19/06/2026
ڪربلا: هڪ تهذيب، عقل، منطق ۽ دائمي شعور
ڪربلا جو معرڪو رڳو هڪ جنگ يا تاريخي حادثو نه، پر انساني شعور، عقل، منطق ۽ اخلاقيات جي بھترين تهذيب آهي - تهذيب جو مفهوم صرف شهرن، سلطنتن يا حڪمرانيءَ تائين محدود ناهي ھوندو؛ پر اهو علم، فڪر، دليل، انصاف ۽ انساني ضمير جي تعمير سان جڙيل آهي. ڪربلا انهيءَ معنيٰ ۾ هڪ اهڙو تمدن آهي، جيڪو مختصر وقت لاءِ ظاهر ٿيو، پر پنهنجي فڪر ۾ دائميت ماڻي ويو -
دنيا جي تهذيبن ۾ لاطيني تھذيب عقل ۽ فلسفي جي بنياد رکي، جتي سقراط (Socrates) ۽ ارسطو (Aristotle) منطق ۽ استدلال کي انساني فڪر جو محور بڻايو. پر ڪربلا عقل کي فقط نظريي تائين محدود نه رکيو، بلڪه عملي منطق ۾ بدلائي ڇڏيو. امام حسين ع جو قيام جذباتي بغاوت نه، پر هڪ عقلي ۽ منطقي فيصلو هو؛ ڇاڪاڻ ته جڏهن نظام ظلم، جبر ۽ باطل تي بيهي وڃي، تڏهن خاموشي عقل جي شڪست ۽ مزاحمت عقل جي فتح بڻجي وڃي ٿي -
قرآن ڪريم به عقل ۽ تدبر تي زور ڏئي ٿو: “أَفَلَا تَعْقِلُونَ” (ڇا اوهان عقل نٿا ڪريو؟) ۽ “أَفَلَا يَتَدَبَّرُونَ” (ڇا اوهان غور نٿا ڪريو؟). ڪربلا انهن قرآني حڪمن جي عملي تفسير آهي - امام حسین ع جي منطق واضح هئي: جيڪڏهن حڪمران حق کان هٽي وڃي، ته ان جي بيعت / (مڃڻ) ڪرڻ ظلم کي جائز ڪرڻ آهي.
ادب ۾ ڪربلا عقل ۽ احساس جو ڳانڌاپو بڻجي ظاهر ٿئي ٿي- مير انيس ۽ مولانا جلال الدین ڪربلا کي فقط روئڻ ۽ ماتم نه، پر شعور جي بيداري سمجهيو -
آخرڪار، ڪربلا اهو سيکاري ٿي ته عقل جو اصل ڪم فقط سوچڻ نه، پر حق کي سڃاڻڻ ۽ ان لاءِ بيهڻ آهي. جيڪڏهن يونان عقل جي تهذيب هئي، ته ڪربلا عقل ۽ ضمير جي گڏيل تهذيب آهي—جتي منطق قربانيءَ ۾ بدلجي تاريخ کي امر بڻائي ٿو -
عرفان علي ٻرڙو
13/06/2026
حق، اصول ۽ انسانيت:
ڪربلا جو فڪري مطالعو
امام حسينؑ جو يزيد جي آڏو نه جهڪڻ وارو فيصلو تاريخ جي ڪنهن اونداهي باب جو عنوان نه رهيو آهي، پر اهو انسان جي فڪري تاريخ ۾ هڪ اهڙو سوال بڻجي ويو آهي جيڪو هر دور ۾ نئين صورت اختيار ڪري ٿو. ڪربلا جو واقعو اسان کي اهو احساس ڏياري ٿو ته جڏهن اقتدار پنهنجي حدن کان اڳتي وڌي انصاف ۽ اخلاقي قدرن سان ٽڪراءُ ۾ اچي وڃي، ته پوءِ فرد لاءِ خاموشي يا مصلحت نه، پر اصولي موقف اختيار ڪرڻ هڪ وڏي اخلاقي ذميواري بڻجي وڃي ٿي. ان لحاظ سان امام حسينؑ جو قدم رڳو عقيدت جو حوالو نه، پر ضمير جي آزادي، حق جي سچائي ۽ انساني وقار جي علامت طور به ڏٺو وڃي ٿو -
پر افسوس سان اھو چوڻو ٿو پوي ته وقت سان گڏ ڪيترن ئي سماجن ۾ ڪربلا جو پيغام پنهنجي وسيع انساني ۽ فڪري وسعت کان ڪجهه حد تائين پري ھٽي ڪري رسمن، جذباتي اظهار ۽ ادارتي مفادن تائين محدود ٿيندو رهيو آهي جنهن کي اسان مڪاري ۽ منافقت چئي سگهون ٿا- جڏهن ڪنهن عظيم فڪري تحريڪ کي صرف ظاهري رسمن يا گروهي مفادن تائين محدود ڪيو وڃي ته ان جو اصل مقصد—يعني ظلم جي مزاحمت، سماجي انصاف ۽ اصولن تي ثابت قدمي—پس منظر ۾ هليو وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪربلا کي ڪنهن به قسم جي تجارتي، تنظيمي يا محدود مذهبي دائري مان ڪڍي ان کي ان جي اصل انساني ۽ فڪري وسعت ۾ ٻيهر سمجهيو وڃي.
