06/10/2024
زميني وايومنڊل ۽ آبهوا
وايومنڊل، ڌرتيءِ جي چوڌاري گئسن جو ٺهيل هڪ سنھو تھ آهي جيڪو ڌرتي جي حفاظت ڪري ٿو. اُهو تھ اسان کي پولار (خلا) مان ايندڙ مخلتف خطرن کان بچائي ٿو. اهو اسان کي سج مان ايندڙ برقي مقناطيسي تابڪاري (Electromagnetic radiation) ۽ پولار ۾ اُڏامندڙ ننڍڙن ننڍڙن جسمن جهڙوڪ آسماني پٿرن کان بچائي ٿو گڏوگڏ اُنهن تهن ۾ آڪسيجن پڻ موجود ھوندي آهي جيڪا اسان جي زندھ رهڻ لاءِ تمام ضروري آهي.
جهڙي ريت ڌرتي جي اندر تھ آهن ساڳئي ريت ڌرتي جي وايومنڊل ۾ پڻ مختلف تھ آهن. گئسن جي ڌرتي جي چوڌاري گردش ڪرڻ جي ڪري اُنهن ۾ لاڳاپو پيدا ٿيندو آهي. سڀ کان هيٺون تھ ڌرتي جي سطح سان جڏهن ته مٿئيون تھ پولار سان لھ وچڙ ڪندو آهي. جيڪڏهن وايومنڊل جي ڪنهن هڪ سطح تي توهان کي ٿڌڙي هير محسوس ٿيندي ته ٻئي سطح وري تمام گرم يا گھميل جيان محسوس ٿيندي.
هوا جو هڪ غلاف
ڌرتي جي قطر جي ڀيٽ ۾ وايو منڊل تمام سنھو هوندو آهي. وايو منڊل جي ٿُلھ ڌرتي ۽ پولار جي طرف ويندڙ يا مٿي ٿيندڙ تمام گھڻي توانائي وارن ماليڪيولن ۽ ثقلي قوت جي وچ ۾ هڪ توازن آهي.
جڏهن سج مان ايندڙ توانائي (روشني) ڌرتي سان ٽڪرائيندي آهي ته مٿئين تهن ۾ موجود ماليڪيول توانائي جذب ڪرڻ جي ڪري تمام گھڻي جوش ۾ اچي ويندا آهن. هيٺين تهن ۾ موجود ماليڪيول ٿڌا ۽ تمام گھڻي داٻ هيٺ هوندا آهن. جيڪڏهن ڌرتي وڏي هُجي ها ته وايو منڊل تمام گھڻو گھاٽو هُجي ها. مايي سان لاڳاپيل ثقلي قوت سطح جي ويجهڙائي واري گئس جي ماليڪيولن کي ڇڪڻ جي ڪري داٻ به وڌي وڃي ها. وايو منڊل ڌرتي جي چوڌاري موجود فقط گئسن جو تھ نه آهي پر گرھ تي موجود سمورن قسمن جي مخلوَق جو گھمندڙ هڪ چڪر پڻ آهي. وايومنڊل جي اڪثريت نائٽروجن جي ماليڪيولن جي ٺهيل آهي. اُن اسان گڏوگڏ جانورن ۽ ٻوٽن جي زندھ رهڻ لاءِ گھربل ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ ۽ آڪسيجن پڻ موجود آهي. تمام مٿئين وايو منڊل ۾ اُوزون (ozone) پڻ موجود آهي جيڪا سج کان ايندڙ نُقصان رسائيندڙ الٽرا وايوليٽ (ultra violet) تابڪاري کان به محفوظ بڻائي ٿي. وايو منڊل اسان کي پولار ۽ خال (Vacuum) جي ڪري پيدا ٿيندڙ ٿڌ کان پڻ محفوظ رکي ٿو. وايومنڊل جي غيرموجودگي ۾ ڌرتي به چنڊ ۽ عطارد جيان هڪ سراسر ويران ۽ مُئل گرهن مثل بڻجي وڃي ها.
