Sada Hussain Abbasi

Sada Hussain Abbasi As I think|جيئن آئون سوچيان ٿو.

CEO & Founder Indus Knowledge Institute ـIKI

Educator || Columnist || Student Mentor || Organizer-SGSSC & IGSC || Activist || Speaker on Education & Student Development

( Account officially managed by team)

24/09/2026
@لاڙڪاڻو 4 سيپٽمبر 2026 تي BS Academy Larkana ۾ ڊائريڪٽر سر سهيل احمد چانڊيو جي دعوت تي ”Think Fast, Speak Smart“ جي موض...
24/09/2026

@لاڙڪاڻو
4 سيپٽمبر 2026 تي BS Academy Larkana ۾ ڊائريڪٽر سر سهيل احمد چانڊيو جي دعوت تي ”Think Fast, Speak Smart“ جي موضوع تي شاگردن لاءِ پبلڪ اسپيڪنگ ورڪشاپ ڪيو. دعوت قبول ڪندي لاڙڪاڻي پهتاسين ته هڪ انتهائي سٺو ۽ علمي ماحول ڏسڻ لاءِ مليو.

شاگردن سان سوالن جوابن ۽ سڌي ڳالهه ٻولهه جو سلسلو رهيو، جنهن دوران سندن اعتماد ۽ ڳالهائڻ جي صلاحيت کي ويجهو کان ڏسڻ جو موقعو مليو. سر سهيل احمد چانڊيو اجرڪ پارائي ۽ ڪتاب جو تحفو ڏئي جيڪا عزت افزائي ڪئي، اها پڻ يادگار رهي.

لاڙڪاڻي جي شاگردن لاءِ تعليم جي ميدان ۾ سر سهيل احمد چانڊيو جو ڪم يقيناً قابلِ ذڪر آهي. منهنجي لاڙڪاڻي جي شاگردن کي صلاح آهي ته BS Academy کي ضرور ڏسن ۽ پنهنجي تعليمي سفر لاءِ ان سان جڙڻ تي غور ڪن.
(صدا حسین عباسی)

22/09/2026

پپري سنڌي ڳوٺ ڪراچي کي عوامي لائبرري ڏيو، سنڌ اندر بند پيل تعليمي ادارا بحال ڪيو.

سنڌي ڳوٺ پبلڪ لائبرري موومينٽ کي حسن رضا کوسو لاڙڪاڻي کان امر جليل صاحب جن جا ڏهاڪو کن ڪتاب پبلڪ لائبرري موومينٽ کي ڊونيٽ ڪيا آهن سندس ٿورائتا آهيون.
نوجوانو دوستو شاگردو ڪتابن جا چندا ڏئي اسانجو ساٿ ڏيو ته جيئن شاگردن لاءِ مفت ڊجيٽل عوامي لائبرري جوڙي سگهجي.

صدا حسين عباسي - ذاڪر حسين ميرجت ـ عامر حسين سومرو، اڳواڻ سنڌي ڳوٺ پبلڪ لائبرري موومينٽ

رابطي لاءِ (ٽيم صدا حسين عباسي):
📞 صدا حسين عباسي: 03163630291
📞 ذاڪر حسين ميرجت: 0334 0630995
📞 عامر حسين سومرو: 03702406562

اچو ته ڪتاب ڏيون، علم ورهايون، ۽ مستقبل سنوارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. ❤️📚.

اچو ته گڏجي پپري ۽ ڀرپاسي جي شاگردن کي هڪ اهڙو علمي مرڪز ڏيون، جتي هر نوجوان کي مفت مطالعي ۽ سکيا جا موقعا ملي سگهن.

پنهنجو حصو ضرور ادا ڪريو، ڇو ته هڪ ڪتاب جو عطيو به علم جي انقلاب جي شروعات بڻجي سگهي ٿو.

صدا حسين عباسي
تعليمي ۽ سماجي ڪارڪن


Indus ♥️
21/09/2026

Indus ♥️

اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين، سُتي ساهه جاڳي وڃي دور دور.ستارا لتاڙي اسانجو شعور!5 سيپٽمبر | وارهه تعلقو جناح اڪيڊمي وارهه...
16/09/2026

اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين، سُتي ساهه جاڳي وڃي دور دور.
ستارا لتاڙي اسانجو شعور!

5 سيپٽمبر | وارهه تعلقو

جناح اڪيڊمي وارهه ۾ شاگردن، استادن، نوجوانن ۽ سماجي اڳواڻن سان تعليمي، علمي ۽ سائنسي موضوعن سان گڏوگڏ شاگردن جي ذاتي ۽ فڪري ترقي بابت ڳالهائڻ جو موقعو مليو.

شاگردن سان Productivity، Self-Help، مستقبل جي تعليمي ۽ عملي رستي، Social Media جي درست ۽ مثبت استعمال سميت مختلف اهم موضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. شاگردن جي دلچسپ سوالن جا جواب ڏيڻ ۽ انهن سان سڌي ريت علمي گفتگو ڪرڻ جو تجربو انتهائي اهم رهيو.

جناح اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر سائين عاقب ميرجت ۽ سندس سموري ٽيم پاران جيڪا پرخلوص آجيان ۽ عزت ڏني وئي، اها هميشه ياد رهندي.

وارهه جهڙي علائقي ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ سائين عاقب ميرجت جي مسلسل محنت ۽ ڪردار يقيناً ساراهه جوڳو آهي. وارهه جي شاگردن لاءِ بهتر تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ ۽ وارهه جي تعليم جي تاريخ ۾ سندس ڪوششون اهم حيثيت رکن ٿيون.

پنهنجي دوست وحيد چانڊيو صاحب جا به ٿورا، جن جي دعوت تي هي علمي ۽ تعليمي پروگرام ممڪن ٿيو. سائين وحيد چانڊيو صاحب جن چيو ته وارهه اچڻو آهي، اسان به لبيڪ چيو.

تعليم، شعور ۽ شاگردن جي ترقي لاءِ ڳالهه ٻولهه جو هي سلسلو جاري رهڻ گهرجي.

Aqib Mirjat
Waheed Chandio

13/09/2026
Indus Knowledge Institute pipri  - The Indusianمنهنجي ٽيم منهنجو فخر🤍♥️
13/09/2026

Indus Knowledge Institute pipri - The Indusian
منهنجي ٽيم منهنجو فخر🤍♥️

محترم سر سهيل احمد چانڊيو صاحب، اوهان کي جنم ڏينهن جون دل جي گهراين سان واڌايون. اوهان جي علم دوست سوچ، بهترين قيادت ۽ ش...
10/09/2026

محترم سر سهيل احمد چانڊيو صاحب، اوهان کي جنم ڏينهن جون دل جي گهراين سان واڌايون. اوهان جي علم دوست سوچ، بهترين قيادت ۽ شاندار انسانيت اوهان جي شخصيت کي منفرد بڻائي ٿي. دعا آهي ته الله پاڪ اوهان کي صحت، خوشحالي ۽ ڪاميابي سان ڀرپور ڊگهي زندگي عطا فرمائي. جنم ڏينهن مبارڪ! 🌹

09/09/2026

وارهه تعلقي جي بند پيل لائبرريءَ کي بحال ڪيو، وارهه جي شاگردن جا بنيادي تعليمي مسئلا حل ڪيو.

Address

Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sada Hussain Abbasi posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Sada Hussain Abbasi:

Shortcuts

Share