نتيجي طور امام حسينؑ جو يزيد جي آڏو نه جهڪڻ وارو فيصلو اڄ به طاقت ۽ اصولن جي وچ ۾ هڪ اهڙي لڪير طور موجود آهي، جيڪا هر انسان کان اهو سوال ڪري ٿي ته هو پنهنجي زندگيءَ ۾ انصاف، سچائي ۽ ضمير کي ڪيتري اهميت ڏئي ٿو—يا رڳو روايتن ۽ ظاهري اظهار تائين محدود رهي ٿو۔
عرفان علي ٻرڙو
13/06/2026
بجيٽ 2026-27: اسان جو ساڳيو ئي پاڪستان
بجيٽ ڪنهن به قوم جو آئينو آهي، ۽ اسان جو آئينو اسان کي "مستقبل جي تباھي" جي تصوير ڏيکاري ٿو-
838 ارب روپيا خيرات تي ۽ تعليم، صحت، سائنس ٽئي گڏي ڪري صرف 123 ارب روپيا - هي تناسب 7:1 آهي. يعني اسان هڪ روپيو "مڇي ڏيڻ" تي خرچ ڪريون ٿا ته 14 پيسا "مڇي پڪڙڻ سيکارڻ" تي لڳايون ٿا - هي پاليسي ناهي، سياسي مجبوري آهي. خيراتي وظيفا ووٽ خريد ڪن ٿا، يونيورسٽيون نه.
اسان کي اھا چڳي طرح خبر آهي ته غربت بيماري آهي ۽ BISP ان جو ڪنهن حد تائين عارضي حل ۽ پين ڪلر آهي - پين ڪلر سان سور ٿوري دير لاء ويندو آهي، پر بيماري ختم ڪو نه ٿيندي آهي - 40 ارب اعليٰ تعليم لاءِ يعني في شاگرد شايد 2000 روپيا ساليانو. ڇا هي مذاق ناهي؟ جڏهن ته هڪ خاندان کي BISP مان 30,000+ ساليانو ملي وڃي ٿو. اسان "انسان" پيدا نٿا ڪريون، "ووٽر" پاليون ٿا ۽ سڄي قوم کي فقير بڻايون ٿا-
سائنس و ٽيڪنالاجي لاءِ 3.6 ارب روپيا - هي GDP جو 0.003% به ناهي - جڏهن ته ڀارت 1.2 لک ڪروڙ، بنگلاديش به اسان کان 5 ڀيرا وڌيڪ خرچ ڪري ٿو- جيڪا قوم تحقيق تي خرچ نه ڪندي، سا سڀاڻي دنيا جي غلام ئي ٿيندي - AI، بائيو ٽيڪ، چپ ٽيڪنالاجي جو دور آهي، ۽ اسان اڃا تائين خيرات ورهائي "ترقي" ڳولهي رهيا آهيون -
قرآن چوي ٿو "وَأَن لَّيْسَ لِلْإِنسَانِ إِلَّا مَا سَعَىٰ" "انسان لاءِ اهو ئي آهي جنهن جي هو ڪوشش ڪري"- اسان جي پاليسي هن آيت جي ابتڙ آهي: "انسان لاءِ اهو ئي آهي جيڪو حڪومت خيرات ڏئي" -