ڳنڍيل موسم
دنيا ۾ ڪيترن ئي قسمن جي آبهوا ٿئي ٿي. سموري گرھ تي ڪا به هڪ آبهوا نه آهي. گرھ جي مختلف علائقن ۾ مختلف آبهوا هوندي آهي جهڙوڪ ريگستان، برساتي ٻيلا يا قُطبي علائقا. اُنهن آبهوا ۾ هڪ عام امتيازي خاصيت وايو منڊل آهي. وايومنڊل اُنهن علائقن جي وچ ۾ گئسن ۽ ذرڙن جي گردش ڪرائي ٿو. خطِ استوا مان گرم هوا اُتر يا ڏکڻ کان ٻين موسمي علائقن مان حرڪت ڪري ٿي. اُها گرم هوا ٿڌي هوا سان ملڻ جي ڪري آهستي آهستي طوفان ٺاهي ٿي. وايومنڊل جي لڳاتارهڪ ٻئي سان ملڻ جي ڪري هڪ جٽادار نظام برقرار رهي ٿو جيڪو حياتياتي شين جي زندھ رهڻ لاءِ تمام ضروري هوندو آهي. ڪنهن به هڪ علائقي جي آڪسيجن ڪنهن ٻئي علائقي ۾ مُنتقل نه ٿيندي آهي ۽ نه وري ڪنهن هڪ تھ جو گرمي پد ٻئي تھ ۾ تيزي سان مٿي چڙهندو آهي.
وايو منڊل ممڪن طور تي ڌرتي جي اُوچائين ۾ توازن قائم ڪري مجموعي طور تي هڪ طرح سان جٽاءُ کي پيدا ڪري ٿو. ان جو هڪ اهم مثال اوقيانوس وڏي سمنڊ تي هڪ طوفان جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندو آهي. عالمي گردشي وايومنڊل جي ڪري اُهو نظام آفريڪا جي صحارا رڻ پٽ کان شروع ٿي ڪري اُتر آفريڪا جي اُولهندي ڪناري طرف حرڪت ڪري گرم اوقيانوس وڏي سمنڊ ۽ ڪئريبين سُمنڊ مٿان گُذرڻ مهل پاڻي جي هڪ وڏي مقدارکي به پاڻ سان ملائي ٿو ۽ آخر ۾ اُهو سمورو نظام ڪئريبين ۽ آمريڪا جي ڏاکڻي اُوڀرندي وارن ڪنارن تي برسات جي شڪل ۾ وسي ختم ٿئي ٿو. طوفاني موسم سان گڏوگڏ وايومنڊل ۾ صحارا کان ايندڙ مَٽي ۽ واري جا ذرڙا پڻ هوندا آهن.
ڌرتيءِ جي چوڌاري هڪ آرام ڏيندڙکٿو
وايومنڊل جو گھڻو حصو نائٽروجن، آڪسيجن ۽ آرگان گئسن جو ٺهيل آهي. جڏهن اُن وايومنڊل کي ڌرتي جي سطح تان يا پولار مان ڏٺو ويندو ته اهو گئسن جي هڪ کٿي جيان نظر ايندو. سائنسدانن جڏهن وايومنڊل جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ شروع ڪئي ته اُنهن کي پروڙ پئي ته وايومنڊل جا مختلف حصا يا تھ آهن. اُهي مختلف ماليڪيولن، گرمي پد ۽ داٻ جا تھ آهن. مجموعي طور تي وايومنڊل ڪجھ اهم ماليڪيولن جو ٺهيل آهي. اسان جي مٿان موجود هوا 98 سيڪڙو نائٽروجن، 21 سيڪڙو آڪسيجن، 0.9 سيڪڙو آرگان ۽ 0.04 سيڪڙو ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ جي ٺهيل آهي اُنکانسواءِ تمام ٿوري مقدار ۾ مختلف عنصرن جون ٺهيل ٻيون شيون آهن. اُنهن شين ۾ پاڻي جا قطرا، اُوزون ۽ آسپاس ترندڙ ذرڙا ۽ ماليڪيول آهن.
ٿرمواسفئير (Thermosphere)
اُهو پولار جي سڀ کان ويجهڙائي وارو تھ آهي. هن تھ ۾ توانائي جي هڪ تمام وڏو مقدار هوندي آهي. اُن توانائي جو هڪ اهم ذريعو سج مان ايندڙ تابڪاري آهي جيڪا ٿرمواسفئيرسان ٽڪرائي ٿي. هن تھ ۾ موجود ائٽمن جي گرمجوشي واري حالت جي ڪري تمام گھڻو گرمي پد هوندو آهي. توهان کي اُهو ٻُڌي اچرج لڳندو ته جيتوڻيڪ گرمي پد تمام گھڻو آهي پر اصل ۾ گرمي تمام گھٽ آهي. گرمي اُن وقت پيدا ٿيندي آهي جڏهن توانائي هڪ ائٽم کان ٻئي ائٽم تائين مُنتقل ٿيندا آهن پر ٿرمواسفئير ۾ داٻ ايترو ته گھٽ آهي (ماليڪيول تمام گھڻا ڦهليل آهن) جو گرمي جي مُنتقلي لڳ ڀڳ نه هئڻ جي برابر هوندي آهي.
ميسواسفئير (Mesosphere)
ٿرمواسفئير کان سراسر هيٺ ميسواسفئير آهي. هن ۾ گرمي پد گھٽ هوندو آهي ۽ وايومنڊل ۾ موجود سمورن تهن مان اُهو ٿڌي ۾ ٿڌو تھ آهي.
