03/07/2026
جڏھن ويٽنگ پيريڊ جو هڪ سال اڳ عدالتي حڪم ختم ٿي چڪو آھي، ته پوءِ هاڻي 55+ کان مٿي مارڪن وارن کي ڇڏي 40+ مارڪن وارن کي مقرر ڪرڻ سراسر ناانصافي آھي ۽ تازو گريجوئيٽ ٿيل اميدوارن سان ظلم آھي.
جونيئر سائنس ٽيچر (JST) جي ٽيسٽ، PST/JEST جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏکئي ھئي، ان جي باوجود ڪٽ آف 55 مارڪون مقرر ڪئي وئي، جيڪا غيرمناسب لڳي ٿي. جڏھن PST/JEST جي نسبتاً آسان ٽيسٽن ۾ 50 کان به گھٽ مارڪن تي ڀرتيون ڪيون ويون، ته پوءِ JST جي وڌيڪ ڏکي ٽيسٽ لاءِ 55 مارڪن جي شرط ڇو؟
اسان کي اميد آھي ته اسپيشل ڪميٽي جونيئر سائنس ٽيچرن جي جائز مطالبن کي نظر ۾ رکندي، سندن حق ۾ فيصلو ڪندي، سيٽن ۾ واڌ ڪندي ۽ ميرٽ کي بحال رکندي.
اسان جو مقصد PST/JEST اميدوارن جي مخالفت ڪرڻ نه آھي، پر جڏھن گذريل پنجن سالن دوران 97,000 کان وڌيڪ استاد ڀرتي ڪيا ويا آھن، ته پوءِ انھن تازن گريجوئيٽ اميدوارن جو به حق آھي، جن پنج سال انتظار ڪيو آھي. تنھنڪري لڳ ڀڳ 20,000 وڌيڪ سيٽن جو اضافو ڪيو وڃي.
ان سان گڏ، PST/JEST اميدوارن لاءِ عمر جي حد وڌائي 45 سال ڪئي وڃي، جيئن کين به مستقبل جي ڀرتين ۾ وڌيڪ موقعا ملي سگهن.
جڏھن ويٽنگ پيريڊ جو هڪ سال اڳ عدالتي حڪم ختم ٿي چڪو آھي، ته پوءِ هاڻي 55+ کان مٿي مارڪن وارن کي ڇڏي 40+ مارڪن وارن کي مقرر ڪرڻ سراسر ناانصافي آھي ۽ تازو گريجوئيٽ ٿيل اميدوارن سان ظلم آھي.