علامہ جلاالدین رومی رحہ

علامہ جلاالدین رومی رحہ

Share

Allah Allah Allah
#علامہ_جلاالدین_رومی_رحہ
علامہ جلاالدین رومی رحہ
کی حکایات اور شاعری
اور تصوف کے اقوال ہیں

29/05/2024

علامہ جلال الدين روميءَ رحہ

مثنوي مولانا روم رحہ

ھي. بيان بہ سھي جي چالاڪي ء شينھن وٽ دير سان وڄڻ جو آھي

در شدن خرگوش بس تاخیر کرد
مکر را با خویشتن تقریر کرد

ترجمو سھي شينھن وٽ وڄڻ م گھڻي دير ڪئي
ء پنھنجي حيلہ سازي کي ثابت ڪيو

گھڻي دير کانپوءِ سھو آيو تہ جيئن شينھن سان ھڪ ٻہ راز سلي سگھي حيوانن ۾ بہ شعور جي قوت آھي انسان جو عقل لامحدود سمنڊ آھي ان تي غور ڪرڻ گھرجي انسان جون صورتون ان سمنڊ ۾ ائين ڊوڙي رھيون آھن جيئن پاڻي جي سطح تي پيالا ھوندا آھن جيستائين جسم روحانيت سان پر نٿو ٿئي تيستائين ان تي ماديت جو غلبو رھندو آھي عقل جو درياء جيتوڻيڪ نظرون کان غائب آھي جسم ان جي ھڪ موج آھي ظاھر پرست جيڪي تعينات کي وسيلو بنائيندا آھن درياء کان پري ٿي وڃن ٿا.
جيستائين انسان کي روح جو مشاهدو ء ان سان توسل حاصل نٿو ٿئي تيستائين اھو سمجھندو آھي تہ روح غير موجود آھي ان جو مثال ان شهسوار وانگر آهي جيڪو گھوڙي تي سوار بہ ھجي ء پنھنجي گھوڙي کي گم ٿيل سمجھي رھيو ھجي اھو شهسوار پنھنجي گھوڙي کان ايتري قدر غافل آھي جو ان جون نشانيون بيان ڪرڻ کانپوءِ بہ ان کي نٿو سڃاڻي جيئن روح انتھائي نزديڪ ء ظاهر ھجڻ جي ڪري مخفي ٿي ويو آھي شيءَ جو انتھائي بديھي ھجڻ ان جي مخفي ھجڻ جو سبب بنجي ويندو آھي ڇاڪاڻ تہ ھر شيءِ پنھنجي انتھا کي پھچي پنھنجي ضد ڏانھن منتقل ٿي ويندي آھي جيئن خوشيءَ جي زيادتي روئڻ جو سبب بنجي ويندي آھي صوفين وٽ لطائف غيب مختلف رنگن جا آھن جيستائين باطن جو نور پيدا نٿيندو تيستائين غيبي غيبي لطائف نظر نہ ايندا ظاھري رنگ بہ سج جي روشنيءَ کان سواءِ نظر نٿو اچي اھڙي طرح باطني رنگ بہ باطني نور کان سواءِ نظر نہ ايندو ظاھري روشني سج ء سھا ستاري جي ڪري آھي ء باطني نور عالم بالا جو عڪس آھي اکين جي بصارت بصيرت قلبي جو فيض آھي بصيرت قلبي خدا جي لنور جو فيض آھي جيڪو عقل ء حس کان ھڪ جدا شيءِ آھي نور جو احساس اسان کي ان جي ضد يعني رات جي ڪري ٿيو نور کان سواء ڪو بہ رنگ نظر نہ ايندو مشھور چوڻي آھي تہ شيون پنھنجي ضد سان سڃاتيون وينديون آھي خوشيءَ جي وضاحت رنج ء غم جي ذريعي ٿيندي آھي جيئن الله تعالي جو ڪو ضد نہ آھي انھي ڪري اھو نگاھن کان مخفي آھي حضرت موسي عليہ السلام ڏسڻ جي خواهش ڪئي تڏھن فرمايو ويو تہ تون ڏسي نٿو سگهين ٿوري تجلي ڏيکاري وئي تہ جبل ڏڪرا ڏڪرا ٿي ويو ء حضرت موسي عليہ السلام بيھوش ٿي ويو صورت ء معني جي نسبت ائين آھي جيئن شينھن ء ان جي گوڙ يا آواز ء خيالن جي مناسبت آھي ظاھر آھي تہ گر ء خيال پائيدار شئ آھي ء ان جي نسبت شينھن ء آواز جلد فنا ٿيڻ واريون شيون آھن آواز نڪري ٿو ء جلد فنا ٿي وڃي ٿو جيئن درياء جي موج ء ڇولي اٿندي آھي ء وري درياء م فنا ٿي ويندي آھي ھر شيءِ پنھنجي اصل ڏانھن موٽندي آھي ھن دنيا ۾ تجدد امثال ٿيندو آھي ھڪ شي فنا ٿيندي آھي تہ ان جھڙي ان جي قائم مقام بنجي ويندي آھي صرف آواز ء ڪلام ۾ ئي نہ دنيا جي ھر شيءِ م تجدد امثال ٿي رھيو آھي نھر جو پاڻي ھر گھڙي بدلجي رھيو آھي پر نظر م ھڪ ئي اچي رھيو آھي اھڙي طرح عمر جي حالت آھي جيڪڏهن ھڪ ٻرندڙ ڪاٺيء کي تيز گھمائيندؤ تہ اھا ڪاٺي شعلہ جو الہ نظر ايندي ايجاد جي تيزيءَ مان اھو بقا جو طول . الله تعالي جي ايجاد جي تيزيءَ کي ظاھر ڪري ٿو وري اصل قصي ڏانھن موٽون ٿا

