28/05/2026
مدھوش مير جي ھن ڪتاب جي مطالعي کان پوء منهنجي ذھن ۾ ھڪ خيال آيو تـ والدين کي گھرجي تـ اھي پنهنجي ٻارن جو موبائل ضرور چيڪ ڪرڻ گھرجي ڇو تـ ھن ڪتاب جي ھر ڪيس ۾ خاص ڪري ڇوڪرئ کي موبائل ذريعي ڦاسايو ويو آھي ۽ مونکي پڙھي ائين لڳو يا محسوس ٿيو تـ ظالم ماڻھو تمام آسانئ سان پڙھيل لکيل ڇوڪرين کي پنهنجي ڄار ۾ نـ صرف ڦاسائين ٿا پر انھن کي استعمال ڪري ۽ ان کان پوء انھن کي خوار خراب ٿيڻ جون ڌمڪيون ڏئي پيسن جي گھر ڪن ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ ان ساڳئ ڇوڪرئ ذريعي ٻين محصوم ڇوڪرين تائين رسائي حاصل ڪن ٿا ۽ پوء اھڙي طرح انھن جون زندگيون تباھ ٿين ٿيون گھر تباھ ٿين ٿا ۽ ويچاريون زھني مريض بـ ٿيو پون ٿيون .لکڻ لاء گھڻو ڪجھ آ پر وقت قيمتي آ ۽ چوندا آھن سمجھڻ واري لاء اشارو ئي ڪافي آ .
ٿورو لکيو گهڻو سمجھندا .