بيشڪ مالي امداد بند نه ٿيڻ گهرجي، پر ان جو مقصد "سدائين محتاجي" نه "عارضي سهائتا" هئڻ گهرجي - اصل بجيٽ اهو آهي جنهن ۾ اسڪول، ليب، اسپتال جي قطار BISP جي قطار کان ڊگهي هجي - نه ته اسان هر سال 838 ارب جو "غربت برقرار رکو فنڊ" ئي پاس ڪندا رهنداسين - قومون پنڻ سان نه پر علم ۽ شعور سان آزاد ٿين ٿيون - وڏيرن، شاھوڪارن، بي رحم ڪامورن، حڪومت ۾ ويٺل ڪاروباري طبقي، ظالم حڪمرانن ۽ بي ضمير وردي ۾ ويٺل جلادن مان ڀلائيء جي ڪھڙي اميد لڳايون جن جو سلسلو ان سسٽم تي پيو ھلي -
عرفان علي ٻرڙو
12/06/2026
اروڙ جي محمد بن قاسم مسجد جي زبون حالي: حڪومت جون ترجيحون
اروڙ، سنڌ جي قديم تهذيب جو اهڙو باب آهي، جتي ماضي اڄ به مٽيءَ مان ڳالهائي ٿو - هتي قائم ٿيل محمد بن قاسم مسجد کي ڏسڻ مھل اهو اتساهه ضرور ٿئي ٿو ته اسان وٽ تاريخ ته گهڻي آهي، پر ان جي حفاظت لاءِ نيت ۽ اپاءَگهٽ آهن - هي مسجد برصغير جي ابتدائي اسلامي دور جي اهم يادگارن مان هڪ آهي، پر اڄ مڪمل زبون حالي جو شڪار آهي - مسجد جا باقي آثار ٽٽل ڀتين، پراڻين سرن ۽ ختم ٿيندڙ نشانين تائين محدود آهن. وقت جي اثرن سان گڏ انساني بي پرواهي به هن تاريخي ماڳ کي مسلسل نقصان پهچائي رهي آهي. هي صورتحال صرف هڪ عمارت جي تباهي ناهي، پر سنڌ جي تاريخي شعور جي ڪمزوريءَ جو ڏيک آهي. سنڌ ۾ لڳ ڀڳ چار هزار آثار قديمه جا ماڳ موجود آهن، جن ۾ موهن جو دڙو، مڪلي قبرستان، ڀنڀور، رني ڪوٽ قلعو، برهمڻ آباد ۽ ڪاهو جو دڙو شامل آهن - ڪيترائي ماڳ يونيسڪو ورلڊ هيريٽيج Unesco World Heritage ۾ به شامل آهن، پر تحفظ جي حالت اڃا به ڳڻتي جوڳي آهي. موهن جو دڙو ۾ لوڻياٺ ۽ برساتي پاڻي عمارتن کي نقصان پهچائي رهيو آهي، جڏهن ته مڪلي ۾ ڪٽاوَ ۽ سار سنڀال جي کوٽ وڏو خطرو بڻيل آهن -
اروڙ جي تاريخ بابت ٻه اهم ۽ هڪ ٻئي سان متضاد نظريا موجود آهن. پھرين نظرئي مطابق محمد بن قاسم سنڌ ۾ انصاف قائم ڪندڙ ۽ اصلاح آڻيندڙ سپهه سالار هو، جنهن ظلم ۽ بدانتظاميءَ جو خاتمو ڪيو، جڏهن ته راجا ڏاهر جي حڪومت اندروني ڪمزورين جو شڪار هئي. ٻي تنقيدي ۽ عقل کي مڃڻ واري نظرئي مطابق محمد بن قاسم جي مهم هڪ فوجي توسيع هئي، جنهن جو مقصد سياسي اثر وڌائڻ هو، جڏهن ته راجا ڏاهر کي پنهنجي ڌرتي ۽ خودمختياري جو دفاع ڪندڙ حڪمران طور ڏٺو وڃي ٿو جيڪو ڪنهن حد تائين صحيح آهي.
