06/10/2024
زميني وايومنڊل ۽ آبهوا
وايومنڊل، ڌرتيءِ جي چوڌاري گئسن جو ٺهيل هڪ سنھو تھ آهي جيڪو ڌرتي جي حفاظت ڪري ٿو. اُهو تھ اسان کي پولار (خلا) مان ايندڙ مخلتف خطرن کان بچائي ٿو. اهو اسان کي سج مان ايندڙ برقي مقناطيسي تابڪاري (Electromagnetic radiation) ۽ پولار ۾ اُڏامندڙ ننڍڙن ننڍڙن جسمن جهڙوڪ آسماني پٿرن کان بچائي ٿو گڏوگڏ اُنهن تهن ۾ آڪسيجن پڻ موجود ھوندي آهي جيڪا اسان جي زندھ رهڻ لاءِ تمام ضروري آهي.
جهڙي ريت ڌرتي جي اندر تھ آهن ساڳئي ريت ڌرتي جي وايومنڊل ۾ پڻ مختلف تھ آهن. گئسن جي ڌرتي جي چوڌاري گردش ڪرڻ جي ڪري اُنهن ۾ لاڳاپو پيدا ٿيندو آهي. سڀ کان هيٺون تھ ڌرتي جي سطح سان جڏهن ته مٿئيون تھ پولار سان لھ وچڙ ڪندو آهي. جيڪڏهن وايومنڊل جي ڪنهن هڪ سطح تي توهان کي ٿڌڙي هير محسوس ٿيندي ته ٻئي سطح وري تمام گرم يا گھميل جيان محسوس ٿيندي.
هوا جو هڪ غلاف
ڌرتي جي قطر جي ڀيٽ ۾ وايو منڊل تمام سنھو هوندو آهي. وايو منڊل جي ٿُلھ ڌرتي ۽ پولار جي طرف ويندڙ يا مٿي ٿيندڙ تمام گھڻي توانائي وارن ماليڪيولن ۽ ثقلي قوت جي وچ ۾ هڪ توازن آهي.
جڏهن سج مان ايندڙ توانائي (روشني) ڌرتي سان ٽڪرائيندي آهي ته مٿئين تهن ۾ موجود ماليڪيول توانائي جذب ڪرڻ جي ڪري تمام گھڻي جوش ۾ اچي ويندا آهن. هيٺين تهن ۾ موجود ماليڪيول ٿڌا ۽ تمام گھڻي داٻ هيٺ هوندا آهن. جيڪڏهن ڌرتي وڏي هُجي ها ته وايو منڊل تمام گھڻو گھاٽو هُجي ها. مايي سان لاڳاپيل ثقلي قوت سطح جي ويجهڙائي واري گئس جي ماليڪيولن کي ڇڪڻ جي ڪري داٻ به وڌي وڃي ها. وايو منڊل ڌرتي جي چوڌاري موجود فقط گئسن جو تھ نه آهي پر گرھ تي موجود سمورن قسمن جي مخلوَق جو گھمندڙ هڪ چڪر پڻ آهي. وايومنڊل جي اڪثريت نائٽروجن جي ماليڪيولن جي ٺهيل آهي. اُن اسان گڏوگڏ جانورن ۽ ٻوٽن جي زندھ رهڻ لاءِ گھربل ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ ۽ آڪسيجن پڻ موجود آهي. تمام مٿئين وايو منڊل ۾ اُوزون (ozone) پڻ موجود آهي جيڪا سج کان ايندڙ نُقصان رسائيندڙ الٽرا وايوليٽ (ultra violet) تابڪاري کان به محفوظ بڻائي ٿي. وايو منڊل اسان کي پولار ۽ خال (Vacuum) جي ڪري پيدا ٿيندڙ ٿڌ کان پڻ محفوظ رکي ٿو. وايومنڊل جي غيرموجودگي ۾ ڌرتي به چنڊ ۽ عطارد جيان هڪ سراسر ويران ۽ مُئل گرهن مثل بڻجي وڃي ها.
ڳنڍيل موسم
دنيا ۾ ڪيترن ئي قسمن جي آبهوا ٿئي ٿي. سموري گرھ تي ڪا به هڪ آبهوا نه آهي. گرھ جي مختلف علائقن ۾ مختلف آبهوا هوندي آهي جهڙوڪ ريگستان، برساتي ٻيلا يا قُطبي علائقا. اُنهن آبهوا ۾ هڪ عام امتيازي خاصيت وايو منڊل آهي. وايومنڊل اُنهن علائقن جي وچ ۾ گئسن ۽ ذرڙن جي گردش ڪرائي ٿو. خطِ استوا مان گرم هوا اُتر يا ڏکڻ کان ٻين موسمي علائقن مان حرڪت ڪري ٿي. اُها گرم هوا ٿڌي هوا سان ملڻ جي ڪري آهستي آهستي طوفان ٺاهي ٿي. وايومنڊل جي لڳاتارهڪ ٻئي سان ملڻ جي ڪري هڪ جٽادار نظام برقرار رهي ٿو جيڪو حياتياتي شين جي زندھ رهڻ لاءِ تمام ضروري هوندو آهي. ڪنهن به هڪ علائقي جي آڪسيجن ڪنهن ٻئي علائقي ۾ مُنتقل نه ٿيندي آهي ۽ نه وري ڪنهن هڪ تھ جو گرمي پد ٻئي تھ ۾ تيزي سان مٿي چڙهندو آهي.
وايو منڊل ممڪن طور تي ڌرتي جي اُوچائين ۾ توازن قائم ڪري مجموعي طور تي هڪ طرح سان جٽاءُ کي پيدا ڪري ٿو. ان جو هڪ اهم مثال اوقيانوس وڏي سمنڊ تي هڪ طوفان جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندو آهي. عالمي گردشي وايومنڊل جي ڪري اُهو نظام آفريڪا جي صحارا رڻ پٽ کان شروع ٿي ڪري اُتر آفريڪا جي اُولهندي ڪناري طرف حرڪت ڪري گرم اوقيانوس وڏي سمنڊ ۽ ڪئريبين سُمنڊ مٿان گُذرڻ مهل پاڻي جي هڪ وڏي مقدارکي به پاڻ سان ملائي ٿو ۽ آخر ۾ اُهو سمورو نظام ڪئريبين ۽ آمريڪا جي ڏاکڻي اُوڀرندي وارن ڪنارن تي برسات جي شڪل ۾ وسي ختم ٿئي ٿو. طوفاني موسم سان گڏوگڏ وايومنڊل ۾ صحارا کان ايندڙ مَٽي ۽ واري جا ذرڙا پڻ هوندا آهن.
ڌرتيءِ جي چوڌاري هڪ آرام ڏيندڙکٿو
وايومنڊل جو گھڻو حصو نائٽروجن، آڪسيجن ۽ آرگان گئسن جو ٺهيل آهي. جڏهن اُن وايومنڊل کي ڌرتي جي سطح تان يا پولار مان ڏٺو ويندو ته اهو گئسن جي هڪ کٿي جيان نظر ايندو. سائنسدانن جڏهن وايومنڊل جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ شروع ڪئي ته اُنهن کي پروڙ پئي ته وايومنڊل جا مختلف حصا يا تھ آهن. اُهي مختلف ماليڪيولن، گرمي پد ۽ داٻ جا تھ آهن. مجموعي طور تي وايومنڊل ڪجھ اهم ماليڪيولن جو ٺهيل آهي. اسان جي مٿان موجود هوا 98 سيڪڙو نائٽروجن، 21 سيڪڙو آڪسيجن، 0.9 سيڪڙو آرگان ۽ 0.04 سيڪڙو ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ جي ٺهيل آهي اُنکانسواءِ تمام ٿوري مقدار ۾ مختلف عنصرن جون ٺهيل ٻيون شيون آهن. اُنهن شين ۾ پاڻي جا قطرا، اُوزون ۽ آسپاس ترندڙ ذرڙا ۽ ماليڪيول آهن.
ٿرمواسفئير (Thermosphere)
اُهو پولار جي سڀ کان ويجهڙائي وارو تھ آهي. هن تھ ۾ توانائي جي هڪ تمام وڏو مقدار هوندي آهي. اُن توانائي جو هڪ اهم ذريعو سج مان ايندڙ تابڪاري آهي جيڪا ٿرمواسفئيرسان ٽڪرائي ٿي. هن تھ ۾ موجود ائٽمن جي گرمجوشي واري حالت جي ڪري تمام گھڻو گرمي پد هوندو آهي. توهان کي اُهو ٻُڌي اچرج لڳندو ته جيتوڻيڪ گرمي پد تمام گھڻو آهي پر اصل ۾ گرمي تمام گھٽ آهي. گرمي اُن وقت پيدا ٿيندي آهي جڏهن توانائي هڪ ائٽم کان ٻئي ائٽم تائين مُنتقل ٿيندا آهن پر ٿرمواسفئير ۾ داٻ ايترو ته گھٽ آهي (ماليڪيول تمام گھڻا ڦهليل آهن) جو گرمي جي مُنتقلي لڳ ڀڳ نه هئڻ جي برابر هوندي آهي.
ميسواسفئير (Mesosphere)
ٿرمواسفئير کان سراسر هيٺ ميسواسفئير آهي. هن ۾ گرمي پد گھٽ هوندو آهي ۽ وايومنڊل ۾ موجود سمورن تهن مان اُهو ٿڌي ۾ ٿڌو تھ آهي.
اسٽريٽواسفئير (Stratosphere)
اهو وايومنڊل جوسڀ کان هيٺون تھ آهي. هن ۾ گرمي پد جي تمام گھڻي تبديلي واقع ٿيندي آهي. اها تبديلي ٿڌي (لڳ ڀڳ ٻُڙي ڊگري سئلسيس) کان گرم ٿئي ٿي. (اها وايومنڊل جي لحاظ کان گرم آهي)
اسٽريٽواسفئير جي حقيقي اهميت اُوزون جو تھ آهي. سائنسدان هن کي اُوزون اسفئير(Ozone sphere) پڻ چوندا آهن. اُهي اُوزون ماليڪيول سج مان ايندڙ الٽراوايوليٽ تابڪاري جي هڪ وڏي حصي کي جذب ڪن ٿا. جڏهن ڪو اُوزون جو ماليڪيول الٽراوايوليٽ تابڪاري کي جذب ڪري ٿو ته هڪ ڪيمائي عمل ٿئي ٿو ۽ اُن کانپوءِ توانائي انفرا ريڊ تابڪاري جي شڪل ۾ خارج ٿئي ٿي ۽ اهڙي نموني سان هن تھ کي گرمائي ڇڏي ٿي. اُوزون کانسواءِ الٽراوايوليٽ روشني، ڌرتي جي سطح سان ٽڪرائجي وڃي ۽ اسٽريٽواسفئير جو گرمي پد تمام گھڻو گھٽجي وڃي ٿو.
ٽروپواسفئير (Troposphere)
وايومنڊل جي هيٺن حصي ۾ جتي تمام گھڻي زندگي موجود آهي اُن کي ٽروپواسفئيرسڏيو ويندو آهي. ٽروپواسفئير وايومنڊل جي اهو اڪيلو تھ آهي جنهن تي زندگي جي بقا جو دارومدار آهي. هي اهو ئي تھ آهي جتي ڪڪر ٺهندا آهن، پکي اُڏامندا آهن ۽ گدلاڻ گڏ ٿيندي آهي. اُهو چوڻ درست آهي ته ٽروپواسفئير اهو تھ آهي جتي انسانن وايومنڊل کي تمام گھڻو گدلو ڪيو آهي. اُها گدلاڻ ٽروپواسفئير طرف هلي ويندي آهي ۽ اُتان اها واپس ڌرتي تي واپس ڪِرندي آهي يا سُمنڊن ۾ گڏجي ويندي آهي. ڪجھ گدلاڻ جنهن کي ڪلوروفلورو ڪاربان (CFC) سڏيو ويندو آهي اُها اسٽريٽواسفئير ۾ داخل ٿي اُوزون تھ کي ٽوري