Ideal Star

Ideal Star Support The Youth
(4)

30/08/2026

STEAM Champion Video Clip
# Amazing 👏

هر مسئلي جو حل موجود آهي. مايوسيءَ کي شڪست ڏئي، اميد ۽ محنت سان اڳتي وڌڻو آهي. اسان جو ٿر، اسان جو مستقبل!ٿرپارڪر جو روش...
12/07/2026

هر مسئلي جو حل موجود آهي. مايوسيءَ کي شڪست ڏئي، اميد ۽ محنت سان اڳتي وڌڻو آهي. اسان جو ٿر، اسان جو مستقبل!
ٿرپارڪر جو روشن مستقبل: اميد، رهنمائي ۽ پيار
اسان جي ٻارن ۽ نوجوانن جا خواب تمام قيمتي آهن! ٿرپارڪر جي نوجوان نسل کي هن وقت اسان جي توجهه، محبت ۽ صحيح رهنمائي جي ضرورت آهي. اچو ته گڏجي سندن هٿ جهليون ۽ کين هڪ روشن سڀاڻي ڏانهن وٺي هلون.
نوجوانن لاءِ ڪيريئر ڪائونسلنگ (رهنمائي)
اسان جي نوجوانن ۾ صلاحيتن جي ڪا کوٽ ناهي. کين رڳو صحيح رستي ڏيکارڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو پنهنجي پسند جي شعبي ۾ اڳتي وڌي سگهن. تعليم ۽ بهتر ڪيريئر ئي سندن روشن مستقبل جي ضمانت آهي.
❤️ والدين جي توجهه ۽ پيار
والدين جو پيار ۽ وقت ٻارن لاءِ سڀ کان وڏو سهارو آهي. پنهنجن ٻارن سان ڳالهايو، سندن دل جي ڳالهه ٻڌو، ۽ کين اهو احساس ڏياريو ته هو اڪيلا ناهن. اوهان جي توجهه ئي سندن حوصلا بلند ڪري سگهي ٿي.






Find itسڀني کي عرض رکجي ٿو ته ڪمينٽ ضرو ڪريو جيئن ھن سيريز کي هڪ ڪامياب سيريز ۾ تبديل ڪري سگهجي
07/07/2026

Find it
سڀني کي عرض رکجي ٿو ته ڪمينٽ ضرو ڪريو جيئن ھن سيريز کي هڪ ڪامياب سيريز ۾ تبديل ڪري سگهجي






ڏانو ڌانڌل ۽ آسپاس برسات شروع ٿي ويئي،باقي سموري ٿر ۾ برسات جو انتظار آهي
06/07/2026

ڏانو ڌانڌل ۽ آسپاس برسات شروع ٿي ويئي،باقي سموري ٿر ۾ برسات جو انتظار آهي




04/07/2026

"الحمد لله! مونسون جي رحمت ڀري آمد سان ٿر جي فضائن ۾ اميد، خوشي ۽ سڪون جي لهر ڇانئجي وئي. يا الله! هن برسات کي اسان لاءِ خير، برڪت ۽ رحمت جو سبب بڻاءِ. آمين." 🤲🌧️


゚



سڀني کي عرض رکجي ٿو ته ڪمينٽ ضرو ڪريو جيئن ھن سيريز کي هڪ ڪامياب سيريز ۾ تبديل ڪري سگهجي
03/07/2026

سڀني کي عرض رکجي ٿو ته ڪمينٽ ضرو ڪريو جيئن ھن سيريز کي هڪ ڪامياب سيريز ۾ تبديل ڪري سگهجي






توهان جو ھڪ ننڍو شيئر ڪنهن غريب جي جان بچائي سگهي ٿو جيڪڏهن توهان جي گھر ۾ به ڪرڙيون نظر اچن ٿيون ته ڇا ڪڏهن توهان اهو س...
01/07/2026

توهان جو ھڪ ننڍو شيئر ڪنهن غريب جي جان بچائي سگهي ٿو
جيڪڏهن توهان جي گھر ۾ به ڪرڙيون نظر اچن ٿيون ته ڇا ڪڏهن توهان اهو سوچيو آهي ته ڇا اهي پاڻي کان سواءِ زنده رهي سگهن ٿيون؟ جواب آهي نه، ۽ جئين ئي کين موقعو ملي ٿو، اهي توهان جي پاڻي يا ڪنهن به مائع (Liquid) مان پنهنجي اڃ اجهائين ٿيون.
گھرن ۾ نظر اچڻ واري ننڍي ڪرڙي (گيڪو) پاڻي کان سواءِ هميشه زنده نٿي رهي سگهي.
جيتوڻيڪ اها پنهنجي شڪار (ڪيڙن مڪوڙن) مان ڪجهه گھم (نَمي) حاصل ڪري وٺي ٿي ۽ ڀِتن يا پنن تي ڄميل پاڻيءَ جا ڦڙا به پيئي ڇڏي ٿي، پر کيس به زنده رهڻ لاءِ پاڻيءَ جي ضرورت هوندي آهي. گهڻي دير تائين پاڻي نه ملڻ جي صورت ۾ اها پاڻيءَ جي کوٽ (ڊي هائيڊريشن) جو شڪار ٿي ويندي آهي، جيڪا ان جي موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
جيڪڏهن توهان کي گھر ۾ ڪرڙيون رکڻيون آهن ته انهن لاءِ ڪنهن پلاسٽڪ جي دٻي يا ٿانو ۾ پاڻي رکي ڇڏيو ته جيئن اهي پاڻي ڳولڻ لاءِ اِنهي ڪِنهي پاسي منهن نه مارين. ۽ جيڪڏهن نه رکڻيون آهن ته اسپري وغيره ڪرائيندا رهو ته جيئن اهي توهان جي گھر کان پري رهن.
۽ خاص طور تي پنهنجي رڪابخاني (کچن) اندر اهڙيون سڀ شيون جنهن ۾ پاڻي يا کير وغيره هجي، انهن کي چڱيءَ طرح ڍڪي رکو. ۽ هميشه جڏهن ننڊ مان اٿو ته هر اهو ٿانو جيڪو کليل پيو هجي، ان کي ڌوئي پوءِ استعمال ڪريو.




اسلام آباد: اسڪول اسٽيشنري تي 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو، والدين لاءِ پريشاني وڌي وئياسلام آباد ۾ اسڪول ويندڙ ٻارن جي درجني...
01/07/2026

اسلام آباد: اسڪول اسٽيشنري تي 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو، والدين لاءِ پريشاني وڌي وئي

اسلام آباد ۾ اسڪول ويندڙ ٻارن جي درجنين اسٽيشنري شين تي 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن سان والدين جي پريشاني ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

نئين مالي سال 2026-27 جي شروعات سان گڏ ئي حڪومت جا نوان ٽيڪس قدم به لاڳو ٿي ويا آهن.

نئين فنانس بل تحت پينسل، قلم، جاميٽري باڪس، شاپنر، ايڪسرسائز بُڪ، اسڪول گلو، رائيٽنگ پيڊ ۽ ڪلر پينسل سميت ڪيترين شين تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي.

ان فيصلي سبب ڪاپين، ڪتابن ۽ اسڪول بيگز جي قيمتن ۾ به واڌ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، جنهن تي والدين سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري



ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر گاڏين جي ڪرايو جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي اميد ٿا ڪيون ته هن تي عملدرآمد به ڪرايو ويندوجيڪڏھن ڪير...
01/07/2026

ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر گاڏين جي ڪرايو جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي اميد ٿا ڪيون ته هن تي عملدرآمد به ڪرايو ويندو
جيڪڏھن ڪير بس وارو هن کان وڌيڪ ڪرايو وٺي ته ڪنزيومر ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرايو





Address

Karachi
75300

Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00
Tuesday 09:00 - 17:00
Wednesday 09:00 - 17:00
Thursday 09:00 - 17:00
Friday 09:00 - 17:00
Saturday 09:00 - 17:00

Telephone

+923313234575

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Ideal Star posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Ideal Star:

Shortcuts

Share