حڪومت وٽ ثقافت ۽ آثار قديمه جو کاتو موجود آهي، پر محدود وسيلن ۽ ترجيحي مسئلن سبب ڪيترائي تاريخي ماڳ نظرانداز ٿين ٿا. نتيجي ۾ اروڙ جهڙا ورثا آهستي آهستي ختم ٿيڻ جي خطري ۾ آهن - ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪ جامع هيريٽيج پاليسي تي عمل ڪيو وڃي، جنهن ۾ ڊجيٽل دستاويزي ڪاريگري، 3D اسڪيننگ، عالمي تعاون ۽ مقامي شموليت شامل هجي- جيڪڏهن اڄ قدم نه کنيا ويا ته سڀاڻي صرف تاريخي حوالا باقي رهجي ويندا - قومون پنهنجا آثار نه وڃائينديون آهن، پر آثار وڃائڻ سان قومون پاڻ کي وڃائي ويهنديون آهن-
فوٽو: 09 فيبروري 2022
تحرير: عرفان علي ٻرڙو
11/06/2026
اسان اڪثر چوندا آهيون ته: "نظام خراب آهي" پر حقيقت ڪجهه ٻي آهي.
هي نظام غلطيءَ سان خراب ناهي ٿيو، پر چالاڪيءَ سان اهڙو ئي جوڙيو ويو آهي ته جيئن ڪجهه مخصوص طبقا فائدو وٺن ۽ هڪ عام ماڻهو سڄي زندگي پيڙهجي وڃي.
📚 تعليمي نظام:
تعليم جو مقصد علم، سوچ ۽ سمجهه هئڻ گهرجي ها — پر اسان جي تعليمي نظام کي اهڙي طرح ڊزائين ڪيو ويو آهي ته شاگرد رڳو رٽو هڻن، نمبر وٺن، ۽ هڪ مخصوص دٻي ۾ فِٽ ٿي وڃن.
🔹 تاريخي مثال: انگريز دور ۾ جوڙيل "ڪلاس روم سسٽم" جو مقصد ذهني غلام پيدا ڪرڻ هو، نه ڪي آزاد سوچ رکندڙ شهري.
🔹 اڄ جو مثال: جيڪڏهن ڪو ٻار سوال ڪري، يا روايتي طريقي کان هٽي ڪري سوچي، ته ان کي "بي ادب" يا "بدتميز" چيو ويندو آهي. نتيجي طور اسان انجنيئر ته ٺاهي وٺون ٿا، پر موجد نه.
⚖️ انصاف جو نظام:
انصاف جو مطلب آهي ته هر فرد کي سندس حق ملي، پوءِ ڀلي اهو امير هجي يا غريب. پر اسان جي نظام ۾ طاقتور ماڻهو بچي نڪري ٿو، ۽ ڪمزور سالن جا سال عدالتن جا چڪر ڪاٽيندو رهي ٿو.
🔹 تاريخي مثال: جاگيرداراڻي نظام ۾ عدالتن کي زميندار جي اثر کان آزادي نه هئي.
🔹 اڄ جو مثال: هڪ عام ماڻهو ننڍي چوري تي جيل ۾، ۽ اربين جا ڪرپٽ ماڻهو سياست ۾، وي آءِ پي پروٽوڪول سان.
💰 معاشي نظام:
معاشي ڍانچو اهڙي طرح ترتيب ڏنو ويو آهي جو دولت صرف ڪجهه هٿن ۾ مرڪوز ٿي وڃي.
🔹 تاريخي مثال: انگريزن هندستان ۾ صنعتي ترقي ٿيڻ نه ڏني ته جيئن هو پنهنجون شيون وڪڻي سگهن ۽ مقامي صنعت تباهه ٿي وڃي.
🔹 اڄ جو مثال: مهانگائي عام ماڻهو جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ٿي، جڏهن ته وڏيون ڪمپنيون ٽيڪس چوري ڪري اربين ڪمائي وٺن ٿيون.
📌 ياد رکو:
جيڪڏهن ڪنهن نظام ۾ بار بار ظلم ٿئي ٿو، ته اهو "حادثو" ناهي هوندو — اهو ئي انهيءَ نظام جو اصل مقصد هوندو آهي.
هي سڀ ڪجهه محض اتفاق ناهي — هي باقاعده منصوبابندي آهي.
🌱 جيڪڏهن هيءَ ڳالهه دل سان تائين پھتي هجي، ته ان کي ٻين جي دلين تائين ضرور پهچايو — ڇو ته تبديلي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن شعور جاڳي.
