دوستو دعا ڪجو ؟؟!!!!!🙏🙏
SHRI RAM Public School Lalu Raunk
wisdom integrity nurture
10/04/2024
سڄي ڪائنات ۾ رهندڙ دوستن پيارن ۽ مسلمان ڀائرن کي عيد الفطر جون مبارڪون 🌹🌹🎇🎇🌇🌇
03/07/2022
اَڄُ پڻ اُميدُون، آگَم سَندِيُون اُڀَ ۾،
ساوَڻُ پَسِي سَرَتِيُون! سَڄَڻُ سارِيو مُون،
آئوُن آسائِتو آهِيان، مانَ ڀِڄائي ڀوُن،
گَهرِ تہ گُھرجين تُون، مُندَ مڙيئي مِينهن جي.
لطيف سائين
هڪ باڪردار شخصيت صرف ڪردار جي ڪري نه سڃاتو ويندو آهي بلڪي اخلاقي ۽ سٺي تربيت رکندڙ جي ڪري به سڃاتو ويندو آهي .
ڊاڪٽر ثناءالله صاحب جهڙا سخي ۽ اعلي سوچ رکندڙ انسان
کي صرف دلير ۽ ڀاڳ واريون امڙون هن شرشٽي ۾ جنم ڏينديون آهن .
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڊاڪٽر صاحب هڪ اعلي سوچ رکندڙ ماڻهون آهي ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڊاڪٽر صاحب بنه ڪنهن مفاد جي ماڻهن جا ڪم ڪندو رهيو آهي .
ڇوجو ڊاڪٽر صاحب شري رام پبلڪ اسڪول کي هر مهيني پندره هزار ڏيندو آهي اهي ڊاڪٽر جي ڪرم نواز آهيون ۽ شڪر مند آهيون
ڊاڪٽر صاحب سان ڪڏهن( live ) ملاقات ته نه ٿئي سگهي آهي باقي ڊاڪٽر صاحب جو انتظار آهي ❤❤
خير اڄ ڊاڪٽر صاحب جو جنم ڏينهن آهي ۽ ان خوبصورت ڏينهن تي کين لک لک واڌايون ۽ مبارڪون پيش ڪريان ٿو ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪريان ٿو ۽ مالڪ سائين کان دعا گهرون ٿا ته هميشه خوش ۽ آباد هجي ۽ رب سائين جي رحمت وسي 🙏🙏🙏🙏🙏
04/10/2021
ڊاڪٽر ثناءُﷲ مغيري هڪ علم دوست انسان آهي، جنهن هميشه علم دوست سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي وسان ناهي گهٽايو، ۽ ڪيترن ئي شاگردن جي هرطرح سان سهائتا ڪئي آهي.
شري رام اسڪول لعلورائنڪ جي ماهوار خرچن ۾ ڊاڪٽر صاحب هرمهيني 15 هزار ونڊ ڏنو آهي - اسين دل جي گهراين سان سندس ٿورائتا آهيون، ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا.
لکمي چند
منتظم :
شري رام پبلڪ اسڪول لعلورائنڪ.
رابطي لاءِ :
03233707906
03156313147
17/09/2021
شري رام پبلڪ اسڪول لعلورائنڪ کي هڪ نئين بلڊنڱ ۾ صبح جو ساڍي اٺين بجه کان شروع ڪيو ويو آهي، بلڊنڱ جي مسواڙ، استادن جي پگهارن ۽ ٻين خرچن کي ملائي ڪو 35 هزار رپيا ماهوار شروعاتي خرچ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي - اسين هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي استاد، همدرد ۽ ساٿي ڪامريڊ ذوالفقار جا ٿورائتا آهيون جنهن هن اسڪول جي نئين بلڊنڱ جي حاصلات کي ممڪن بڻايو، ۽ خرچن ۾ ماهوار 10 هزار رپيا ڏيڻ جي حامي ڀري آهي -
اسڪول ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو سنڌي ميڊيم جو ڪورس پڙهايو ويندو، هي باگڙي برادريءَ جو ڪو ڌرمي شڪشه (تعليم) جو اسڪول نه هوندو، هن اسڪول کي هر ذات، رنگ، نسل، مذهب، ۽ فرقي جي فرق کان هٽي ڪري جديد تعليم سان آراستا ڪيو ويندو، جنهن ۾ باگڙي برادريءَ سميت هر مسڪين، بي پهچ ۽ مفلسي جو شڪار خاندانن جي ٻارڙن کي داخل ڪيو ويندو.
اسان پنهنجي آس پاس سڄڻن، خيرخواهن ۽ انسان دوست ڌرين کي ٻانهن ٻيلي ٿيڻ جي گذارش ڪريون ٿا.
اسڪول جو انتظام سنڀاليندڙ :
لکمي چند ديوان
( 03156313147)
شري رام پبلڪ اسڪول لعلورائنڪ.
29/01/2021
عوامي ورڪرز پارٽي لعلورائنڪ جي سيڪريٽري ڪامريڊ ذوالفي بروهي پاران شري رام پبلڪ اسڪول لعلورائنڪ جي ٻارڙن لاءِ چوڏهن سئو ڪاپين جو تحفو
جڏهن ته ٻارڙن ۾ ڪتاب پڻ تقسيم ڪيا ويا.
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Telephone
Website
Address
00000000