13/08/2024
Plant Trees Save Earth @ GBELSS Khan Muhammad Baloch Ghaghar Bin Qasim Malir Karachi.
Sindh Education and Literacy Department
13/08/2024
Plant Trees Save Earth @ GBELSS Khan Muhammad Baloch Ghaghar Bin Qasim Malir Karachi.
15 آگسٽ 2024 کان کُلي رهيو آهي
پنهنجي ٻارڙن جي بهتر مستقبل لاءِ پنھنجا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرايو،،،،،،،،
17/04/2024
ڪراچي جي تعليمي بورڊ پاران نائين ۽ ڏهين درجي جي امتحانن جو پڌرنامو جاري.. پهريون پيپر 7 مئي 2024 تي ورتو ويندو.
گهگهر ڦاٽڪ بن قاسم ملير ڪراچي
گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري لوئر سيڪنڊري اسڪول خان محمد بلوچ جي هيڊ ماستر سائين الله ڏتي شيخ جو ننڍو ڀاءُ اياز علي شيخ رضا الاهي سان وفات ڪري ويو جنهن جي جنازي نماز اڄ صبح جو 8 وڳي ڪوٽ ڏجي تعلقي جي ڳوٺ ديھ سوهو ۾ ادا ڪئي ويندي.
22/02/2024
اڄ گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول خان محمد بلوچ گهگهر ۾ غير نصابي سرگرمين جي سلسلي ۾ (Orange Day ) ملهايو ويو. شاگردن پاران خوشي جو اظهار.
17/04/2023
سنڌ جي تعليم کاتي پاران اسٽرينگ ڪميٽي جي فيصلي موجب سڀاڻي بروز اڱاري 18 اپريل 2023 تي 27 رمضان شريف شب قدر سبب سمورن سرڪاري توڙي پرائيويٽ ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ عام موڪل هوندي...
03/03/2023
سنڌ جي تعليم کاتي موجب PST ۽ JEST جي ويٽنگ لسٽ جو مدو 28 فيبروري 2025 تي ختم ٿيندو. مطلب تہ اڄ کان پوءِ بہ 2 سال تائين ويٽنگ پاليسي Valid رھندي.
ان جي ڪري اوسيئڙي ۾ ويٺل اميدوار پريشان ڳڻتي نه ڪن
14/02/2023
نون هيڊ ماسترن جون مقرريون
بن قاسم تعلقي جو ٽي اي او سيڪنڊري پرويز اختر مقرر
پپري ۾ ڪوٺايل سيمينار جون جهلڪيون
14/02/2023
پپري ۾ ڪوٺايل سيمينار ۾ گورنمينٽ لوئر سيڪنڊري اسڪول خان محمد بلوچ جي قابل احترام استادن هيڊ ماستر عبدالحميد شاهاڻي صاحب ۽ سرفراز گل سرڪي صاحب پاران پنهنجي اسڪول جي نمائندگي ڪندي..
ملير جي علائقي پپري ۾ ريفارم سپورٽ يونٽ اسڪول ايجوڪيشن، يورپي يونين ۽ لٽريسي ڊپارٽمنٽ ضلعي ملير پاران آئوٽ آف اسڪول چلڊرين جاڳرتا ريلي ۽ سيمينار ڪيو ويو جنھن ۾ علائقي جي شاگردن، سول سوسائٽي ۽ استادن جي ريلي ۾ وڏي انگ ۾ ملير پريس ڪلب تائين شرڪت ڪئي- ريلي دوران پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ نعرا ھنيا ويا - ريلي کان پوءِ گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول اسٽيل ٽائون ايٽ پپري ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾مهمان خاص جنيد حميد سمون، ڊي اي او ملير (سيڪنڊري/ھائر سيڪنڊري) محترم سراج احمد ميمڻ، ڊي او پرائمري سڪندر گبول، سينئر پروگرام ميئنجر آر ايس يو محمد لقمان نوهڙيو، سينئر پروجيڪٽ ميئنجر يونيسيف مجيب الرحمان کتري ، ڊپٽي ڊي اي او سيڪنڊري عبدالجبار ککراڻي ڊپٽي ڊي اي او سيڪنڊري عاليه ڄام،ٽي اي او پرائمري ميل بن قاسم غلام حيدر بروهي، ٽي اي او پرائمري فيميل بن قاسم گل محمد خاصخيلي، ٽي اي او سيڪنڊري بن قاسم فضل محمد سهتو،گورنمينٽ لوئر سيڪنڊري اسڪول خان محمد بلوج جي ھيڊ ماستر عبدالحميد شاھاڻي، گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول اسٽيل ٽائون ايٽ پپري جي ھيڊ ماستر عبدالحميد ميمڻ، سرفراز گُل سرڪي،حذب اللہ پلھ سميت سول سوسائٽي سان واسطو رکندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي- ڊي اي او سيڪنڊري ملير سراج احمد ميمڻ چيو ته سيڪريٽري تعليم استادن جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاء پنجاھ ھزار نوڪريون ڏنيون آھن والدين کي گذارش آهي ته پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائين خاص ڪري نياڻين کي جتي مفت ڪتاب ۽ نياڻين کي وظيفو پڻ ڏنو وڃي ٿو ، ان موقعي تي ٻارن تعليمي جاڳرتا تي اصلاحي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا-
14/02/2023
نون ڀرتي ٿيل پرائمري اسڪول استادن جون پگھارون جاري ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ وڏي رڪاوٽ دور ٿي وئي،
فنانس ڊپارٽمينٽ سنڌ پرائمري پوسٽ BPS-09 تي ئي نون استادن جي BPS-14 جي پگھار جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.