اسٽريٽواسفئير (Stratosphere)
اهو وايومنڊل جوسڀ کان هيٺون تھ آهي. هن ۾ گرمي پد جي تمام گھڻي تبديلي واقع ٿيندي آهي. اها تبديلي ٿڌي (لڳ ڀڳ ٻُڙي ڊگري سئلسيس) کان گرم ٿئي ٿي. (اها وايومنڊل جي لحاظ کان گرم آهي)
اسٽريٽواسفئير جي حقيقي اهميت اُوزون جو تھ آهي. سائنسدان هن کي اُوزون اسفئير(Ozone sphere) پڻ چوندا آهن. اُهي اُوزون ماليڪيول سج مان ايندڙ الٽراوايوليٽ تابڪاري جي هڪ وڏي حصي کي جذب ڪن ٿا. جڏهن ڪو اُوزون جو ماليڪيول الٽراوايوليٽ تابڪاري کي جذب ڪري ٿو ته هڪ ڪيمائي عمل ٿئي ٿو ۽ اُن کانپوءِ توانائي انفرا ريڊ تابڪاري جي شڪل ۾ خارج ٿئي ٿي ۽ اهڙي نموني سان هن تھ کي گرمائي ڇڏي ٿي. اُوزون کانسواءِ الٽراوايوليٽ روشني، ڌرتي جي سطح سان ٽڪرائجي وڃي ۽ اسٽريٽواسفئير جو گرمي پد تمام گھڻو گھٽجي وڃي ٿو.
ٽروپواسفئير (Troposphere)
وايومنڊل جي هيٺن حصي ۾ جتي تمام گھڻي زندگي موجود آهي اُن کي ٽروپواسفئيرسڏيو ويندو آهي. ٽروپواسفئير وايومنڊل جي اهو اڪيلو تھ آهي جنهن تي زندگي جي بقا جو دارومدار آهي. هي اهو ئي تھ آهي جتي ڪڪر ٺهندا آهن، پکي اُڏامندا آهن ۽ گدلاڻ گڏ ٿيندي آهي. اُهو چوڻ درست آهي ته ٽروپواسفئير اهو تھ آهي جتي انسانن وايومنڊل کي تمام گھڻو گدلو ڪيو آهي. اُها گدلاڻ ٽروپواسفئير طرف هلي ويندي آهي ۽ اُتان اها واپس ڌرتي تي واپس ڪِرندي آهي يا سُمنڊن ۾ گڏجي ويندي آهي. ڪجھ گدلاڻ جنهن کي ڪلوروفلورو ڪاربان (CFC) سڏيو ويندو آهي اُها اسٽريٽواسفئير ۾ داخل ٿي اُوزون تھ کي ٽوري
30/09/2024
سنڌ جا شھر ڪڏھن ٺھيا ۽ ڪنھن ٺھرايا.
28/09/2024
Upgrading Girls Primary Schools to Elementary SCHOOLs in Rural areas of Sindh
28/09/2024
ٻرندڙ جبل (Volcano) ڇا آھن؟
ٻرندڙ جبل عام طور تي انھن ھنڌن (جاين) تي ھوندا آھن جتي ڌرتيءِ جي اندرئين تھن (plates) جا ڇيڙا پاڻ ۾ ملي رھيا ھوندا آھن. پگهريل ٽڪريون ۽ گئسون، تمام گهڻي داٻ جي ڪري ڌرتيءِ جي ٻاھرين تھ کي چيري ٻاھر خارج ٿين ٿيون. ھزارين سالن جي ھلندي ٿڌي ٿيڻ واريون ٽڪريون ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن زميني سطح کان ھيٺ ڏار جي ويجھڙائي ۾ گڏ ٿينديون رھن ٿيون ۽ مخروطي (Cone) شڪل جھڙي ٻرندڙ جبل کي ٺاھين ٿيون.
ٻرندڙ جبل اسان کي ڇا ٻڌائين ٿا؟
ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ سان آسپاس جا علائقا ھڪدم سان پگهريل ٽڪرين يا رک سان ڀرجي ويندا آھن ۽ ان ۾ جانور، ٻوٽا ۽ ڍانچا وغيرھ ڊگهي عرصي تائين محفوظ رھي سگهن ٿا. سائنسدان انھن اهڃاڻن (باقياتن) تي تحقيق ڪري تاريخي واقعن جي ڇنڊڇاڻ ڪن ٿا.