عرفان علي ٻرڙو
06/06/2026
سفر نامو (پاڪستان ريلوي جي پٽڙين تان هڪ انجنيئر جو سفر):
ليکڪ: عرفان علي ٻرڙو
باب 1: والٽن کان نوابشاهه تائين
سال 2018ع منهنجي زندگيءَ جو هڪ نئون باب هو.PTS جو چٽاڀيٽي جو امتحان پاس ڪري سنڌ شھري مان اڪيلو پاڪستان ريلوي ۾ ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ پاس ٿي ريلوي ۾ بطور سن انجنيئر ٽيلي ڪام سفر شروع ڪيو - جڏهن مون Pakistan Railways جي والٽن ٽريننگ اڪيڊمي، لاهور ۾ هڪ ساله تربيت شروع ڪئي ته ان وقت مون کي اندازو نه هو ته هي سفر رڳو نوڪريءَ جو نه، پر زندگيءَ جي تجربن، مشاهدن ۽ سکيا جو سفر بڻجي ويندو.
لاهور ۾ گذاريل هڪ سال مون کي نظم و ضبط، ذميواري ۽ ٽيڪنيڪل مهارتن سان آشنا ڪيو. والٽن اڪيڊمي جا ڏينهن اڄ به منهنجي يادگيرين ۾ محفوظ آهن. ملڪ جي مختلف حصن مان آيل نوجوان ساٿي، گڏيل خواب، مستقبل جون اميدون ۽ ريلوي جي نظام کي ويجهو کان سمجهڻ جا موقعا، منهنجي شخصيت جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ٽريننگ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ منهنجي پوسٽنگ نوابشاهه ۾ ٿي، جتي مون سب انجنيئر ٽيلي ڪام (BPS-11) طور پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. اهو منهنجي لاءِ هڪ اعزاز به هو ۽ وڏي ذميواري به.
باب 2: لاکاروڊ کان جلال مري تائين
منهنجي ذميواري لاکاروڊ اسٽيشن کان جلال مري اسٽيشن تائين پکڙيل هئي. هي علائقو ريلوي جي لحاظ کان انتهائي اهم هو، ڇاڪاڻ ته ان سيڪشن ۾ تقريباً ٻارنهن ريلوي اسٽيشنون شامل هيون ۽ انهن سڀني جو ڪميونيڪيشن نظام منهنجي نگراني هيٺ هوندو هو.
ريلوي جي دنيا ۾ ٽرينن جون پٽڙيون ته سڀني کي نظر اچن ٿيون، پر انهن پٽڙين جي پويان هلندڙ ڪميونيڪيشن جو نظام اڪثر ماڻهن جي نظرن کان اوجهل رهندو آهي. حقيقت ۾ ٽرينن جي محفوظ آمدورفت لاءِ ڪميونيڪيشن ايترو ئي اهم آهي جيترو انجڻ لاءِ ٻارڻ.
هر اسٽيشن تي UHF ريڊيو سسٽم لڳل هو. انهن ريڊيوز سان گڏ اوچا ٽاور نصب ٿيل هئا، جيڪي هڪ اسٽيشن کي ٻي اسٽيشن سان ڳنڍيندا هئا. گرمي هجي، سردي هجي يا مينهن، اهي ٽاور خاموشي سان پنهنجو فرض نڀائيندا رهندا هئا.
ان کان علاوه VHF ريڊيو سسٽم به موجود هو، جنهن ۾ Push-to-Talk جي سهولت هئي. ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ هڪ بٽڻ دٻائڻ سان فوري رابطو ممڪن هوندو هو. ريلوي آپريشنز ۾ سيڪنڊن جي اهميت هوندي آهي، تنهن ڪري هي نظام ڪيترن ئي موقعن تي انتهائي ڪارآمد ثابت ٿيندو هو.
جاري آهي
06/06/2026
باب 3: رابطن جي دنيا
جڏهن مون پنهنجي ڊيوٽي شروع ڪئي، تڏهن ريلوي جي ڪيترن ئي آفيسن ۽ اسٽيشنن تي خانگي ٽيليڪام ڪمپني Ufone جون سروسون استعمال ٿينديون هيون. انهن نمبرن ذريعي مختلف اسٽيشنن، آفيسرن ۽ فني عملي سان رابطو رکيو ويندو هو.
