09/05/2023
ڍليار موڙ
ڀرسان ڳوٺ بهرام ڀيل جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول بهرام بيل جي پنجين ڪلاس جي شاگردن جي الوداعي پارٽي جي ھڪ پر وقار تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ استادن ، شاگردن شرڪت ڪئي ان موقعي تي اسڪول جي ھيڊ ماستر مولوي حسن درس دودو گجو علي غلام درس چنيسر ڀيل شنڪر لال ڀيل عالم ڀيل خطاب ڪندي چيو ته شاگرد مستقبل جا معمار آھن جيڪي تعليم جي ذريعي اعليٰ مقام تي پنھنجي وطن والدين اسڪول ۽ استادن جو نالو روشن ڪندا تعليم اونداھي ۾ ٻرندڙ شمع آھي انھي روشني جي ذريعي پوري دنيا کي روشن ڪري سگھجي ٿو تعليم جي ذريعي انسان فرش کان عرش تي پھچي ٿو ۽ بشعور ماڻھن کي تعليم ذريعي شعور ملي ٿو انسانن کي مھان سائنسدان انجنيئر ، ڊاڪٽر ، استاد تعليم جي ذريعي ٿين ٿا جنھن ڪري ھر انسان کي تعليم جھڙي زيور کان مالا مال ڪرڻ کپي غريب پورھيت مزدور پنھنجي ٻارن ۽ نياڻين کي وڌ ۾ وڌ تعليم حاصل ڪرائين پنھنجن ڳوٺن ، واھن وستين ۾ اسڪول آباد ڪن پوئتي پيل علائقن کي ترقي ڏياري اونداھي سماج ۽ جھالت کي تعليم جي ذريعي ختم ڪري سگھجي ٿو ھن اسڪول جا شاگرد ٻين تعليمي ادارن ۾ وڃي تعليم تي ڌيان ڏين ته جيئن ھو مھان ۽ اعليٰ انسان بڻجي سگھن اسڪول جي بھترين استاد چنيسر ڀيل چيو ته ھي پر وقار تقريب چوٿين ڪلاس جي شاگردن طرفان پنجون پاس ڪندڙ شاگردن کي الوداعي پارٽي ڪئي آھي جن کي اسان خراج تحسين پيش ڪيون ٿا ھن چيو ته اسان کي اميد آھي پنجون پاس ڪري ويندڙ ھن اسڪول جا شاگرد اعليٰ تعليم حاصل ڪري پنھنجو مستقبل سنواريندا پنھنجي وطن جي خدمت جو تاريخي مثال قائم ڪندا اھڙي تقريب شاگردن جي ھمت افزائي پڻ ٿئي ٿي ۽ شاگردن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ دعا آھي اسان جي اسڪول جا شاگرد ھميشه گلن وانگر مھڪندا رھن ۽ تعليم جو معيار بلند ڪندا رھن ھن تقريب ۾ شاگردن ڌنراج روشن سيتا گيتا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ آخر ۾ تعليم جي بھتري واڌاري سڌاري ۽ شاگردن جي بھتر مستقبل لاءِ دعا گھري کين الودع ڪيو ويو