ڇا سمنڊ جي ھيٺ ٻرندڙ جبل موجود آھن؟
سڀ کان وڌيڪ سرگرم برندڙ جبل سمنڊ جي تري ۾ ئي موجود آھن تنھن ھوندي بہ زميني سطح تي انھن جا اثر نہ ھئڻ جي برابر محسوس ٿين ٿا.
ائپي مرڪز (epicentre) ڇا آھي؟
ائپي مرڪز ڌرتيءِ جي ان نقطي يا ھنڌ کي سڏيو ويندو آھي جنھن جي سراسر ھيٺ ڪو ٻرندڙ جبل موجود ھجي.
24/09/2024
Sindhi Grammar
⬅️ سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائڻ جا گهڻا جزا آهن.
1. اسم 2.ضمير 3. صفت 4. فعل 5. حرف جر 6. حرف جملو 7. حرف ندا
_____________________________________________
*1. اسم ؛ NOUN*
⬅️ڪنهن به ماڻهو، جانور، جڳه يا ڪنهن به شيءِ جي نالي کي اسم چئبو آهي
⬅️ *نوٽ* اسان ڪنهن به حالت، خاصيت يا ڪم جي نالي کي پڻ اسم چئي سگهون ٿا.
⬅️ اسم عام جا مثال. ڇوڪرو، مينهن، پين، اسڪول، ڳوٺ، شهر، مهينو، گهر، ڪتاب وغيره
⬅️ اسم خاص جا مثال: احمد، عائشه، سيوهڻ، ٻنڀا، ڊالر پين، انگلش ڪتاب، ميمڻ، جنوري وغيره
⬅️ اسم ذات: اهي اسم جن کي اسان ڏسي يا ٽچ نه ڪري سگهون صرف انهن کي محسوس ڪري سگهون ته اهڙن اسمن کي اسم ذات چئبو آهي
⬅️اسم ذات جا مثال. هوا، روشني، گرمائش، ايمانداري، غُربت، پڙهڻي، هوشياري، خوشبوء، شرافت وغيره
_____________________________________________
*2. ضمير. Pronoun*
⬅️اهو لفظ جيڪو اسم جي پاران ڪم اچي ته ان کي ضمير چئبو آهي.
⬅️ ضمير جا مثال : مان، اسان، توهان، هي، اهو، ڪير، منهنجو، اسان جو انهن جو وعيره
⬅️ جيڪي لفظ صرف ماڻهن جي پاران ڪم اچن، انهن کي ضمير خالص چئبو آهي،
ضمير خالص جا 3 قِسم آهن
1. ضمير متڪلم: 2 ضمير حاضر 3. ضمير غائب
⬅️ مان، آءُُ اسان، اسين، منهنجو، اسان جو، وغيره ضمير متڪلم جا مثال آهن.
متڪلم جي معني آهي پاڻ ڳالهائيندڙ
⬅️. تون، توهان، اوهان، توکي، تنهنجو وغيره ضمير حاضر جا مثال آهن.
⬅️. هي، هوء، اهو، اُهي ، انهن، هن، هن کي هن جو، انهن جو وغيره ضمير غائب جا مثال آهن
⬅️ جيڪي ضمير سوال پڇڻ لاء استعمال ٿيڻ انهن کي ضمير استفهام چئبو آهي. مثال : ڇا، ڪير، ڪنهن، ڪهڙو، ڪنهنجو وغيره
_____________________________________________
*3. صفت. ADJECTIVE*
⬅️اهو لفظ جيڪو اسم يا ضمير کي بيان ڪري ان کي صفت چئبو آهي.
⬅️صفت جا مثال: سٺو، خراب، ننڍو، اڇو، ڪارو، گول، پاڪستاني، سنڌي، چيني خوبصورت، ڪجهه، ٿورو، گهڻو، هڪ، ٻه، چار، پهريون، ٻيو، پنجون، وغيره
⬅️ صفت شماري جا مثال : هڪ، ٻه، ٽي، چار، پنج، ڇھ، ست............ وغيره
⬅️ صفت قطاري جا مثال: پهريون، ٻيو، ٽيون، چوٿون، پنجون، ڇھون، ستون ،.............. وغيره
_____________________________________________
*4. فعل VERB*
⬅️اهو لفظ جيڪو هئڻ، ڪرڻ، ٿيڻ، پوڻ ۽ سهڻ جي معنئ ڏيکاري ته ان لفظ کي فعل چئبو آهي.
*نوٽ* : فعل جي اصلي حالت ۾ آخر ۾ "ڻ" لازمي ايندو آهي.
⬅️ فعل جا مثال : اچڻ، وڃن، کائڻ، پيئڻ، لکڻ، پڙهڻ، ڪرڻ، ٿيڻ، ڊوڙڻ وغيره
⬅️نوٽ: آهي، آهيان، آهن، هو، هئا، هئي، هوندو، هوندا وغيره مددگار فعلن جا مثال آهن.