وقت سان گڏ ٽيڪنالاجي تبديل ٿيندي رهي. بعد ۾ ريلوي انتظاميا نئين معاهدي تحت Zong جون سروسون اختيار ڪيون، جيڪي اھي به ناڪام رهيون. هي تبديليون مون پنهنجي اکين سان ڏٺيون. ھاڻي ريلوي ھيڊ ڪوارٽر لاھور وري ھڪ چيني ڪمپني جي لوڪل ڊسٽريبيوٽر کان ھائٽرا پي او سي Hytera POC Radio Multimode ريڊيو ورتو آهي جيڪو ملٽي موڊ ڪميونيڪيشن جو آلو آهي جنهن جنهن کي اسان پاڻ سڄي ڪراچي ڊويزن ۾ ٽيسٽ ڪيو سي جيڪو ناپاس ٿيو پر وري به پاڪستان ريلوي جي ڪرپٽ بيورڪريسي ۽ منسٽري جي ھٽ ڌرمي ۽ ڪرپشن جي ڪري اسان جي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ ھاڻي او سسٽم اسان تمام اسٽيشنن ۽ ريل گاڏيءَ جي انجڻن ۾ انسٽال پيا ڪريون ۽ اسان کي اھا به خبر آهي ته اھو پاڪستان ريلوي ۾ feasible conditions نه ھجڻ ڪري ٿورو ٽائيم به نه ھلي سگهندو -
باب 4: رستن جا سبق
ڊيوٽي دوران مون صرف مشينون، ريڊيو سيٽون ۽ ٽاور نه ڏٺا، پر انسانن کي به ويجهو کان ڏٺو. ننڍڙين اسٽيشنن تي ويٺل اسٽيشن ماسٽر، راتين جو جاڳندڙ گيٽ ڪيپر، گرميءَ ۾ ڪم ڪندڙ ٽريڪ مين، ۽ مختلف شعبن جا ملازم—اهي سڀ ريلوي جي ان عظيم زنجير جا ڪڙا هئا، جيڪي ملڪ کي هڪ ٻئي سان ڳنڍين ٿا. ڪڏھن ڪڏھن اسان کي رات جي وقت ڪميونيڪيشن فالٽ پوڻ صورت ۾ پنهنجي ھوم اسٽيشن نواب شاھ کان نڪري ڪري سنڌ جي ننڊين وڏين اسٽيشن تي سفر ڪري فالٽ کي ختم ڪرڻو پوندو ھو جيڪو اسان لاءِ تجربي سان گڏ و گڏ سياحت جو به موقعو ڏيندو هو-
سنڌ جي ٻهراڙين مان گذرندڙ پٽڙيون مون کي زندگيءَ جا ڪيترائي سبق سيکارينديون رهيون. ڪٿي سرسبز فصل، ڪٿي ويران ميدان، ڪٿي ننڍڙا ڳوٺ ۽ ڪٿي اسٽيشن تي ٽرين جي انتظار ۾ بيٺل مسافر—هر منظر هڪ ڪهاڻي هو.
مون محسوس ڪيو ته ريلوي رڳو ماڻهن کي منزلن تائين نه پهچائيندي آهي، پر اميدن، خوابن ۽ احساسن کي به هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪندي آهي.
باب 5: سفر اڃا جاري آهي
اڄ جڏهن مان پنهنجي ماضيءَ ڏانهن نهاريندو آهيان ته والٽن اڪيڊمي کان وٺي لاکاروڊ ۽ جلال مري تائين جو سفر هڪ فلم وانگر اکين آڏو ڦري ويندو آهي.
UHF ٽاورن جون اوچايون، ريڊيو سيٽن جا آواز، اسٽيشنن جون گهنٽيون، ٽرينن جون سيٽيون ۽ ساٿين جي محبت—اهي سڀ منهنجي زندگيءَ جو سرمايو آهن.
هي "سفر نامو" رڳو منهنجي نوڪريءَ جي ڪهاڻي نه آهي، پر انهن رستن، ماڻهن ۽ تجربن جو احوال آهي، جن مون کي اهو سيکاريو ته:
"زندگي به ريلوي جي پٽڙي وانگر آهي؛ منزل کان وڌيڪ اهم اهو سفر هوندو آهي جيڪو انسان کي نئون انسان بڻائي ٿو ڇڏي." خير اھو سفر اڃان ھلندو ٿو رهي -
عرفان علي ٻرڙو (سب انجنيئر ٽيلي ڪام)
ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن