GBELS Shaheed Umedo Faqeer

  • Home
  • GBELS Shaheed Umedo Faqeer

GBELS Shaheed Umedo Faqeer Reshaping the Best into Better

اسان جي اسڪول جو ھيرو، نائب قاصد محمد اسحاق مھر، ٻارڙن لاءِ ٿڌي پاڻي جو بندوبست ڪندي...
18/05/2026

اسان جي اسڪول جو ھيرو، نائب قاصد محمد اسحاق مھر، ٻارڙن لاءِ ٿڌي پاڻي جو بندوبست ڪندي...

جڏھن مقصد وڏا ھجن تہ ننڍڙين تڪليفن کي ناھي ڏسبو....بس نگاھون منزل طرف ھجن تہ اڳتي ھلڻ جو حوصلو پاڻ ئي اچي ويندو آھي
14/05/2026

جڏھن مقصد وڏا ھجن تہ ننڍڙين تڪليفن کي ناھي ڏسبو....
بس نگاھون منزل طرف ھجن تہ اڳتي ھلڻ جو حوصلو پاڻ ئي اچي ويندو آھي

ڪجھ ڏينهن کان اسڪول بلڊنگ جي مرمت جو ڪم تيزي سان جاري ھجڻ جي ڪري شاگردن کي ٻي ھنڌ منتقل ڪرڻو پيو، جتي ڪافي ڏکيائين کي من...
13/05/2026

ڪجھ ڏينهن کان اسڪول بلڊنگ جي مرمت جو ڪم تيزي سان جاري ھجڻ جي ڪري شاگردن کي ٻي ھنڌ منتقل ڪرڻو پيو، جتي ڪافي ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پيو ان باوجود اسڪول جو تعليمي نظام پنھنجي ساڳي طرح روان دوان آھي...
انشاءالله الله اونھاري جي موڪلن ۾ بلڊنگ جو ڪم مڪمل ٿي ويندو ۽ آگسٽ ۾ نئين بلڊنگ ۾ پڙھائي شروع ڪبي...

اڄ جي اسيمبلي جو تصويرون دوستن سان ونڊ ڪجن ٿيون

اسان والدين، علائقي واسين ۽ سڀني واسطي دار ڌرين سان اھا ڳالھ ونڊ ڪندي سرھائي محسوس ڪري رھيا آھيون تہ چيئرمين وڏيري عطا م...
27/04/2026

اسان والدين، علائقي واسين ۽ سڀني واسطي دار ڌرين سان اھا ڳالھ ونڊ ڪندي سرھائي محسوس ڪري رھيا آھيون تہ چيئرمين وڏيري عطا محمد جي اڻٿڪ ڪوششن سان گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول شھيد اميدو فقير جي بلڊنگ جي ريپيئر جو ڪم شروع ٿي چڪو آھي...

انشاءالله تمام جلد بلڊنگ ٺھي راس ٿيندي جنھن سان تعليمي سلسلي ۾ بھتري ايندي...

انتظاميہ گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول شھيد اميدو فقير

اڄ گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول شھيد اميدو فقير ۾ ھڪ ننڍڙي تقريب ذريعي شاگردن ۾ سالياني امتحان جو نتيجو ونڊيو ويو، جنھن جو ...
18/03/2026

اڄ گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول شھيد اميدو فقير ۾ ھڪ ننڍڙي تقريب ذريعي شاگردن ۾ سالياني امتحان جو نتيجو ونڊيو ويو، جنھن جو ڪجھ تصويري جھلڪيون ونڊ ڪجن ٿيو

🏫 سالياني ڪارڪردگي رپورٽ: گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول شھيد اميدو فقيرتعليمي سال 2025-26 جو جائزوگذريل هڪ سال دوران ا...
18/03/2026

🏫 سالياني ڪارڪردگي رپورٽ: گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول شھيد اميدو فقير

تعليمي سال 2025-26 جو جائزو

گذريل هڪ سال دوران اسان جي اداري تعليم، انتظاميا ۽ وسيلن جي حوالي سان نمايان ترقي ڪئي آهي. جنهن جا اهم پهلو هيٺ ڏجن ٿا:

📈 شاگردن جي داخلا ۾ رڪارڊ اضافو
اسڪول تي والدين جي اعتماد جو نتيجو آهي ته هن سال شاگردن جي تعداد ۾ غير معمولي واڌارو ٿيو.
* گذريل سال جو تعداد: 165
* موجوده تعداد: 253
* (مجموعي طور تي 88 نوان شاگرد داخل ٿيا، جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي.)