_____________________________________________
*5. ظرف ADVERB*
⬅️اهو لفظ جيڪو جملي ۾ وقت، جاءِ، ريت، قدر، هاڪار يا ناڪار جي معني ڏيکاري، ان کي ظرف چئبو آهي.
مثال: اڄ، سڀاڻي، ڪالھ، هاڻي، پوء، سوير، دير، سدائين، ڪڏهن به نه، ڪڏهن ڪڏهن وغيره ( ظرف زمان)
هتي، اتي، جٿي ڪٿي، هوڏي، هيڏي، اندر، ٻاهر، هيٺ، مٿي وغيره (ظرف مڪان )
پڻ، به، تمام، ڏاڍو، ها، هائو، نه، ڪونه، وغيره
آهستي، تيزي سان، جلدي، خاموشي سان، تڪڙ سان، آرام سان، پڙهندي، لکندي وغيره
_____________________________________________
*6. حرف جر PREPOSITION*
⬅️حرف جر جا مثال: ۾، تي، کي، جو، جا، وٽ، لاءِ، ڏانهن، کان، تائين، مٿان، هيٺان، بابت، ذريعي، پاران، وغيره
_____________________________________________
7. *حرف جملو CONJUNCTION*
⬅️اهو لفظ جيڪو ٻن لفظن يا ٻن جملن کي ملائي ته ان کي حرف جملو چئبو آهي.
⬅️حرف جملي جا مثال: ۽، يا، پوءِ، پر، ته، ڇاڪاڻ ته، جيڪڏهن، جيئن ته، تنهنڪري، ان کانپوء وغيره
_____________________________________________
*8. حرف ندا. INTERJECTION*
⬅️اهي لفظ جيڪي گهڻي خوشي، گهڻي ڏک، گهڻي ڪاوڙ يا جذبات ۾ ڳالهايا وڃن ته انهن کي حرف ندا چئبو آهي،
⬅️ حرف ندا جا مثال: هاءِ هاءِ!, واھ واھ!, سبحان ﷲ! مآ شآء ﷲ! هم! افسوس! اوهو! هوئي! الا! ابا ڙي! گهوڙا ڙي! ڪاش! شل! بلي! هان! شِٽ وغيره
_______________________________________
*زمان Tense*
⬅️زمان جي معنئ آهي وقت،
⬅️زمان جا 3 خاص قِسم آهن
1. زمان حال 2. زمان ماضي 3. زمان مستقبل
*1. زمان حال. Present Tense*
⬅️اهو ڪم جيڪو هلندڙ وقت ۾ ٿئي، ان کي زمان حال چئبو آهي
مثال، مان لکان ٿو، اهي راند کيڏن پيا، اسان اسڪول ويندا آهيون، هي ويٺو آهي وغيره
*2. زمان ماضي Past Tense*
⬅️اهو ڪم جيڪو گذريل وقت ۾ ٿيو، ان کي زمان ماضي چئبو آهي.
مثال. مان اسڪول ويس، هي ڪالھ پڙهي رهيو هو، اسان ڪراچي گھميا هئاسين، توهان چانھ پيتي، وغيره
*3. زمان مستقبل Future Tense*
⬅️اهو ڪم جيڪو ايندڙ وقت ۾ ٿيندو، ان کي زمان مستقبل چئبو آهي،
مثال، مان ڊاڪٽر ٿيندس، اوهان ڪار خريد ڪندا، هي غريبن جي مدد ڪندو رهندو وغيره
_____________________________________________
*امر Command* .
⬅️اهي جملا جن ۾ ڪنهن کي ڪم ڪرڻ جو حڪم / عرض/ صلاح ڪئي وڃي ته اهڙن جملن کي امر چئبو آهي،
مثال، ، گهر وڃو، ماڻهن سان نه پڙهو، مهرباني ڪري سخت محنت ڪريو، هيڏي اچ، سچ ڳالهاء،سبق پڙھ غيره
____________________________________________
*فاعل Subject*
⬅️ڪنهن به جملي ۾ ڪم جي ڪندڙ کي فاعل چئبو آهي
مثال. علي شهر وڃي ٿو،
اسان چانھ پيتي.
مٿين جملن ۾ علي ۽ اسان فاعل آهن.
*مفعول Object* .
ڪنهن به جملي ۾ جنهن شي تي ڪم ٿئي ان کي مفعول چئبو آهي.
مثال. علي سبق ياد ڪري ٿو
هو جملو لکي رهيو هو.
مٿين جملن ۾ "سبق ۽ جملو" مفعول آهن
_____________________________________________
*حالت جري* .
