Voice of indus

Voice of indus

Share

Official VOI: Verified Non-Profit Empowering Humanity; Truth, Authentic & Original Content. Social Reform, Justice, Women's Rights & Public Welfare.

Documenting Sindh’s Heritage & History. Educational Advocacy, Inspiring Change & Integrity Meta Standards.

30/05/2026

مون ۾ تون موجود،
آئون اگاھين آھيان:
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ!

25/05/2026

مون کي ڪنهن جي خيرات نہ کپي، پنهنجي پورهئي تي فخر آهي: غلام علي سمون

خبر جي تفصيل ڪراچي - وائيس آف انڊس: سنڌ جي سڄاڻ ۽ خودار فنڪار غلام علي سمون پنهنجي زندگيءَ جي ڏکين حالتن باوجود مڙسيءَ ۽ غيرت جو مظاهرو ڪندي چيو آهي ته ڳائڻ هڪ هوائي پورهيو آهي، جنهن سان ٻارن جو پيٽ نٿو ڀري سگهجي. غلام علي سمون چيو ته هو پنهنجي ٻارن کي پالڻ لاءِ ڀرت ڀرڻ جو ڪم ڪري ٿو ۽ کيس ان محنت تي تمام گهڻو فخر آهي. هن فنڪارن کي ملندڙ امداد يا خيرات بابت ڳالهائيندي صاف انڪار ڪيو ته کيس ڪنهن به اهڙي مالي مدد جي ضرورت ناهي جيڪا کيس سوالي بڻائي. هن جو چوڻ هو ته فنڪار کي پنهنجي عزتِ نفس جو سودو نه ڪرڻ گهرجي. غلام علي سمون موجب، محنت ۾ ئي عظمت آهي ۽ هو پنهنجي هٿ جي پورهئي سان عزت واري زندگي گذاري رهيو آهي. وائيس آف انڊس جي جائزي مطابق، غلام علي سمون جو هي موقف سنڌ جي انهن سڀني فنڪارن لاءِ هڪ مشعلِ راهه آهي جيڪي حالتن اڳيان هٿ ٻڌڻ بدران محنت تي يقين رکن ٿا!

24/05/2026

سنڌ جي امن ۽ ترقيءَ خاطر غير قانوني ماڻهن کي مستقل رهائش جو حق ختم ڪيو وڃي: عبدالرزاق ٽالپر

خبر جي تفصيل.ڪراچي - وائيس آف انڊس: نامياري قانوني ماهر ايڊووڪيٽ عبدالرزاق ٽالپر سنڌ جي موجوده آدمشماري ۽ معاشي بحران تي ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ جي اڌ آبادي غربت، روزگار ۽ بنيادي سهولتن کان محروم آهي. عبدالرزاق ٽالپر چيو ته هي هڪ وڏو سوال آهي ته 1947ع کان وٺي اڄ تائين ڪيترا غير قانوني غير ملڪي ماڻهو واپس موڪليا ويا آهن؟
هن وڌيڪ چيو ته پنجاب، ڪي پي ڪي، ڪشمير ۽ گلگت مان وڏي انگ ۾ ماڻهو اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن، جنهن ڪري سنڌي ماڻهو پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خدشو محسوس ڪري رهيا آهن. عبدالرزاق ٽالپر مطالبو ڪيو ته سنڌ جي عوام جي ڀلائي ۽ امن خاطر غير قانوني غير ملڪين ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ ۾ زمين، ملڪيت، ووٽ ۽ ڊوميسائيل جا حق ختم ڪيا وڃن. هن جو چوڻ هو ته سنڌ رڳو سنڌي ماڻهن جو وطن آهي ۽ هتي جي وسيلن تي پهريون حق هتان جي وارثن جو آهي. وائيس آف انڊس جي جائزي مطابق، عبدالرزاق ٽالپر جو هي بيان سنڌ جي قومي بقا ۽ وسيلن جي مالڪيءَ واري تحريڪ کي وڌيڪ سگهارو ڪري ٿو!