مثنوي_مولانا_روم_رحہ
دفتر_اول_صفحہ_75
شعر_نمبر_66

17/05/2024

علامہ جلال الدين رومي رحہ

مثنوي مولانا روم رحہ

سهي جي دير سان اچڻ ڪري شينهن جو ڪاوڙ م ڀرجي وڃڻ

شیر می گفت از سر تیزی و خشم
کز رہ گوشم عدد بربست چشم

ترجمو: شينهن تيزي ء ڪاوڙ مان چئي رهيو هو
تہ دشمن ڪن جي ذريعي منهنجيون اکيون بند ڪيون آهن.

دشمن اهي ڳالهيون ٻڌایون جو آئون عقل جو انڌو ٿي ويس. جبر جو عقيدو ركڻ وارن جانورن مون کي مجبور ڪيو أنهن جي ڪاٺيء جي تلوارن مون كي فٽي وڌو هاڻي آئون انهن جي ڳالھ ڪون ٻڌندس. پاڻيءَ تي جيڪي لهرون پیدا ٿينديون آهن انهن کي اک ڇنب جيتري بقا هوندي آهي. كل يا ڇلڪو عيب كي لڪائيندو آهي ء عمده مغز کي نظرن کان پوشیده رکڻ جو بہ ڪم ڪندو آهي پاڻيءَ تي نقش جلدي فنا ٿي ويندو آهي. الله سان تعلق جوڙ جنھن جي ذات ھميشھہ رھڻ واري آھي انبيائن جي عزت خدا جي طرفان آھي بادشاھن جا نالا سڪن سان مثايا ويندا آھن حضور صلي الله عليہ وآله وسلم جو نالو قيامت تائين رهندو ڇاڪاڻ تہ حضور صلي الله عليہ وآله وسلم سڀني انبيائن جو مجموعو آھي انھي ڪري
جهڙي طرح 100 جي ضمن م 99 جو عدد موجود آھي
اھڙي طرح حضور صلي الله عليہ وآله وسلم جي نالي ۾ سڀني نبين جو نالو اچي وڃي ٿو اي پٽ هن ڳالھ جو خاتمو نہ آهي شينهن ء سهي جو قصو ٻڌ