⬅️جن لفظن سان حرف جر لڳي ته اجڙن لفظن کي حالت جري وارا لفظ چئبو آهي.
مثال: ڇوڪرا اسڪول ۾ آهن.
هي ڇت تي چڙهي ٿو.
اهي مون لاء ڪتاب خريد ڪن ٿا. وغيره
مٿين جملن ۾ "اسڪول، ڇت ۽ مون" حالت جري ۾ آهن
______________________________________________
*تشبيھ* .
⬅️اهي لفظ جيڪي ڀيٽ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿين ته اهڙن لفظن کي تشبيھ وارا لفظ چئبو آهي.
مثال: وانگر، جهڙو، جيان، مثل، هڪجهڙو، ساڳيو وغيره،
______________________________________
*قافيو. Rhyming word* .
⬅️هم آواز لفظن کي قافيو چئبو آهي.
مثال، قراري جو ڪفاري.
هار جو مار.
عالم جو دائم وغيره
_______________________________________
*تجنيس جا 3 قسم آهن*
*1. تجنيس تام*
⬅️جيڪي لفظ هجن ته بالڪل هڪجهڙا پر انهن جي معنئ مٽيل هجي.
مثال: ور معنئ موڙ ، ور معنئ گهر وارو ۽ ور معنئ گهنج.
ٻوڙ معنئ رڌل ڀاڄي ، ٻوڙ معنئ پاڻي ۾ وجهڻ وغيره
*2. تجنيس حرفي*
⬅️ڪنهن به جملي ۾ جن لفظن جو پهريون اکر ساڳيو هجي.
مثال. سو سچو سيد سردار ڪري آيو سينگار منجهه عرب
*3. تجنيس ناقص.*
⬅️جيڪي لفظ هڪجهڙا هجن پر انهن جي اعراب (زبر، زير ۽ پيش) مٽيل هجي.
مثال: ڪُنڊو ۽ ڪنڊو،
جيرو ۽ جِيرو وغيره
__________________________________
⬅️ قافيي جي پويان ايندڙ لفظن کي رديف چئبو آهي.
⬅️ ڇهن سٽن واري بند کي مسدس چئبو آهي
____________________________________
*بيهڪ جون نشانيون Punctuations*
⬅️ پورو دم . Full stop
⬅️ ٿورو دم , Comma
⬅️ اڌ دم ; Semi colon
⬅️ دم : Colon
⬅️سوال جي نشاني ? Question Mark
⬅️عجب جي نشاني ! Exclamation mark
_____________________________________________
PARTS OF SPEECH ___ڳالهائڻ جا حصا.
1. Noun. اسم
2. Pronoun. ضمير
3. Adjective. صفت
4. Verb. فعل
5. Adverb. ظرف
6. Preposition. حرف جر
7. Conjunction. حرف جملو
8. Interjection. حرف ندا
____________________________
Proper Noun اسم خاص
Common Noun. اسم عام
Abstract Noun. اسم ذات
Masculine. مذڪر
Feminine. مونث
________________________
Personal pronoun. ضمير خالص
1st person pronouns. ضمير متڪلم
2nd person pronouns. ضمير حاضر
3rd person pronouns. ضمير غائب
Introgative pronoun. ضمير استفهام
___________________________________________
17/09/2024
پنهنجي ٻارڙن کي نرسري کان مئٽرڪ انٽر تائين داخلا وٺڻ لاء عمر جي حد چيڪ ڪيو ....!!!!!!!!
16/09/2024
تمام اساتذہ، ھیڈ ماسٹرز / ھیڈ مسٹریسز کو ہدایت کی جاتی ہے کہ وہ ، اسکول میں داخل ہونے والے بچوں کے والدین سے کہیں کہ ، جلد از جلد اپنے بچوں کے B بے فارم بنوائیں شکریہ
16/09/2024
12th Rabi-ul-Awwal 1446(A.H) 17th September,2024
Eid Milad-un-Nabi(S.A.W.W)
16/09/2024
فلڪيات جي علم جو بنياد
جن روايتن تي جديد فلڪيات جو بنياد رکيو ويو آھي انھن جي ابتدا قديم يونان ۽ ان جي بئٺڪن ۾ ٿي. جيتوڻيڪ مئسوپوٽيميا ۾ بابل (Babylon) جي ماڻھن پيچيدا رياضي جو استعمال ڪندي آسمان ۾ ٿيندڙ لقائن جي اڳڪٿين ۾ تمام گهڻا ماھر ٿي چڪا ھئا پر انھن جي فلڪيات جو بنياد ڏنڌڪٿائن ۾ کُتل ھو ۽ انھن جو مشغلو مستقل جي قسمتن ۾ ھو. انھن جو خيال ھو تہ آسمان تي ديوتائن جي حڪمراني ھئي جيڪي انسانن جي عقلي تحقيقات جي وس کان ٻاھر ھئا. ان جي اُبتڙ يونانين آسمان ۾ جيڪو بہ مشاھدو ڪيو انھن ان کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي.
