30/11/2025
*🎉🌾 *سنڌي ڪلچر ڊي – 2025* 🌾🎉
*مرندي به قوم آھي*
*جيئندي به قوم آھي*
*ڪرندي به قوم آھي*
*اٿندي به قوم آھي*
*ھن ڀونء جا جيالا*
*جهونجهار پٽ,ڌيون*
*سنسار کي مڃايو به*
*سنڌي قوم آھي*
اڄ *اسرا پبلڪ سيڪنڊري اسڪول ۾ سنڌي ثقافت جو رنگ ڀريل ڏينھن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائيو ويو۔ شاگردن، استادن, والدين ۽ معزز مھمانن اجمير، اجرڪ، ٽوپي ۽ لوڪ موسيقي سان سنڌ ڌرتيءَ کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي۔
🎶 *ڌمال، اسٽيج پرفارمنس، لوڪ گيت، ثقافتي نمائش*
🎨 *شاگردن پاران سنڌ جي روايتن جا خوبصورت ماڊل ۽ آرٽ ورڪ*
📸 *ثقافتي فوٽو سيشن ۽ يادگار لمحات*
هي ڏينهن اسان کي سنڌ جي *پريم، امن، ڀائپي ۽ مهمان نوازي* جي سوني روايت ياد ڏياري ٿو۔
اسان جو مقصد آهي ته ٻارن ۾ پنهنجي ڌرتيءَ، ٻوليءَ ۽ سڃاڻپ لاءِ محبت وڌائي، انهن کي روشن مستقبل ڏانهن وٺي وڃجي۔
🌟 *اسرا پبلڪ سيڪنڊري اسڪول حاجي محمد بخش لھراڻي اوهان سڀني کي سنڌي ڪلچر ڊي جي دلين کان مبارڪ*🌟