مثنوي_مولانا_روم_رحہ
دفتر_اول_صفحہ_75
شعر_نمبر_65

14/05/2024

علامہ جلال الدین رومی رحہ

مثنوی مولانا روم رحہ

مک جي حقير تاويل جو بيان

ماند احوالت بداں طرفہ مگس
کوہمی پند اشت خود راھست کس

ترجمو: تنھنجا احوال ان عجيب مک وانگر آھن جيڪا پنھنجو پاڻ کي ڪجھہ سمجھندي ھئي
جنھن کي پيئڻ کان سواءِ مستي ھئي ء پنھنجو پاڻ کي ڪجھہ سمجھي رھي ھئي ھن باز جي تعريف ٻڌي ھئي چوڻ لڳي تہ آؤن پنھنجي وقت جي عنقاء آھيان #عنقاء ھڪ خوبصورت پکي ھو جيڪو ھاڻي اڻ لڀ ٿي ويو آھي اڻ لڀ جي معني م بہ استعمال ٿيندو آھي اھا مک گاھ جي ڪک ء گڏھ جي پيشاب تي ملاح وانگر وڏائي ڪرڻ لڳي ھئي چوڻ لڳي تہ مون ڪتابن ۾ ٻيڙي جي باري ۾ پڙھيو آھي
ھي درياء ء ھي ٻيڙي آئون آھيان ڪشتيبان ء صاحب تدبير فن آھيان درياء تي اھا ونجھ ھلائي رھي ھئي ء کيس اھو پشاب لامحدود نظر اچي رھيو ھو جيتري ان جي اک آھي اوتروئي ان جو درياء آھي زيغ م مبتلا ماڻھو جيڪي قرآن جي غلط تاويل ڪن ٿا انھن جا خيالات گڏھ جي پيشاب ء ڪک وانگر آھن ء اھي خود مک جھڙا آھن مک جيڪڏهن راء جي تاويل ڇڏي ڏي تہ بخت ان کي ھما بنائي ڇڏي جنھن کي مبارڪ سمجھيو ويندو آھي مشھور آھي تہ جنھن جي مٿان اھو لنگھي وڃي تہ اھو بادشاھ ٿيندو آھي دين جي غيرت ھجي تہ باطل تاويل نہ ڪر اھڙي باغيرت انسان جو روح بلند ھوندو آھي چاھي صورت ۽ ظاھري علم ايترو بلند نہ ھجي جيئن سھي جو قد تہ ننڊو ھو پر ان جو روح بلند ھو .

مثنوي_مولانا_روم_رحہ
دفتر_اول_صفحہ_75
شعر_نمبر_64

13/05/2024

علامہ جلال الدین رومی رحہ

مثنوی مولانا روم رحہ

سھي جي شينھن سان چالاڪي ء ان جو نتيجو

حاصل آں خرگوش رائے خود نگفت
مکر اندے شید باخود طاق و جفت

ترجمو حاصل مطلب تہ ان سھي پنھنجي راء نہ ٻڌائي
جوڙ توڙ ڪري خود تدبير سوچي ورتي
سھو دير ڪري ھڪڙي ڪلاڪ کانپوء شينھن وٽ ويو شينھن ڪاوڙ ۾ زمين کوٽيندو ء گوڙ ڪندو رھيو ء چيائين پئي تہ مونکي خبر ھئي اھي ڪميڻا واعدو ڪونہ پاڙيندا انھن ڪميڻن مونکي ماري ڇڏيو ڪيسيتائين مون کي دوکو ڏيندا بيوڪوف حاڪم عاجز رھندو آهي ڪوڙن پيرن جا وڏا وڏا لقب ڏاڍا مٺا ھوندا آھن پر آھي طالب جي زندگي کي برباد ڪندا آھن اصل باطني اخلاق سڌارڻ وارو شيخ تلاش ڪر. مڪارن پير اھا واري آھي جيڪا تنھنجي عمر برباد ڪندي شيخ ڪامل جي ترتيب سان طالب علم ء حڪمت جو سرچشمو بنجي ويندو آھي ان کي مدرسي م وڃڻ ء تحصيل علم جا اسباب اختيار ڪرڻ جي ضرورت ڪونہ رھندي آھي ان کي لدني علم حاصل ٿي ويندو آهي جڏھن آسرا الاھي حاصل ٿي وڃن ٿا تڏھن عقل انھن مان روشني حاصل ڪري ٿو. معراج م حضرت جبرائيل عليہ السلام حضور صلي الله عليہ وآله وسلم کي چيو ھو تہ جيڪڏھن ھڪڙو قدم اڳتي وڌندس تہ تجلي مون کي ساڙي ڇڏيندي تو پنھنجي ڪوتاھي ء بي علمي کي جبر سمجھين ٿو سستي کي جبر سمجھڻ اھڙي بيماري آھي جيڪا قبر م پھچائيندي جبر ڇا آھي لغت م ٽٽل يان ڀڳل کي ڳنڍڻ جي معني م آھي انھي ڪري جبرہ ان پٽي کي چئبو آھي جيڪا ھڏيء تي ڳنڍڻ جي لاءِ ٻڌي ويندي آھي انھيءَ ڪري پھريان طلب ۾ پير پٿون ڪر ان کانپوءِ جبر جو عقيدو اختيار ڪر جنھن ڪوشش ڪئي ء پير پٿون ڪيا ان جي لاءِ براق پھتو ء اھو سوار ٿيو سواري آھي جيڪا حضور صلي الله عليہ وآله وسلم کي معراج م ملي ھئي يعني مجاھدي کان پوءِ جذب الاھي وصول الي الله جو سبب ٿيندو آھي فرمانبرداري کانپوءِ فرمان روائي جو مقام ملندو آھي جيستائين انسان تي خواھش نفساني جو غلبو آھي ان تي علومِ رباني جو دروازو ڪونہ کلندو.