👨‍🏫 استادن جو تفصيل
اسڪول جي تعليمي معيار کي برقرار رکڻ ۽ بهتري آڻڻ ۾ اسان جي سموري ٽيم جو ڪردار مثالي رهيو آهي:

* موجوده تجربڪار استاد:
استاد محمد رحيم مھر: جيڪي عرصي کان اسڪول جي ترقي ۽ شاگردن جي تربيت لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

استاد محمد اسحاق مھر: جن جي محنت ۽ تعاون سان اسڪول جو تعليمي ماحول هميشه فعال رهيو آهي.

* نئين ڀرتي ۽ بدلي ذريعي آيل استاد:

استاد محمد حنيف مھر: نئين ڀرتي ذريعي اسڪول جو حصو بڻيا.
استاد عباس مھر: ٻي اسڪول کان بدلي (Transfer) ٿي آيا.

انهن چئني استادن جي گڏيل ڪوششن سان اسڪول ۾ استادن جي کوٽ ۾ ڪنھن حد تائين گھٽتائي آئي آهي ۽ هر ڪلاس تي ڀرپور ڌيان ڏنو پيو وڃي.

📝 امتحاني نظام ۽ حوصلا افزائي
هن سال اسڪول ۾ امتحاني نظام کي نئين رنگ ۾ متعارف ڪرايو ويو:
* مڊ ٽرم (Mid-term) امتحان: اسڪول جي ۾ پهريون دفعو مڊ ٽرم امتحان انتهائي منظم ۽ بهترين نموني سان ورتا ويا.
* حوصلا افزائي جو پروگرام: مڊ ٽرم نتيجن کانپوءِ هڪ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ پوزيشن کڻندڙ ۽ محنتي ٻارڙن کي انعام ڏئي سندن حوصلا افزائي ڪئي وئي.
* ساليانا امتحان: 2025-26 جا سالياني امتحان پنهنجي مقرر وقت تي شفاف ۽ بهترين طريقي سان مڪمل ڪيا ويا.

🪑 اسڪول جا وسيلا ۽ سهولتون
شاگردن جي ويهڻ جي سهولت کي نظر ۾ رکندي، حڪومت سنڌ پاران اسڪول کي 7 عدد نيون ڊيسڪون فراهم ڪيون ويون، جنهن سان ڪلاسن جي فرنيچر ۾ بهتري آئي آهي.

عزم: اسان جو مقصد آهي ته شھيد اميدو فقير اسڪول کي علائقي جو هڪ مثالي تعليمي ادارو بڻايون جتي هر ٻار کي جديد ۽ معياري تعليم ملي سگهي.

اسڪول ۾ ٿيندڙ روزاني اسيمبلي جو ھڪ خوبصورت منظر
05/03/2026

اسڪول ۾ ٿيندڙ روزاني اسيمبلي جو ھڪ خوبصورت منظر

محترم والدين،توھان جي ٻارڙن جا ساليانا پڪا امتحان 2 مارچ 2026 کان شروع ٿي رهيا آهن.مهرباني ڪري پنهنجن ٻارن کي امتحانن لا...
24/02/2026

محترم والدين،

توھان جي ٻارڙن جا ساليانا پڪا امتحان 2 مارچ 2026 کان شروع ٿي رهيا آهن.

مهرباني ڪري پنهنجن ٻارن کي امتحانن لاءِ پوري تياري ڪرائي وقت تي اسڪول موڪليندا.

امتحانن جو شيڊول ھيٺ ڏنل آھي

انتظاميه گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول شھيد اميدو فقير.
اسان جو عزم بھتر کي بھترين بڻائڻ.

16/02/2026

اسڪول اسيمبلي دوران ٻارڙن جي قومي تراني تي پرفارمنس

Address

Village Shaheed Umedo Faqeer Mahar U/C Looni

65010

Telephone

+923135652899

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GBELS Shaheed Umedo Faqeer posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to GBELS Shaheed Umedo Faqeer:

Shortcuts

  • Want your school to be the top-listed School/college?

Share