ميلئتس جي ٿيلئس (Thales of Miletus) اھو پھريون فلسفيدان سمجھيو ويندو آھي جنھن اھو سوچيو تہ طبعي دنيا ۾ موجود تبديل نہ ٿيندڙ (اڻ مٽ) اُصولن کي منطق جي مدد سان سمجھي سگهجي ٿو. ٻن صدين کانپوءِ ارسطو پنھنجا نظرياتي خيال پيش ڪيا جن جو سورھين صدي عيسوي تائين پوري فلڪيات تي غلبو رھيو.
10/09/2024
اسان جي جسم ۾ ڪيتريون هڏيون (BONES) آهن؟
اسان جي جسم جي وزن جو اڌ حصو اسانجي هڏن ۽ ماس ڏورن/ مشڪن (Muscles) جو آھي. جسم کي ھلڻ، ڦرڻ ۽ چرپر جي لائق بڻائڻ لاءِ ھڏا ۽ مشڪون گڏجي ڪم ڪن ٿا ۽ هڪ جاندار، ڍانچو يا جوڙجڪ (Framework) ٺاھين ٿا. ھڏن کي چوريندڙ مشڪون رضاڪاراڻي (Voluntary) نموني ڪم ڪن ٿيون. اھي مڪمل طور توھان جي وسَ ۾ ھونديون آھن.
ھڏائين پڃري يا ڍانچي (Skeleton) کانسواءِ اسانجو جسم گوشت جو ھڪ ڍير ھوندو. توھانجو ھڏائون پڃرو 300 هڏن جو ٺهيل آهي، جيڪي سنڌن/ جوڙن رستي ڳنڍيل آهن ۽ اھي 600 کان وڌيڪ مشڪن سان مضبوطيء سان سوگها ٿيل يا ويڙهيل آهن. هي جاندار ڍانچو توهان کي هلڻ، نچڻ، وڻن تي چڙهڻ، ۽ سائيڪل هلائڻ جو لائق بڻائي ٿو. اهو توهان جي عضون جي حفاظت ڪري ٿو، معدنيات کي ذخيرو ڪري ٿو ۽ توهان جي رت جا 95 سيڪڙو جيوگهرڙا (Blood cells) پيدا ڪري ٿو.
توهان جي جسم ۾ هڏن جي تعداد جو دارومدار توهان جي عمر تي آهي. هڪ تازي ڄاول ٻار ۾ لڳ ڀڳ 300 هڏا هوندا آهن، پر عمر سارو جيئن جيئن وڌي ٿو انهن مان ڪجھ هڏيون پاڻ ۾ ملي وينديون آهن. 25 سالن جي عمر تائين، انساني ھڏائين پڃري ۾ رڳو 206 ھجن ٿيون.
اسان جي هر ٻانھن (Arm) ۾ 30 هڏيون آهن، جن ۾ ھٿ جون (ڪرائي سميت) 27 ھڏيون اچي وڃن ٿيون.
توهان جي کوپڙي 22 هڏين مان ٺهيل آهي. اھي ڄاول ٻارن ۾ الڳ الڳ ٿين ٿيون پر ننڍپڻ ۾ اھي آھستي آھستي پاڻ ۾ ملي (fuse) وينديون آھن.
دُڏ جي ٻن هڏين (Hip bones) مان ھر ھڪ اصل ۾ ٽن ھڏين مان ٺهيل آهن جيڪي ڪچي عمر ۾ ھڪٻئي سان ملي وڃن ٿيون. اھو توهان جي جسم جو بار کڻڻ لاءِ هڪ مضبوط ٿلھو ٺاهيندو آهي.
توهان جي پٺيءَ جو ڪنڊو/ ڪرنگهو (Spine) 33 ننڍڙين هڏين مان ٺھيل آهي جن کي مُهُرا (Vertebrae) سڏيو ويندو آهي. پر وقت گذرڻ ڪنڊي جون آخري 9 (5+4) ھڏين جي پاڻ ۾ گڏجڻ کانپوءِ تعداد ۾ 26 ٿي وڃن ٿيون.
پاسرين (Ribs) جون 12 جوڙيون ۽ 1 سيني جي تاڪي ملي ڪري 25 ھڏين وارو توھانجو ڇاتيءَ جو ڀانڊو (rib cage) ٺاھين ٿيون. 500 مان ھڪ ماڻھوءَ کي پاسرين جو اضافي جوڙو ٿي سگهي ٿو.
