10/06/2026
سخت گرمي ۾ پنهنجي ٻارڙن جي حفاظت ڪريو
☀️ ٻارڙن کي بنا ضرورت سخت سج ۾ ٻاهر نه موڪليو.
💧 کين بار بار صاف پاڻي، لسي يا ٻيا صحت بخش مشروب پياريو.
🧢 هلڪا، ڍِلا ۽ هلڪي رنگ جا ڪپڙا پارايو، ٽوپي جو استعمال ڪرايو.
🏠 ممڪن هجي ته ڏينهن جي تيز گرمي (11 وڳي کان 4 وڳي تائين) گهر اندر رکو.
🍉 تازا ميوا ۽ غذائيت ڀريو کاڌو کارايو.
🚗 ٻارڙن کي ڪنهن به حالت ۾ بند گاڏي اندر اڪيلو نه ڇڏيو.
⚠️ جيڪڏهن ٻار کي چڪر اچنمگهڻو پگهر اچي بخار يا بيهوشي محسوس ٿئي ته فوري طور ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو.
ٻار اسان جو مستقبل آهن اچو ته هن سخت گرمي ۾ سندن حفاظت کي يقيني بڻايون. ❤️🌿