24/05/2026

پاڻي ضايع ٿيڻ ۽ حصو نه ملڻ تي سنڌ حڪومت کان سوال ڪيو وڃي: بشير ميمڻ

خبر جي تفصيل ڪراچي - وائيس آف انڊس: مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر بشير ميمڻ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ڊيلٽا تائين پاڻي نه پهچڻ واري معاملي تي سنڌ حڪومت کي آڙي وٺي ورتو آهي. هڪ صحافيءَ پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ بشير ميمڻ چيو ته جيڪڏهن ڊيلٽا تائين پاڻي نٿو پهچي ته ان جو سوال وفاق کان پڇڻ بدران صوبي کان پڇڻ گهرجي ته آخر پاڻي ضايع ڇو ٿو ٿئي؟ هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي ته سنڌ حڪومت ان تي خاموش ڇو آهي؟ بشير ميمڻ سوال اٿاريو ته پاڻي جي ورڇ واري اداري ارسا ۾ سنڌ جو ميمبر ڇا ڪري رهيو آهي؟ هن جو چوڻ هو ته پاڻي جي کوٽ تي صوبائي انتظاميا کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ گهرجي. وائيس آف انڊس جي جائزي مطابق، بشير ميمڻ جو هي بيان سنڌ ۽ وفاق جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ واري تڪرار ۾ هڪ نئون رخ پيدا ڪري رهيو آهي، جنهن تي سنڌ جي سياست ۾ تيز ردعمل اچڻ جو امڪان آهي!

24/05/2026

سنڌ کي الله تعاليٰ بيشمار نعمتن ۽ وسيلن سان نوازيو آهي: عارف حبيب

خبر جي تفصيل ڪراچي - وائيس آف انڊس: ملڪ جي نامياري ڪاروباري شخصيت عارف حبيب گجراتي ميمڻ سنڌ جي معاشي اهميت ۽ قدرتي وسيلن تي ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ پاڪستان جو امير ترين صوبو آهي. عارف حبيب پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو ته سنڌ وٽ پنهنجا پورٽ، وسيع سمنڊ، زرعي زمينون، درياءَ ۽ معدنيات جا اڻ مٽ ذخيرا موجود آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ڪوئلو، گئس ۽ تيل جي ذخيرن سان گڏ سنڌ وٽ سرپلس توانائي انرجي پڻ موجود آهي، جيڪا ملڪ جي معيشت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي. عارف حبيب جو چوڻ هو ته الله تعاليٰ سنڌ کي اهڙين نعمتن سان نوازيو آهي. وائيس آف انڊس جي جائزي مطابق، عارف حبيب جو هي بيان سنڌ جي معاشي آزادي ۽ وسيلن تي حقِ حڪمراني واري بحث کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو.l!

24/05/2026

ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي ڪوشش جي صورت ۾ اسان وٽ ڪهڙي حڪمت عملي آهي؟: اسحاق سميجو

خبر جي تفصيل ڪراچي - وائيس آف انڊس: سنڌ جي نامياري تعليمي ۽ ادبي شخصيت اسحاق سميجو سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ جي انتظامي حيثيت ۽ سنڌ جي جاگرافيائي اڪائيءَ بابت هڪ انتهائي حساس ۽ اهم سياسي سوال اٿاريو آهي. اسحاق سميجو چيو آهي ته، "جيڪڏهن واقعي سڀاڻي وفاق ڪراچيءَ کي اوچتو سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو اعلان ڪري يا ڏاڍ جي زور تي اهڙو ڪو فيصلو مڙهي، ته اسان سنڌين وٽ جوابي حڪمت عملي ڪهڙي آهي؟" اسحاق سميجو جو هي سوال هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن سنڌ جي سڄاڻ حلقن ۾ ڪراچيءَ جي مستقبل بابت مختلف خدشا پيدا ٿي رهيا آهن. هن واضح ڪيو ته سنڌ جي وحدت جي تحفظ لاءِ رڳو جذبات نه پر هڪ منظم جوابي حڪمت عملي جي ضرورت آهي. وائيس آف انڊس جي جائزي مطابق، اسحاق سميجو پاران اٿاريل هي نقطو سنڌ جي سياسي قيادت ۽ دانشورن کي پنهنجي قومي دفاعي لائحہ عمل تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ جهنجوڙي رهيو آهي ته جيئن ڪنهن به اوچتي بحران جي صورت ۾ سنڌ پنهنجي وحدت جو ڀرپور دفاع ڪري سگهي!

