Sindh Public School Kolab Jial

Sindh Public School Kolab Jial

Share

English Medium primary and secondary school

We are positive that you will have no regrets with your decisions to study here at sindh public school kolab jial,either during your time here with us or after when your career is underway

31/05/2024

سڀاڻي 1 جون 2024 کان اونھاري جون موڪلون شروع ٿي رهيون آهن
هڪ استاد هجڻ جي ناتي ٻارڙن جي والدين لاء پيغام اميد ته انهن ڳالهين تي ضرور عمل ڪندا !!!
پيارا والدين، السلام عليڪم
گذريل ڏهن مهينن دوران اسان کي توهان جي ٻارن جي سنڀال ڪرڻ جو مزو آيو. ايندڙ ٻن مهينن لاءِ، توهان انهن سان گڏ موڪلون گذاريندا. اچو ته هن دور کي انهن لاءِ ثمردار ۽ خوشيءَ وارو دور بنائڻ لاءِ ڪجهه تجويزون ونڊ ڪجن ٿيون .

1. ساڻن گهٽ ۾ گهٽ ٻه وقت ماني گڏ کائو ۽ کين هارين جي محنت جي اهميت سيکاريو ۽ کين چئو ته هو پنهنجو کاڌو ضايع نه ڪن.
2. انهن کي هر کاڌي کان پوءِ پنهنجون پليٽون ڌوئڻ ڏيو، ٻارن کي اهڙين سرگرمين مان محنت جو شرف حاصل ٿئي ٿو.
3. انھن کي اجازت ڏيو ته توھان کي رڌ پچا ء ۾ مدد ڪن . انهن کي پنهنجي سبزي ۽ سلاد ٺاهڻ ڏيو
4. هر روز انگريزي جا ٻه نوان لفظ سکو ۽ نوٽ بڪ ۾ لکو
5ـ پنهنجي ٻارن کي ڏاڏاڻن / ناناڻن سان ملائڻ لاء وٺي وڃو ـ انهن جي محبت ۽ لاڳاپو توهان جي ٻارن لاء تمام اھم آھي ۽ ان جا ڪجهه فوٽو بہ ڪڍي رکجو ـ
6- ٻارن کي پنهنجي ڊيوٽي واري ھنڌ بہ ھڪ ڏينهن وٺي وڃو تہ جيئن انهن کي خبر پوي تہ توھان سڄو ڏينهن ڪيتري سخت محنت ڪيو ٿا ـ
7- ٻارن کي گھر ۾ باغ باني ۽ وڻ پوکڻ ان جي سارسنڀال ڪرڻ بہ سيکاريو ۽ کين ان متعلق ڄاڻ بہ ڏيو
8- ٻارن سان پنهنجي ننڍپڻ جون ڳالهيون ۽ خاندان متعلق بہ ڄاڻ ڏيو
9. ٻارن کان گھر کان ٻاھر راندين لاء موڪليو ڀلي ننڍا ڌڪ يا رھڙون کائين ۽ درد جو احساس ٿئي ـ سڄو ڏينهن گھر ۽ صوفن تي وقت گذارڻ سان ھو سست ٿي ويندا
10- ٻارن کي جانور يا پکي پالڻ جي اجازت ڏيو
11ـ ٻارن کي ڪجهه لوڪ گيت بہ ياد ڪرايو
12ـ ٻارن کي تصويرن وارن ڪھاڻين جا ڪتاب ۽ وڏن ماڻھن جون سوانح عمريون پڙھايو
13- ٻارن کي موبائيل ـ ڪمپيوٽر ۽ ٽي وي کان پري رکو ـ ڇو ت انهيَ ڪمن لاء سڄي عمر پئي آهي
14- ٻارن کي مٺايون چاڪليٽ ۽ سموسا وغيره نہ کارائيندا
15. ٿي سگھي تہ ٻارن جي اکر سڌارڻ لاء ٻہ صفحا روز لکرايو
16- ٻارن جي اکين ۾ ڏسو ۽ خدا جو شڪر ادا ڪيو تہ ان توهان کي ڪھڙي وڏي نعمت سان نوازيو آھي
17.دعائون بہ ضرور ياد ڪرايو.
والدين جي حيثيت سان توهان تي لازم آهي تہ پنهنجو ڪجهه وقت ٻارن کي ڏيو ـ
اونھاري جي موڪلن لاء توهان جي لاء نيڪ تمنائون .....

27/05/2024

28 may 1st year paper English 1 postponed

Photos from Sindh Public School Kolab Jial's post 22/05/2024

Teachers awards

Photos from Sindh Public School Kolab Jial's post 22/05/2024
Photos from Sindh Public School Kolab Jial's post 22/05/2024

سنڌ پبلڪ اسڪول ڪولاب جيئل جي سالياني امتحان ۾ نمايا پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ڏيڻ واري تقريب منعقد ڪئي ويئي ـ

جنھن جو خاص مھمان ـ
سهڻي ڌرتي آرگنائيزيشن جي چيئرمين ارشاد علي ابڙو ۽ يو سي چيئرمين ڪولاب جئيل اظهر علي ابڙو ھو ـ

تقريب ۾ آيل مھمانن کي اسڪول جي پرنسيپال مظھر گل ابڙو ڀليڪار ڪيو ـ

Photos from Sindh Public School Kolab Jial's post 22/05/2024

Welcome UC Chairman Azhar Ali Abro

Photos from Sindh Public School Kolab Jial's post 21/05/2024

Best performance awards

Want your school to be the top-listed School/college in Khairpur Mirs?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Address

Kolab Jial
Khairpur Mirs