سٿر يا ران جي هڏي (Thighbone) جنھن کي سٿريو (Femur) بہ چون، جسم ۾ سڀ کان ڊگهي ۽ مضبوط هڏي آھي.
هر ٽنگ (Leg) ۾ 30 هڏيون آهن، جن ۾ پير (Foot) ۽ مُريي (Ankle) جون 26 ھڏيون اچي وڃن ٿيون.
اسان جي جسم جي وزن جو 14 سيڪڙو حصو ھڏائين پڃري جو آهي.
هڪ جوان ماڻھوءَ ۾ 206 هڏيون آهن، پر ٻار جي ھڏائين پڃري ۾ 300 هڏيون ٿين ٿيون.
ھڏائون پڃرو ڪھڙو ڪم ڪري ٿو؟
اسان جو ھڏائون پڃرو جسم کي سھارو (Support) ڏيڻ سان گڏ ٻيا بہ ڪم ڪري ٿو جهڙوڪ: معدنيات سانڍڻ ۽ ضرورت پوڻ تي جاري ڪرڻ. ان جا پنج مکيہ ڪم ٿين ٿا، جيڪي سڀ ضروري ھوندا آهن.
بچاءُ (Protection): ھڏائين پڃري جا ڪجھ حصا جھڙوڪ: کوپري (Skull) ۽ پاسراٽيون (Ribs) اسانجي اندروني عضون جو بچاءُ ڪنديون آھن.
چرپر (Movement): هڏين جي وچ ۾ لچڪدار سنڌَ/ جوڙ اسان جي جسم جي حالت بلائڻ ۽ چرپر ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا.
حقيقتون
توھان جو ھڏائون پڃرو 30 ۽ 70 سالن جي وچ ۾ 2 انچ (5 سي ايم) تائين سُسي ننڍو ٿي ويندو آھي.
هڪ جوان ماڻھوءَ ۾ 206 هڏيون آهن، پر ٻار جي ھڏائين پڃري ۾ 300 هڏيون ٿين ٿيون.
توهان جي ٻانھن ۽ ٽنگ جي هڏين ۾ خال ٿين ٿا جيڪي کين وڌڻ جي جاءِ ڏين ٿا.
ڪجھ نانگن جي ھڏائين پڃري/ ڍانچي ۾ 1000 کان وڌيڪ هڏيون آهن.
ھيستائين ملندڙ سڀ کان وڏي هڏي ھڪ ڊائناسور جي سٿر يا ران جي هڏي هئي.
شارڪ مڇيءَ جي جسم ۾ ڪابہ سخت ھڏي نٿي ٿئي، ان جو ڍانچو ڪُرٽِڻيِ يا ڪچي ھڏيءَ (Cartilage) جو ٺھيل آھي.
10/09/2024
سنڌي صورتخطي ۾ ڪل ٻاونجاھ (52) اکر آهن جنهن ۾ ڇھ (6) نج سنڌي ٽي (3) فارسي چوڏهن (14) سنسڪرت ۽ اوڻٽيھ (29) عربي ٻوليءَ جا اکر ملايا ويا آهن ٽبڪا ڏنل اکرن جو تعداد ڪل چوٽيھ (34) آهي جن مان ويھن (20) کي مٿان ۽ چوڏهن (14) کي هيٺان ٽبڪا ڏنل آهن بغير ٽبڪن وارا ارڙھن(18) آهن ۽ ٻاهتر (72) ٽبڪا مڪمل الفابيٽ ۾ آهن ٽبڪن وارن اکرن کي منقوط ۽ ٻين کي غير منقوط چئبو آهي.
07/09/2024
دلچسپ حقيقت
ڌرتيءِ اسان جي سج جي چوڌاري ذري گهٽ گولائي واري مدار ۾ حرڪت ڪري ٿي. ڌرتيءِ پنھنجي رستي تي لڳ ڀڳ
30 ڪلوميٽر في سيڪنڊ يا 67000 ميل في ڪلاڪ (107826 ڪلوميٽر في ڪلاڪ) جي رفتار سان حرڪت ڪندي رھندي آھي.
خلائي جھاز اڄ ڏينھن تائين انسانن طرفان ٺاھيل سڀ کان تيز رفتار رکندڙ شيون آھن.
ڌرتيءِ جي ثقلي قوت جي قيد مان نڪرڻ لاءِ راڪيٽ استعمال ڪيا ويا جيڪي 25000 ميل في ڪلاڪ (40000 ڪلوميٽر في ڪلاڪ) جي رفتار سان حرڪت ڪن ٿا.
سڀ کان تيز رفتاري سان حرڪت ڪندڙ خلائي جھاز ناسا (NASA) طرفان ٺاھيل پارڪر سولر پروب (Parker Solar Probe) آھي.