24/05/2026

سنڌ جي شهري ڪوٽا جون سيٽون خالي وڃڻ "مڪافات عمل" آهي: ابراهيم ڪنڀار

خبر جي تفصيل ڪراچي - وائيس آف انڊس: سينيئر صحافيءَ ليکڪ ۽ وي لاگر ابراهيم ڪنڀار سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙيءَ واري تعليمي صورتحال تي هڪ اکيون کوليندڙ تجزيو پيش ڪيو آهي. ابراهيم ڪنڀار چيو آهي ته هن سال به فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي نتيجن ۾ هڪ وڏو اپ سيٽ ٿيو آهي، جتي سنڌ رورل جا 21 اميدوار ڪامياب ٿيا آهن پر سنڌ اربن جي 15 سيٽن مان رڳو 3 اميدوار پاس ٿي سگهيا آهن. هن چيو ته اهي ماڻهو جيڪي پاڻ کي "اعليٰ تعليم يافته" ۽ "نفيس" سڏائيندا هئا، اهي لڳاتار فيل ٿي رهيا آهن.
ابراهيم ڪنڀار تاريخي پسمنظر تي ڳالهائيندي چيو ته انگريز دور ۾ سنڌي مارشل ريس نه هجڻ ڪري هتي وڏا تعليمي ادارا نه کوليا ويا، پر پاڪستان ٺهڻ بعد پناهگيرن کي هڪ سازش تحت سنڌين کان وڌيڪ پڙهيل لکيل ظاهر ڪري مٿاهين عهدن تي ويهاريو ويو. هن چيو ته لياقت خان وفاق ۾ سندن ڪوٽا 17 سيٽون رکي وڏي ناانصافي ڪئي پر سنڌين پنهنجو دل وڏو رکيو. ابراهيم ڪنڀار موجب، اها نسل پڙهڻ واري ناهي پر اها پاڻ کي سنڌ جو پٽ سمجهڻ بدران "اردو ڳالهائيندڙ انگريز" يا قبضي گير سمجهي رهي هئي. وائيس آف انڊس جي جائزي مطابق، ابراهيم ڪنڀار جو هي تجزيو سنڌ جي حقن ۽ شهري سياست جي تعليمي زوال تي هڪ انتهائي سنجيده سوال آهي. ابراھيم ڪنڀار جو مُڪمل آرٽيڪل ھيٺ پڙھي سگھجي ٿو!

مہاجر پڑھے لکھے ہونے کا فراڈ ۔۔۔غور کریں اور شئیر بھی

اس سال بھی فیڈرل سروسز کمیشن کے مقابلے کے امتحانات کے نتائج میں سندھ کے حوالے سے ایک بڑا اپ سیٹ ہوا جو کئی سالوں سے ہو رہا ہے۔ سندھ اربن کی نشستیں خالی رہ جاتی ہیں اور سندہ رورل پر نوجوانوں کے الوکیشن نہیں ہوتی۔۔ یہ سندھ اربن کوٹا ہمارے اردو بولنے والے سندھیوں کے لیے مختص ہے اور سندھیوں کی مرضی سے ہی مختص ہے۔ اس بار سندھ رورل پر اکیس امیدوار کمیشن پاس کرکے اہم عہدوں پر پہنچے ہیں جب کہ 15 نشستیں ہونے کے باوجود سندھ اربن شھری پڑھے لکھے شھری والی کوٹا پر صرف تین امیدوار کامیاب ہوئے ہیں ۔۔یہ ہیں وہ اعلی تعلیم یافتہ وہ جنٹل مین وہ نفیسوں کی اولاد جو ھر سال فیل ہوتی ہے میں نے تو اس سال کے امتحان کی بات کی ہے آپ کو پانچ سال کا نتیجہ بتانے کو تیار ہوں وفاق کی یونیورسٹیوں میں داخلے کا حساب الگ ہے سب سیٹیں خالی جاتی ہیں ۔۔ فیڈرل پبلک سروس کمیشن میں اس وقت کمپیٹیشن دو صوبوں کے مابین ہے پنجاب اور سندھ لیکن رورل سندھ ۔اربن کا تو رورل سندھ سے بھی مقابلہ نہیں پنجاب سے کیا کریں گے ۔۔تاریخی اعتبار سے یہ بات ذھن میں رکھنا چاھیے کہ انگریز کے قبضے کے بعد ان حاکموں نے سندھ کی تعلیم پر کوئی توجہ نہیں دی سندھ میں کوئی بڑا تعلیمی ادارہ انگریز نے قائم نہیں کیا اور اس لیے قائم نہیں کیا کہ سندھی نان مارشل ریس تھے۔ بنگالی بھی اس طرح تھے ۔۔ان کو مارشل ریس چاھیے تھے وفادار اور وہ مارشل ریس پنجابی تھے ان کو بڑے عہدے فوج میں ترقیاں اور جاگیروں کے ساتھ ان کی نسل کی پرورش کے لیے بڑے تعلیمی اِدارے ملے لاھور کے سب بڑے تعلیمی ادارے انگریز نے وفادار نسل پیدا کرنے کے لیے قائم کیے گئے سندھ میں سندھی ھندوں مسلمانوں اور پارسیوں کے ادارے کام کرتے گئے انگریز نے نہیں بنائے ۔۔پھر پاکستان بن گیا اور سندھ سے ایک بڑا فراڈ ہوا ۔۔۔سب پناھ گزیں سندھ میں آئے کہا گیا کہ پڑھے لکھے لوگ آئے ہیں یہ سندھ سے جٹھ ہوئی۔۔۔
ایک تاریخی فراڈ ہوا ہے کہ اردو اسپیکنگ بڑے پڑھے لکھے تھے اعلی تعلیم یافتہ باھر سے پڑھے بامبے رٹن کچھ نہیں تھا ۔۔ سب جھوٹ تھا یہ سب بکواس تھی اصل میں وہ وہاں سے جب چلے تو اس نیت سے آئے اور ان کو بولا گیا کہ وہاں سب جاھل ہیں اب آپ نے ایک کام۔ کرنا ہے کہ سب کو پڑھے لکھے ظاھر کرنا ہے۔۔۔ اوپر اوپر ان کے وزیراعظم ان کے چیف سیکریٹری ان کے سیکریٹری ان کے ایڈیشنل ان کے جوائنٹ ان کے اسسٹنٹ سیکریٹری پہلے ہی مقرر کیے جا چکے تھے اس کے ساتھ سندھی مسلمانوں کو بھی تسلی تھی کہ یہ ہمارے سندھی بھائی ہیں جن کو مکس ہونا ہے یہ تو سب کے سب پرلے درجے کے دو نمبر اور جاہلوں کا ٹولہ تھا جن کو یہ سبق دیا گیا کہ آپ نے بس جی حضور سے بات شروع کرکے خود کو بڑا پڑھا لکھا ھونے کا تاثر دینا ہے باقی کام ہم نے کرنا ہے اورایسا ہی ہوا جھوٹے حلف نامے دے کر انہوں نے ملازمتیں لیں وفاق میں لیاقت نے ان کا کوٹہ سترہ فیصد رکھا جبکہ سندھ سرحد اور بلوچستان کا کوٹہ بھی سترہ فیصد تھا ایسی ناانصافی کا کوئی سوچ سکتا ہے اور جی ایم سید سمیت کسی سندھی ںے اس پر اعتراض نہیں کیا کیوں کہ ہمارہ دل بڑا تھا ۔۔وہ کوٹا چلتا گیا پھر ون یونٹ آ گیا پھر رخمان گل نے سندھ میں اردو سندھی کوٹا مختص کیا پھر بھٹو صاحب نے سندھ کا کوٹہ مختص کردیا لیکن یہ نسل پڑھنے والی ںہیں تھی ان کو لیاقت خان اس جھانسے پر لے آئے کہ وہاں کے لوگ تو جاہل ہیں آپ حکمرانی کریں گے وہ کر بھی لیتے ان کو تاریخ نے بڑا موقع دیا لیکں ان کے دل سے فتور نہیں نکلا وہ سندھ کے بیٹے بچے بن کر کچھ حاصل نہیں کرنا چاھتے تھے وہ چاھتے تھے وہ اس طرح حاکم۔بنیں جس طرح برٹش راج بنا تھا اور آزادی سے لیکر مشرف کے دور تک جب جب ان کو موقعہ ملا وہ خود کو اردو بولنے والے انگریز یعنی قبضہ گیر سمجھنے لگے ۔۔۔وہ سندھ جس نے پنگ دی کپڑا دیا روزگار دیا جسم ڈھانپنے کا بندوبست کیا اس کی پیٹھ میں خنجر گھونپا انہوں نے اب حالت یہ ہے کہ وہ کوٹا سسٹم جس میں ان کی تعداد سے ان کے لیے سستم میں چار فیصد نشستیں زیادہ ہیں وہ سب کی سب کی نشستیں پھر وہ ملازمت کی ہوں یا داخلے کی وہ خالی جاتی ہیں ۔۔۔ اس کو کہتے ہیں نمک حرامی کی سزا اس کو کہتے ہیں پناھ دینے والی دھرتی سے غداری ۔۔اس کو مکافات عمل بھی کہا جاتا ہے۔۔

24/05/2026

ڪراچي سنڌ جو حصو آهي ۽ رهندي، سنڌ هر نسل جي ماڻهن لاءِ آهي: جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو

خبر جي تفصيل ڪراچي - وائيس آف انڊس: جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي جي جاگرافيائي حيثيت ۽ سنڌ جي تاريخي حيثيت تي ڳالهائيندي هڪ اهم سياسي ۽ سماجي تاثر پيش ڪيو آهي. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو آهي ته ڪراچي سنڌ جو اٽوٽ حصو آهي ۽ اها آخري گهڙيءَ تائين سنڌ جو حصو ئي رهندي. هن چيو ته سنڌ رڳو سنڌي ڳالهائيندڙن جي ڌرتي ناهي پر هيءَ هڪ وسيع ديس آهي، جنهن هر نسل جي ماڻهوءَ کي پنهنجي هنج ۾ جاءِ ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ اردو، پشتو، برمي، بنگالي ۽ هر نسل جي ماڻهن کي گڏ رهڻ گهرجي. جونيئر ڀٽو موجب سنڌ جي اها ئي اصل سڃاڻپ آهي ته اها هر انسان لاءِ آهي. وائيس آف انڊس جي جائزي مطابق، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو هي بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ڪراچي بابت مختلف سياسي بحث هلندڙ آهن، ۽ هن پنهنجي موقف ذريعي سنڌ جي وحدت کي ورجايو آهي!

23/05/2026

سنڌي سماج کي مفلوج بڻائيندڙ ڀوتار ڪلچر ۽ سوشل ميڊيا جي گندگي خلاف اٿڻو پوندو: ذوالفقار قادري

خبر جي تفصيل حيدرآباد - وائيس آف انڊس: نامياري سينيئر ليکڪ ۽ اديب ذوالفقار قادري سنڌ جي موجوده صورتحال کي "اجتماعي سماجي ۽ سياسي شعور جو بحران" قرار ڏيندي ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي اندر جهاتي پائڻ جي اپيل ڪئي آهي. ذوالفقار قادري پنهنجي تفصيلي تجزيي ۾ چيو آهي ته هڪ پاسي پختون ۽ بلوچ سماج پنهنجي ماڻهن جي تحفظ لاءِ "اجتماعي غيرت" جو مظاهرو ڪن ٿا، جنهن جو تازو مثال پشاور جي نياڻيءَ جي بازيابي آهي، پر ٻئي پاسي سنڌ ۾ پريا ڪماري، فضيله سرڪي ۽ سعيد ميمڻ جهڙا بيگناهه شهري سالن کان اغوا ٿيل آهن پر سنڌي سماج ڪنهن وڏي تحريڪ کي جنم ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن مضمون ۾ چيو ويو آهي ته سنڌي سماج کي سرداري نظام، ڀوتار ڪلچر ۽ سوشل ميڊيا جي غير اخلاقي استعمال مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جا نوجوان قومي حقن جي ڳالهه ڪرڻ بدران وڏيرن جي چمچاگيري ۽ هڪ ٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ ۾ پورا آهن. ذوالفقار قادري خبردار ڪيو آهي ته هن وقت سنڌ کي ٽوڙي ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جا منصوبا جڙي چڪا آهن، پر اسان جو شعور غائب آهي. هن سنڌي دانشورن ۽ پڙهيل لکيل نوجوانن کي مشورو ڏنو آهي ته هو ڀوتار ڪلچر جو سماجي بائيڪاٽ ڪن ۽ سوشل ميڊيا جي گندگي مان نڪري عملي ميدان ۾ هڪ ٻئي جو هٿ جهلين. وائيس آف انڊس جي جائزي مطابق، ذوالفقار قادريءَ جو هيءُ مقالو سنڌ جي قومي بقا لاءِ هڪ گهرو شعوري سڏ آهي!

23/05/2026

سنڌ ۾ ٻاهران هزارين هٿياربندن جو اچڻ هڪ انتهائي سيريس معاملو آهي: علي قاضي

خبر جي تفصيل ڪراچي - وائيس آف انڊس: نامياري تجزيي نگار علي قاضي سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ پيش آيل تازي صورتحال تي ڳالهائيندي حڪومت ۽ انتظاميه جي ڪارڪردگيءَ تي سخت سوال اٿاريا آهن. علي قاضي چيو آهي ته، "ڌاڙيل ڪي انسان آهن ڇا؟ هي ته جانور آهن"، پر اصل سوال اهو آهي ته حڪومت ۽ پوليس ڪٿي آھي پشين ۽ ڪوئيٽا مان ٻه ٽي هزار هٿياربند پنهنجي هٿيارن سان سنڌ ۾ داخل ٿيڻ اچن پيا هن صورتحال کي "لشڪر ڪشي" قرار ڏيندي چيو ته جيڪب آباد کان وٺي شڪارپور جي ڪچي تائين اهي هٿياربند ڪٿي به ڪنهن سان اٽڪي پون تہ ڪيڏو وڏو نقصان ٿئي. علي قاضي چيو ته هي هڪ انتهائي سنجيده معاملو آهي ۽ سوال اهو آهي ته سنڌ لاءِ ڪهڙو تاثر جوڙيو پيو وڃي؟ وائيس آف انڊس جي جائزي مطابق، علي قاضي جو هي تجزيو سنڌ جي سيڪيورٽي ۽ رياستي رٽ جي حوالي سان هڪ تمام اهم نقطو آهي، جنهن تي فوري غور ڪرڻ جي ضرورت آهي!

Want your school to be the top-listed School/college?