مثنوي_مولانا_روم_رحہ
دفتر_اول_صفحہ_74
شعر_نمبر_63

13/05/2024

علامہ جلال الدین رومی رحہ

مثنوی مولانا روم رحہ

سھي جو جانورن کان راز کي ڳجھو رکڻ

گفت ہر رازے نشاید باز گفت
جفت طاق آید گہے کہ طاق جفت

ترجمو: ان چيو تہ ھر راز ٻدائڻ جي لائق نہ هوندو آهي. ڪڏ هن اڪي ٻڌي هوندي آهي ، ڪڏهن ٻڌي اڪي. " ڪن راندین م کٽڻ ء هارائڻ هن ڳالھ تي هوندو آهي تہ جنهن شيء جي ذريعي كيڏيو پيو وڃي اها ٻڌي نڪري ٿي يا اڪي آهي. مطلب تہ انسان کٽڻ جي کوشش ڪندو آھي ء هارائي ويندو آهي آئينو صاف شيء آھي

جيڪڏهن ان تي ڦوڪ ڏبي تہ ڌنڌلو ٿي ويندو. اهڙي طرح دوست جو سینو صاف هوندو آهي، جيڪڏهن ان سان راز بيان ڪيو وڃي تہ ان جي دل م طرح طرح جا خيالات ڦرڻ لڳندا آهن، جيڪي گهڻو ڪري مفيد ڪون هوندا آهن. هنن ٽن شين م لب ڪشائي نہ ڪر سفر, سون ء منزل مقصود م سون جو مطلب مال ء دولت آهي سفر جو جو مطلب جيڏانهن انسان وڃي رهيو آهي. جيڪڏهن تو پنهنجو را از ڪنهن هڪ سان بہ بیان ڪیو تہ ان کي الوداع چئو هاڻي اهو راز راز نہ رهندو راز جو مثال پکين وانگر آهي جيڪڏهن ٻڌاپیا هوندا تہ رهندا کلیا تہ ويا. مشورو اهڙي طريقي تي ڪريو جنھن م ٻئي تي ڳالھ نہ کلي
اهو مغالطي م پيو رھي توهانکي مشورو بہ ملي وڃي صحابہ کي صحيح ڳالھ جو پتو ڪون پوندو هو ، مشورو بہ ٿي ويندو هو. ڪو مثال ڏئي مشورو ڪندا هئا تان تہ مخالف مٿو ء پير نہ
سمجهي سگهي. ان ڳالھ جو خاتمو نہ آهي. بهادر سھي جي ڳالھ ڏانھن انهن موٽ تہ ان ڇا ڪيو

مثنوی مولانا روم رحہ
دفتر اول صفحہ 74
شعر نمبر 62

11/05/2024

علامہ جلال الدین رومی رحہ

مثنوی مولانا روم رحہ

جانورن جو سھي جي تدبير ء رازن کي ٻيھر معلوم ڪرڻ

بعد ازاں گفتند کائے خرگوش چست
در میاں نہ آنچہ در ادراک تست

ترجمو: " پوء انهن چيو تہ اي چالاڪ سھا! جيڪو توكي سمجھ م آيو آهي اهو اسان کي بہ واضح ڪري ٻداء .!

