29/06/2026
🎓 NARA Students Association
NARA Students Association is a platform dedicated to empowering students through education, leadership, unity, and community service.
Our mission is to support young minds, promote academic excellence, and create opportunities for personal and professional growth. Through seminars, workshops, social initiatives, and educational programs, we aim to build a strong and responsible student community.
📚 Education | 🤝 Unity | 🌟 Leadership | ❤️ Service
Join us in shaping a brighter future for the students of Taluka Nara.
Together We Learn, Together We Grow!
28/06/2026
نارا اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن
السلام عليڪم!
جن شاگردن آن لائين AI ڪورس لاءِ اپلائي ڪيو آهي، انهن کي گذارش آهي ته پنهنجي سي وي (CV) جلد کان جلد موڪلين، جيئن ڪلاسن جو باقاعده آغاز ڪري سگهجي.
وڌيڪ معلومات لاءِ رابطو ڪريو:
📞 0320-0360054
📞 0304-8349170
28/06/2026
خيرپور يوٿ ڪائونسل جي ضلعي جنرل سيڪريٽري محترم ايڊووڪيٽ صادق علي رڏ صاحب سان ملاقات دوران نارا اسٽوڊنٽ ايسوسيئيشن جي تنظيمي معاملن، جلد شروع ٿيندڙ AI ڪورس ۽ هيپاٽائٽس جي مريضن لاءِ مفت ميڊيڪل ڪيمپ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ايڊووڪيٽ صادق علي رڏ صاحب جو ويزن آهي ته تعلقي ناري جي نوجوانن کي تعليم، شعور ۽ مثبت سرگرمين ذريعي اڳتي آندو وڃي ۽ کين ترقي جا بهتر موقعا فراهم ڪيا وڃن.
ان موقعي تي چونڊڪو جي شاگردن لاءِ آگسٽ جي ٻئي هفتي ۾ CSS سيمينار منعقد ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو.
ملاقات ۾ نارا اسٽوڊنٽ ايسوسيئيشن جا نوجوان آفتاب علي ملاح، رياض حسين ڀنڀرو ۽ منشاد علي ملاح پڻ شريڪ هئا.
15/06/2026
ميڊم نفيسه شاهه (Patron in Chief) جي سرپرستي ۾ خيرپور يوٿ ڪائونسل (KYC)جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ صادق علي رڏ صاحب جي ڪوششن سان تعلقه نارا جي شاگردن ۽ نوجوانن لاءِ Artificial Intelligence (AI) جي ڪورسز جون 25 سيٽون مختص ڪيون ويون آهن.
هي پروگرام جديد تعليم، ڊجيٽل مهارتن ۽ نوجوانن جي روشن مستقبل لاءِ هڪ اهم قدم آهي. هن پروگرام ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ٻئي شامل ٿي سگهن ٿا.
📞 رابطو: 03200360054