20/09/2026
سنڌ جي تعليم کاتي 2001 کان 2018 تائين جيڪي استاد ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ڪيا انھن جي سروس مان ٽي سال ڪانٽريڪٽ جي نالي تي ڪٽيا ويا آھن جيڪا سراسر زيادتي آھي، سنڌ جي سڀني ٽيسٽ پاس استادن کي جوائننگ جي تاريخ کان ريگيولر ڪيو وڃي، ھڪ سنڌ ۾ ٻہ قانون نامنظور
ھنن ٽيسٽ پاس استادن جو آخر ڪھڙو ڏوھہ آھي؟ پھريان وارا بہ ريگيولر ۽ بعد وارا بہ ريگيولر تہ ھنن 2001 کان 2018 تائين وارن استادن سان ڪھڙي وجہ جي ڪري ناانصافي ٿي رھي آھي؟
2001 کان 2018 تائين ٽيسٽ پاس استادن ۾ IoBM (CBM) ٽيسٽ پاس 2001، آئي بي اي ٽيسٽ پاس 2008، سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس 2010، اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس 2013 ۽ آئي بي اي سکر 2018 ٽيسٽ پاس (واحد بي ايڊ پاس بيچ) استادن جا پھريان ٽي سال ڪانٽريڪٽ تي ڇو ضايع ڪيا ويا آھن؟
انھن استادن جو تعداد 40 ھزار کان مٿي نہ آھي، جڏھن تہ ھڪڙي بيچ 2021 ۾ 97 ھزار استادن کي پھرين ڏينھن کان ريگيولر رکيو ويو،. ٻٽو معيار آخر ڇو؟