تو ڪهڙي تدبير سوچي آهي مشورو عقل ، سمجھ عطا ڪندو آهي. حضور فرمايو آهي تہ الْمُسْتَشَارُ مؤْمِنٌ مشور ڏيڻ وارو امين هوندو آهي. پيغمبر ﷺ جي ڳالھ كي دل ء جان سان ٻڌڻ گهرجي، تون جلدي ٻڌاء تہ
تنهنجو مقصد ڇا آهي؟

مثنوي_مولانا_روم_رحہ
دفتر_اول_صفحہ_73
شعر_نمبر_61

09/05/2024

علامہ جلال الدين رومي رحہ

مثنوي مولانا روم رحہ

سھي جي عقلمندي جو ذڪر ء عقلمندي جي فضيلت ء نفعن جو بيان

رو تو رو بہ بازی خرگوش بیں
مکر و شیر اندازی خرگوش بیں

ترجمو: "هل تہ سھي جي چالاڪي ڏس سھي جو مڪر ء شينهن جي شيرائپ ڏس.“

مشهور آهي تہ حضرت سُليمان عليہ السلام وٽ منڊي هئي جنهن جي ڪري سڄو جهان اُن جي لاء مسخر ٿي ويو هو. انسان علم جي ڪري بحر ء برتي حڪمران آهي. محتاط انسان سمجهدار آهي. سٺا ء خراب ملائڪ ، شیطان سڀ موجود آهن. انسان کي غلبي هجڻ جي باوجود پر خطر ء شيطان جي مڪر كان هوشيار رهڻ گهرجي. ڪي شيون نظرن كان غائب آهن پر انهن جي اثرات سان انهن جو وجود معلوم ٿي ويندو آهي. لفظن جو تڪرار معني جي ك
ڪثرت پيدا ڪندو آهي. رياضت ء مجاهدي سان باطنی حواس پيدا ٿيندا آهن پوء نظرن کان غائب شيون مشاهدي م اينديون آهن.

مثنوي_مولانا_روم_رحہ
دفتر_اول_صفحہ_73
شعر_نمبر_60

09/05/2024

علامہ جلال الدين روميءَ رحہ

مثنوي مولانا روم رحہ

جانورن جو سھي جي ڳالھ تي اعتراض

قوم گفتندش اے خر گوش دار
خویش را اندازہی خر گوش دار

ترجمو قوم ان کي چيو تہ اي بيوقوف پنھنجو پاڻ کي سھوئي رھڻ ڏي
تو کان وڏا بہ اھو ٻٽاڪ نٿا ھڻن
تون خود پسند ء اسان جي پٺيان لڳو آھين
سھي جواب ڏنو تہ الله تعالي جيڪو ماکيءَ کي سيکاريو آھي اھو شينھن ء گورخر کي نہ سيکاريو اٿس جيڪو الله تعالي ريشم جي ڪيڙي کي سيکاريو آھي اھو ھاٿي نہ ٿو ڄاڻي مٺيءَ مان ٺھيل انسان کي الله تعالي علم سيکاريو جنھن سان ست آسمان روشن ٿي ويا ملائڪن حضرت آدم عليہ السلام جي خلافت تي اعتراض ڪيو حضرت آدم عليہ السلام جي علم جي ڪري انھن کي آدم عليہ السلام جي خلافت تسليم ڪرڻي پيئي مشھور آھي تہ شيطان ملعون ٿيڻ کان اڳ 6 لک سال عبادت ڪئي ھئي جيئن ڍڳيءَ جي گابي کي ٻوٿارو چاڙھبو آھي تہ ڌائي نہ سگھي شيطان کي بہ ٻوٿارو چاڙھيو ويو تہ دين جي علم جو کير نہ پي سگھي آھي عاقل جيڪي مشاھدي کي ئي وجود دليل مڃين ٿا ء باطني ء سري علمن جي مخالف آھن اھي انھن ڳالھين کي نٿا سمجھي سگھن امانت الاھي جو بار آسمانن ء زمين ء جبلن برداشت ڪرڻ کان انڪار ڪيو فقط انسان جو قلب ان کي کڻي سگھيو حضور صلي الله عليہ وآله وسلم ء ابوجھل جي صورت تہ ھڪ جھڙي ھئي پر باطني اوصاف ء معنويت جو ڪيڏو وڏو فرق ھو حضور صلي الله عليہ وآله وسلم فتح مڪي جي موقعي تي ڪعبت الله م داخل ٿيا بت منھن ڀر ڪريا ھئا جھڙو ماڻھو ھوندو آھي آئيني ۾ تصوير اھڙي ڏسڻ ۾ ايندي اھي اصحاب ڪھف جي ڪتي دنيا جي شينھن جا ڪنڌ جھڪائي ڇڏيا ظاھري حسن قابل تحرير نہ آھي انسان جي باطني خوبين کي تحرير م آڻي سگهجي ٿو اھي معنوي خوبين مڪارن ء زمان سان مقيد نہ آھن سھي جي ڳالھ ڏانھن ڪن لڳاءِ گڏھ جاڪن وڪڻي ڪي ٻيا ڪن وٺ ڇاڪاڻ تہ ان ڳالھ کي گڏھ جاڪن نٿا ٻڌي سگھن

