر ڊيم ٺاهي پاڻي کي رستو ڏنو . پر جيئن ئي بئراج تي ڪم شروع ٿيو ته تمام گهڻيون سازشون به شروع ٿيون ته اهو بئراج ان هنڌ تي ۽ سنڌ ۾ نه ٺهي . پر مسٽو پنهنجي ڪم ۾ مصروف عمل رهيو جنهن ڪنهن جي پراوهه نه ڪئي .
مسٽو صاحب کي اتان جي مقامي ماڻهن به خوف ڏياريو پر هي دلير انسان ڪم ڪندو رهيو ۽ ڪم پورو به ڪري ڏيکارايائين .
جڏهن آبڪلاڻي جي مند ۾ پاڻي انتها تي هيو ته ان وقت جا لوڪل ماڻهو رڳو ان ڳالهه تي وهم ڪندا هيا ته متان درياِء ٺهيل ڪم کي لوڙهي نه وڃي . پر مسٽو هرحال مڪمل مطئمن هيو .
جڏهن بئراج شروع ٿيو ته ان جي سڀني ستن ئي واهن تي به ڪم جي نگراني ڪندڙ هيو ۽ انهن ستن ئي ڪئنالن مان هڪ ته مصر جي سئز ڪئنال کان پڻ وڏو هيو . جنهن کي اڄ نارا ڪئنال سڏيندا آهن .
جڏهن هي بئراج ٺهي تيار ٿيو ته هي تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ ساري دنيا ۾ سندس جي مڃتا ٿي .
هي عظيم انسان جنهن جو سنڌ تي وڏو احسان سکر بئراج ٺاهڻ آهي . 1934 ۾ انڊيا مان رٽائر ٿيو .
هن 1922 ع ۾ شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪ پٽ ۽ چار نياڻيون پيدا ٿيون .
ڪالونيل دؤر جو عظيم اسٽرڪچر سکر بئراج اڄ به پنهنجي جاهه و جمال سان سنڌ سان سنڌ جو شان بڻيو بيٺو آهي .
دم دعا ته آباد هجي ۽ لکين رحمتون وسن لارڊ لائيڊ ۽ جناب آرنلڊ مسٽو تي .جن جي نيڪ نيتي سان نانگ وانگي ورڪڙ کائيندڙ سنڌو درياِء دنيا جي دريائن جو ابو به ڪوٺجندڙ لڳو ۽ سنڌ سرسبز به بڻي.