29/05/2024
علامہ جلال الدين روميءَ رحہ
مثنوي مولانا روم رحہ
ھي. بيان بہ سھي جي چالاڪي ء شينھن وٽ دير سان وڄڻ جو آھي
در شدن خرگوش بس تاخیر کرد
مکر را با خویشتن تقریر کرد
ترجمو سھي شينھن وٽ وڄڻ م گھڻي دير ڪئي
ء پنھنجي حيلہ سازي کي ثابت ڪيو
گھڻي دير کانپوءِ سھو آيو تہ جيئن شينھن سان ھڪ ٻہ راز سلي سگھي حيوانن ۾ بہ شعور جي قوت آھي انسان جو عقل لامحدود سمنڊ آھي ان تي غور ڪرڻ گھرجي انسان جون صورتون ان سمنڊ ۾ ائين ڊوڙي رھيون آھن جيئن پاڻي جي سطح تي پيالا ھوندا آھن جيستائين جسم روحانيت سان پر نٿو ٿئي تيستائين ان تي ماديت جو غلبو رھندو آھي عقل جو درياء جيتوڻيڪ نظرون کان غائب آھي جسم ان جي ھڪ موج آھي ظاھر پرست جيڪي تعينات کي وسيلو بنائيندا آھن درياء کان پري ٿي وڃن ٿا.
جيستائين انسان کي روح جو مشاهدو ء ان سان توسل حاصل نٿو ٿئي تيستائين اھو سمجھندو آھي تہ روح غير موجود آھي ان جو مثال ان شهسوار وانگر آهي جيڪو گھوڙي تي سوار بہ ھجي ء پنھنجي گھوڙي کي گم ٿيل سمجھي رھيو ھجي اھو شهسوار پنھنجي گھوڙي کان ايتري قدر غافل آھي جو ان جون نشانيون بيان ڪرڻ کانپوءِ بہ ان کي نٿو سڃاڻي جيئن روح انتھائي نزديڪ ء ظاهر ھجڻ جي ڪري مخفي ٿي ويو آھي شيءَ جو انتھائي بديھي ھجڻ ان جي مخفي ھجڻ جو سبب بنجي ويندو آھي ڇاڪاڻ تہ ھر شيءِ پنھنجي انتھا کي پھچي پنھنجي ضد ڏانھن منتقل ٿي ويندي آھي جيئن خوشيءَ جي زيادتي روئڻ جو سبب بنجي ويندي آھي صوفين وٽ لطائف غيب مختلف رنگن جا آھن جيستائين باطن جو نور پيدا نٿيندو تيستائين غيبي غيبي لطائف نظر نہ ايندا ظاھري رنگ بہ سج جي روشنيءَ کان سواءِ نظر نٿو اچي اھڙي طرح باطني رنگ بہ باطني نور کان سواءِ نظر نہ ايندو ظاھري روشني سج ء سھا ستاري جي ڪري آھي ء باطني نور عالم بالا جو عڪس آھي اکين جي بصارت بصيرت قلبي جو فيض آھي بصيرت قلبي خدا جي لنور جو فيض آھي جيڪو عقل ء حس کان ھڪ جدا شيءِ آھي نور جو احساس اسان کي ان جي ضد يعني رات جي ڪري ٿيو نور کان سواء ڪو بہ رنگ نظر نہ ايندو مشھور چوڻي آھي تہ شيون پنھنجي ضد سان سڃاتيون وينديون آھي خوشيءَ جي وضاحت رنج ء غم جي ذريعي ٿيندي آھي جيئن الله تعالي جو ڪو ضد نہ آھي انھي ڪري اھو نگاھن کان مخفي آھي حضرت موسي عليہ السلام ڏسڻ جي خواهش ڪئي تڏھن فرمايو ويو تہ تون ڏسي نٿو سگهين ٿوري تجلي ڏيکاري وئي تہ جبل ڏڪرا ڏڪرا ٿي ويو ء حضرت موسي عليہ السلام بيھوش ٿي ويو صورت ء معني جي نسبت ائين آھي جيئن شينھن ء ان جي گوڙ يا آواز ء خيالن جي مناسبت آھي ظاھر آھي تہ گر ء خيال پائيدار شئ آھي ء ان جي نسبت شينھن ء آواز جلد فنا ٿيڻ واريون شيون آھن آواز نڪري ٿو ء جلد فنا ٿي وڃي ٿو جيئن درياء جي موج ء ڇولي اٿندي آھي ء وري درياء م فنا ٿي ويندي آھي ھر شيءِ پنھنجي اصل ڏانھن موٽندي آھي ھن دنيا ۾ تجدد امثال ٿيندو آھي ھڪ شي فنا ٿيندي آھي تہ ان جھڙي ان جي قائم مقام بنجي ويندي آھي صرف آواز ء ڪلام ۾ ئي نہ دنيا جي ھر شيءِ م تجدد امثال ٿي رھيو آھي نھر جو پاڻي ھر گھڙي بدلجي رھيو آھي پر نظر م ھڪ ئي اچي رھيو آھي اھڙي طرح عمر جي حالت آھي جيڪڏهن ھڪ ٻرندڙ ڪاٺيء کي تيز گھمائيندؤ تہ اھا ڪاٺي شعلہ جو الہ نظر ايندي ايجاد جي تيزيءَ مان اھو بقا جو طول . الله تعالي جي ايجاد جي تيزيءَ کي ظاھر ڪري ٿو وري اصل قصي ڏانھن موٽون ٿا
مثنوي_مولانا_روم_رحہ
دفتر_اول_صفحہ_75
شعر_نمبر_66