مثنوي_مولانا_روم_رحہ
دفتر_اول_صفحہ_72
شعر_نمبر_59

07/05/2024

َ









#ترجمو
علامہ جلال الدین رومی رحہ
مثنوی مولانا روم رحہ

سھي جو جانورن کي جواب ڏيڻ ۽ مھلت گھرڻ

گفت اے یاراں مرا مہلت دہید
تا بمکرم از بلا اے من شوید

ترجمو ان چيو تہ اي يارو مونکي مھلت ڏيو تان تہ توھان منھنجي تدبير جي ڪري مصيبت کان بيخوف ٿي بچي وڃو

ھي جھنگ توھان جي اولاد جي ميراث ھجي جيئن آئون نجات جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ھر نبي پنھنجي امت جي نجات جي ڪوشش ڪئي آھي ڇاڪاڻ تہ اھي آھي آسمان کان ٻاھر جو رستو ڏسي چڪا ھئا ۽ اک جي ماڻڪئَ وانگر لڪل ھئا

06/05/2024

علامہ جلال الدین رومی رحہ
مثنوی مولانا روم رحہ

شينھن وٽ وڃڻ ۾ سھي جي دير تي جانورن جي ناپسند گي

چوں بخرگوش آمد ایں ساغر بدور
بانگ زد خرگوش کاخر چند جور

ترجمو جڏهن اھو پيالو ڦيري ۾ سھي وٽ آيو
تڏهن اھو دانھن ڪري چوڻ لڳو تہ اھو ظلم ڪيسيتائين جاري رھندو
جانور چوڻ لڳا تہ وعدي وفائي خاطر اسان ايتريون جانيون قربان ڪيون تون ضدي ۽ جھڳڙالو آھين جلدي وڃي متان شينھن ناراض نہ ٿي پوي

Allama jallal din romi٫ علامہ جلال الدین رومی رحہ٫ مثنوی مولانا روم رحہ ٫ شعرنمبر 2 ۔ بشنوید اے 06/05/2024

علامہ جلال الدین رومی رحہ
شعر نمبر 2
Subscribe to Islamic Waqiat YouTube channel thanks 💙

Allama jallal din romi٫ علامہ جلال الدین رومی رحہ٫ مثنوی مولانا روم رحہ ٫ شعرنمبر 2 ۔ بشنوید اے علامہ جلال الدین رومی رحہ بشنوید اے دوستاں این داستان خد حقیقت نقد حال ماست آں مثنوی رومی رحہ شعر نمبر 2 Islamic waqiat new Islamic Waqiat Allama jallal u de...

05/05/2024

علامہ جلال الدين روميءَ

مثنوي مولانا روم رحہ

ڪوشش جي توڪل تي ترجيح ثابت ٿيڻ

زیں نمط بسیار برہان گفت شیر
کز جواب آں جبریاں گشتند سیر

ترجمو شينھن ان طريقي سان گھڻا دليل بيان ڪيا جن جي جواب کان اھي جبر جا قائل خاموش ٿي ويا
لومڙيءَ سھي ۽ گدڙ جبر جي عقيدي وارو بحث ڇڏي ڏنو ۽ شينھن چيو تہ ٻيو دفعو چوڻ جي ضرورت ڪونہ پوندي مونکي روزانو حصو ملندو رھندو شينھن سان وعدو ڪيائون ۽ چرا گاھ ڏانھن روانا ٿيا ان فيصلي سان وحشي جانورن ۾ جوش پکڙي ويو ھر ڪو ٻئي کي مارڻ لاءِ آتو ھو نيٺ سڀني اتفاق سان ڪڻي وجھڻ وارو فيصلو قبول ڪيو تہ جنھن جو نالو ڪڻي ۾ نڪري اھو شينھن جي خوراڪ آھي روز جنھن جو نالو نڪرندو ھو اھو شينھن ڏانھن ويندو ھو

Want your school to be the top-listed School/college in Karachi?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Telephone

Website

Address

Gul Shan Hadeed
Karachi