18/08/2026
(تبديلي تڏهن ايندي آهي، جڏهن ارادو مضبوط هجي)
گورنمينٽ لوئر سيڪنڊري اسڪول علي نواز مزاري ۾ SSB فنڊز جي بهترين استعمال سان آيل شاندار تبديلي واقعي قابلِ تعريف آهي. هي تبديلي صرف اسڪول جي ماحول کي خوبصورت بڻائڻ تائين محدود ناهي، پر اها ذميواري جو بهترين مثال آهي.
اسڪول انتظاميا ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن وسيلن کي صحيح نموني استعمال ڪيو وڃي، ڪم کي ذميواري سان اڳتي وڌايو وڃي ۽ مقصد ٻارن لاءِ بهتر تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ هجي، ته تبديلي ضرور اچي ٿي.
👈🏽 بهتر ماحول
👈🏽 بهتر سکيا
👈🏽 بهتر مستقبل
هي شاندار ڪم ٻين اسڪولن لاءِ به هڪ مثالي ماڊل آهي ته موجود وسيلن مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري پنهنجي اسڪول کي شاگردن لاءِ وڌيڪ محفوظ، خوبصورت ۽ سکيا لاءِ سازگار بڻائي سگهجي ٿو.
هيڊ ماستر ۽ سندس محنتي ٽيم کي دل جي گهراين سان مبارڪون.
اچو ته هر اسڪول کي اهڙي جاءِ بڻايون، جتي ٻار صرف پڙهن نه، پر خواب ڏسن، اڳتي وڌن ۽ پنهنجي مستقبل کي سنوارين.