The Spectrum School System

The Spectrum School System we are providing good environment, focusing on behavior, attitude, knowledgeable material wise books,

Fortune favours the brave📝 📔اسپڪٽرم اسڪول سسٽم قاضي احمد جو   نھايت سلڇڻو ۽ ذھين با اخلاق ھوشيار  شاگرد ظھير لنڊ  جي ڪي ...
20/06/2026

Fortune favours the brave📝 📔
اسپڪٽرم اسڪول سسٽم قاضي احمد جو نھايت سلڇڻو ۽ ذھين با اخلاق ھوشيار شاگرد ظھير لنڊ جي ڪي جي ڪلاس م زبردست محنت💐💐

Today's Learner 📝Tomorrow's leader 📔اسپڪٽرم اسڪول سسٽم قاضي احمد جو بھترين ھوشيار  شاگرد شاھزيب  ڀنڊ ايم ايس ورڊ💻 تي پنه...
19/06/2026

Today's Learner 📝Tomorrow's leader 📔
اسپڪٽرم اسڪول سسٽم قاضي احمد جو بھترين ھوشيار شاگرد شاھزيب ڀنڊ ايم ايس ورڊ💻 تي پنهنجي پروفائل تيار ..ڪندي..⌨️🌞

A proud moment during the Annual Exam 2025🌟 اسپيڪٽرم اسڪول سسٽم  جي هونهار شاگرد  سيدہ عمائمہ اياز شيرازي Nursery ڪلاس ج...
18/06/2026

A proud moment during the Annual Exam 2025
🌟 اسپيڪٽرم اسڪول سسٽم جي هونهار شاگرد سيدہ عمائمہ اياز شيرازي Nursery ڪلاس جي ٽيسٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري پنهنجي صلاحيتن جو بهترين ثبوت ڏنو. 🎉....

🌟 اسپيڪٽرم اسڪول سسٽم جا هونهار شاگرد زوهيب انڙ ۽ ضامن انڙ KG ڪلاس جي ٽيسٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري پنهنجي صلاحيتن جو به...
13/06/2026

🌟 اسپيڪٽرم اسڪول سسٽم جا هونهار شاگرد زوهيب انڙ ۽ ضامن انڙ KG ڪلاس جي ٽيسٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري پنهنجي صلاحيتن جو بهترين ثبوت ڏنو. 🎉

📚 محنت، اعتماد ۽ لگن ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهن. توهان جي روشن مستقبل لاءِ نيڪ تمنائون! ✨

دي اسپيڪٽرم اسڪول سسٽم ۾ سالياني امتحانن جي نتيجن جي شاندار تقريبدي اسپيڪٽرم اسڪول سسٽم ۾ سالياني امتحانن جي نتيجن جي حو...
11/06/2026

دي اسپيڪٽرم اسڪول سسٽم ۾ سالياني امتحانن جي نتيجن جي شاندار تقريب
دي اسپيڪٽرم اسڪول سسٽم ۾ سالياني امتحانن جي نتيجن جي حوالي سان هڪ شاندار ۽ پُروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن، استادن ۽ والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ تقريب جو ماحول خوشي ۽ جوش سان ڀرپور هو۔
پروگرام جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جڏهن ته تقريب جي خوبصورت ڪمپيرينگ سر عبدالمجيد چانڊيو ڪئي، جنهن پنهنجي بهترين انداز ۽ دلڪش لفظن سان پروگرام کي يادگار بڻائي ڇڏيو۔ سندس بهترين ميزباني تقريب جي سونهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو۔
ان کان پوءِ شاگردن قومي گيت، ٽيبلوز ۽ مختلف تعليمي سرگرميون پيش ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔ بعد ۾ سالياني امتحانن جا نتيجا ٻڌايا ويا، جن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي پهرين، ٻيئن ۽ ٽيئن پوزيشن حاصل ڪرڻ تي انعامن ۽ سرٽيفڪيٽن سان نوازيو ويو۔
ان موقعي تي دي اسپيڪٽرم اسڪول سسٽم جو ڊائريڪٽر انجنيئر سر ذوالفقار علي خاصخيلي، پرينسپال ديپا ڪمار نارواڻي، سر تاج محمد خاصخيلي، سر عبدالمجيد چانڊيو، سر محبوب اوٺو، سر احسان خاصخيلي، مس سغرا عمراڻي، مس سنڌو، مس فائزا، مس شوڀا ۽ ٻين اسٽاف ميمبرن شاگردن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڪاميابي مسلسل محنت، نظم و ضبط ۽ استادن جي رهنمائي سان حاصل ٿيندي آهي۔ هنن شاگردن کي وڌيڪ محنت ڪرڻ ۽ پنهنجي تعليمي سفر کي جاري رکڻ جي تلقين ڪئي۔
استادن شاگردن جي شاندار ڪارڪردگي تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته دي اسپيڪٽرم اسڪول سسٽم هميشه معياري تعليم سان گڏ شاگردن جي ذهني ۽ اخلاقي تربيت لاءِ به ڀرپور ڪوششون ڪندو رهندو۔
آخر ۾ پوزيشن هولڊر شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا، جڏهن ته والدين ۽ مهمانن اسڪول جي بهترين انتظامن ۽ شاگردن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو۔ تقريب خوشيءَ ۽ نيڪ تمنائن سان پڄاڻي تي پهتي۔....

دي اسپيڪٽرم اسڪول سسٽم قاضي احمداونهاري جي موڪلن بابت نوٽيستمام محترم والدين، پيارن شاگردن ۽ معزز استادن کي آگاهه ڪيو وڃ...
23/05/2026

دي اسپيڪٽرم اسڪول سسٽم قاضي احمد
اونهاري جي موڪلن بابت نوٽيس
تمام محترم والدين، پيارن شاگردن ۽ معزز استادن کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته سخت گرمي، وڌندڙ موسم جي شدت ۽ شاگردن جي صحت کي نظر ۾ رکندي اسڪول ۾ اونهاري جون موڪلون ڏنيون وڃن ٿيون۔
اسڪول بند ٿيڻ جي تاريخ: اڱارو، 26 مئي 2026
اسڪول ٻيهر کُلڻ جي تاريخ: سومر، 03 آگسٽ 2026
والدين صاحبان کي گذارش آهي ته موڪلن دوران ٻارن جي تعليم، روزاني مطالعي، اخلاقي تربيت ۽ صحت تي خاص ڌيان ڏين، جيئن شاگرد موڪلن کان پوءِ نئين همت، تازگي ۽ جذبي سان پنهنجي تعليمي سرگرمين جو آغاز ڪري سگهن۔
اسان دعاگو آهيون ته الله پاڪ سڀني شاگردن، والدين ۽ استادن کي صحت، سلامتي ۽ خوشيون عطا فرمائي ۽ هي موڪلون سڀني لاءِ فائديمند ۽ خوشگوار ثابت ٿين۔

انتظاميه
دي اسپيڪٽرم اسڪول سسٽم قاضي احمد

اسڪول داخلا وقت شاگردن ۽ شاگردياڻين جي گهٽ ۾ گهٽ عمر ڪيتري هجڻ گهرجي؟تعليمي بورڊ جي اعلان موجب مارچ/اپريل ۾ داخلا وقت گه...
16/05/2026

اسڪول داخلا وقت شاگردن ۽ شاگردياڻين جي گهٽ ۾ گهٽ عمر ڪيتري هجڻ گهرجي؟
تعليمي بورڊ جي اعلان موجب مارچ/اپريل ۾ داخلا وقت گهٽ ۾ گهٽ عمر جي حد مقرر ڪئي وئي آهي۔
هن سال 9th ڪلاس بورڊ انرولمينٽ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڄمڻ جي تاريخ 31-03-2014 هوندي۔...

دي اسپڪٽرم اسڪول سسٽم ۾ مس شوڀا ڪمار نارواڻي طرفان ڪلاس 3 ۽ 4 جي شاگردن لاءِ تيار ڪرايل پروجيڪٽ "ٻوٽن جا حصا" هڪ نهايت ئ...
29/04/2026

دي اسپڪٽرم اسڪول سسٽم ۾ مس شوڀا ڪمار نارواڻي طرفان ڪلاس 3 ۽ 4 جي شاگردن لاءِ تيار ڪرايل پروجيڪٽ "ٻوٽن جا حصا" هڪ نهايت ئي اهم، ڄاڻ ڀريو ۽ دلچسپ تعليمي سرگرمي آهي. هن پروجيڪٽ جو مقصد شاگردن کي ٻوٽن جي بناوٽ، انهن جي مختلف حصن ۽ انهن جي ڪم بابت سمجهائڻ آهي.
' پروجيڪٽ جو تعارف '
"ٻوٽن جا حصا" پروجيڪٽ ۾ شاگردن کي ٻوٽي جي مختلف حصن بابت سکڻ جو موقعو ملي ٿو. ٻوٽو قدرت جو هڪ اهم حصو آهي جيڪو اسان کي آڪسيجن، خوراڪ ۽ خوبصورتي فراهم ڪري ٿو. هن پروجيڪٽ ذريعي شاگردن ۾ سائنسي سوچ پيدا ٿئي ٿي.....
Aajiz Ali Rind Talha Sufyan Haleem Juno Deepa Narvani Abdul Majeed Chandio Mahboob Ali Otho Zulfiqar Ali Spectrum Institute of Information Technology & English Langauge Spectrum Kazi Ahmed Spectrum Institute Lashari Ramzan

"اسيسمينٽ" تربيتي ورڪشاپاسپيڪٽرم اسڪول سسٽم قاضي احمد ۾ "ڪلاس روم اسيسمينٽ"  جي موضوع تي هڪ ڏينهن وارو استادن جو تربيتي ...
25/04/2026

"اسيسمينٽ" تربيتي ورڪشاپ

اسپيڪٽرم اسڪول سسٽم قاضي احمد ۾ "ڪلاس روم اسيسمينٽ" جي موضوع تي هڪ ڏينهن وارو استادن جو تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو.
استادن کي سمجهڻ، رهنمائي ڪرڻ ۽ سکيا کي بهتر بڻائڻ لاءِ ھي اسيسمنٽ رکيو ويو. هن سيشن جو مقصد اثرائتي ۽ عملي اسيسمينٽ حڪمت عمليون سکائڻ هو ته جيئن ڪلاس روم جو تجربو وڌيڪ بامقصد بڻجي سگھي.
هي ورڪشاپ محنتي ٽرينر محترم سائين شاھ نواز شاھ جي اڳواڻي ۾ ٿيو، جتي استادن کي سکڻ، پنهنجا تجربا ونڊڻ ۽ پيشه ورانه ترقي ڪرڻ لاءِ بهترين موقعو فراهم ڪيو...

24/04/2026

Students activity✨
Play with a China Dow✨

Address

New Sher Muhammad Coloney Phase II Jamalshah Road Kazi Ahmed
Kazi Ahmad
67200

Telephone

+923073697770

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when The Spectrum School System posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to The Spectrum School System:

Shortcuts

Share

Category