𝐘𝐚𝐬𝐢𝐫 𝐊𝐡𝐚𝐧 𝙿𝚑𝚢𝚜𝚒𝚌𝚜𝚝

𝐘𝐚𝐬𝐢𝐫 𝐊𝐡𝐚𝐧 𝙿𝚑𝚢𝚜𝚒𝚌𝚜𝚝 Physics in your Own words

چنڊ ڏانھن موڪليل انڊيا جي خلائي مشن جا اھم مقصد ڪھڙا آھن؟14 جولائي 2023ع تي 2 لڳي 35 منٽن تي انڊيا جي خلائي تحقيقي اداري...
18/07/2023

چنڊ ڏانھن موڪليل انڊيا جي خلائي مشن جا اھم مقصد ڪھڙا آھن؟
14 جولائي 2023ع تي 2 لڳي 35 منٽن تي انڊيا جي خلائي تحقيقي اداري (Indian Space Research Organization) اسرو (ISRO) ستيش ڌون اسپيس سينٽر (Satish Dhawan space Centre) کان چندريان 3 مشن کي چنڊ ڏانھن روانو ڪيو آھي. ھن ڀيري خلائي اداري جو اھم مقصد چنڊ جي سطح تي سافٽ لينڊنگ (Soft landing) ڪرائڻ آھي. چندريان 2 جي مشن ۾ اداري سافٽ لينڊنگ جي ڪوشش ڪئي ھئي پر بدقسمتي سان اھو مشن ناڪام ٿي ويو ھو. جيڪڏھن سادن لفظن ۾ بيان ڪيو وڃي تہ اسرو ھاڻي چندريان 3 مشن تي ڪنٽرول طريقي سان چنڊ تي لھڻ جي ڪوشش ڪندو جنھن سان ان جي چنڊ جي سطح تي لھندڙ گاڏي (Lander) کي ڪو نقصان نہ پھچي ۽ جيڪڏھن اسرو ھن منصوبي ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ۽ چنڊريان 3 جي لينڊر جي ذريعي چنڊ جي ڏاکڻي قطب جي تحقيق جلد کان جلد شروع ٿي وڃي ٿي تہ پوءِ انڊيا اھو پھريون ملڪ بڻجي سگهي ٿو جيڪو ھن کوجنا مان حاصل ٿيندڙ انگن اکرن سان ڌرتيءِ جي ٺھڻ جي اصلي ڪھاڻي کي عملي طور تي ثابت ڪري سگهندو.
ھاڻي سوال اھو پيدا ٿئي ٿو تہ اھو ڪم چندريان 3 آخر ڪيئن ڪندو؟ ان ۾ ڪھڙا حساسي اوزار (sensors) لڳل آھن ۽ اھي حساسي اُوزار مشن جي اھم مقصدن کانسواءِ ٻيو ڇا ڪري سگهن ٿا؟
چندريان 3 جو اھو مشن دلچسپ سان گڏوگڏ ھمٿ ڀريو پڻ آھي ڇاڪاڻ تہ سڀ کان پھرئين چنڊ تي سافٽ لينڊنگ (Soft landing) ڪرڻ مريخ گرھ تي سافٽ لينڊنگ کان بہ وڌيڪ مشڪل آھي. اھوئي سبب آھي. پوري دنيا ۾ 77 سرڪاري خلائي ادارا آھن انھن مان فقط 11 ملڪن ڪاميابي سان چنڊ جا منصوبا مڪمل ڪيا آھن پر انھن مان فقط ٽي ملڪ آمريڪا، روس ۽ چين چنڊ جي سطح تي سافٽ لينڊنگ ڪري سگهيا آھن جڏھن تہ مريخ گرھ جيڪو چنڊ کان تمام گهڻو ڏور آھي ان تي جن پنجن ملڪن خلائي مشن ڪيا آھن انھن مان فقط ٻہ ملڪ ئي ڪامياب ٿيا آھن مطلب مريخ تي لھڻ جي ڪاميابي جي شرح 40 سيڪڙو ۽ چنڊ جي سطح تي ڪاميابي جي شرح 27 سيڪڙو آھي. ھن جو ھڪ اھم س بب اھو آھي تہ ڪنھن بہ خلائي جھاز کي سراسري طور تي مريخ تي پھچڻ ۾ 7 مھينن جو عرصو لڳندو آھي جڏھن تہ چنڊ تي ڪو خلائي جھاز فقط ٽن ڏينھن ۾ پھچي وڃي ٿو. تنھنڪري جيڪڏھن چنڊ ڏانھن ويندي خلائي جھاز پنھنجي رستي تان ڪنھن بہ سبب جي ڪري ھٽي ويندو تہ پوءِ خلائي جھاز کي ڪنٽرول ڪرڻ يا ان جي رستي کي درست ڪرڻ جو عمل وڌيڪ مشڪل بڻجي وڃي ٿو. وقت ۽ مفاصلو گهٽ آھي تنھنڪري مشڪل وڌيڪ ٿي ويندي آھي. تنھنکانسواءِ ھن کان بہ وڌيڪ مشڪل ان وقت پيش ايندي آھي جڏھن خلائي جھاز کي تخميني لڳايل وقت ۾ سطح تي نٿو لاٿو وڃي.
بنيادي طور تي خلائي جھاز جي رفتار جي بنياد تي خلائي جھاز جي سطح تي لھڻ جي وقت جو اندازو لڳايو ويندو آھي. مطلب فرض ڪيو تہ جيڪڏھن خلائي جھاز جي رفتار 20 ھزار ڪلوميٽر في ڪلاڪ آھي تہ ان کي چنڊ تي لھڻ لاءِ فقط 15 کان 30 منٽن جو وقت ملندو آھي نہ تہ اھو خلائي جھاز ڪنھن ڪم جو نہ رھندو آھي. مطلب خلائي جھاز جو رستو تبديل ڪيو يا نہ ڪيو اھو تباھ ٿي ويندو. سافٽ لينڊنگ ۾ ڪجھ ٻيا مسئلا بہ آھن جھڙوڪ لھڻ واري ھنڌ جو مقامي وايومنڊل.
جئين اسان سڀني کي خبر آھي تہ مريخ تي وايومنڊل موجود آھي جيڪو گاٺ (Friction) پيدا ڪري لينڊر جي رفتار کي ڍلو ڪري ڇڏيندو ۽ انھيءِ مريخ تي لينڊنگ جي لاءِ ڌڪڻ وارا اوزار (thruster) سان گڏوگڏ پيراشوٽ بہ استعمال ڪري سگهجن ٿا پرچنڊ تي اھڙي واويو منڊل نہ ھجڻ جي ڪري پورو وزن ڌڪڻ وارن اُزارن تي اچي ويندو آھي ۽ اھي ئي ڌڪڻ وارا اوزار لھڻ ۾ مسئلا پيدا ڪن ٿا ڇاڪاڻ تہ اھي تمام گهڻا طاقتور ڌڪڻ وارا اُوزار جئين ئي چنڊ جي سطح تي لھڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن انھن جي ڪري چنڊ جي وکريل مٽي اڏامي ڪري نازڪ اُوزارن ۾ اندر داخل ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آھي جيڪو مشن کي ناڪام بڻائي سگهي ٿو.
انھن مسئلن ھوندي گذريل ڀيري چندريان 2 کي جتي لھڻو ھو اھو علائقو چنڊ جو ڏاکڻو قطب ھاڻي چنڊ جي ڏاکڻي قطب تي چنڊ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ کڏا، واديون ۽ جبلن آھن تنھنڪري لھڻ لاءِ ھڪ بھتر ھنڌ ڳولھڻ ۽ درستگي سان انھيءِ ھنڌ تي لينڊر کي ڌرتيءِ سان ڪنٽرول ڪري لينڊ ڪرائڻ تمام گهڻو مشڪل ڪم آھي. انکانسواءِ چنڊ جي ڏاکڻي قطب تي لھڻ مھل گرمي پد ۾ تمام گهڻي تبديلي پيدا ٿيندي آھي ڇاڪاڻ تہ چنڊ کي پنھنجي ھڪ چڪر مڪمل ڪرڻ ۾ لڳ ڀڳ 28 ڏينھن لڳندا آھن جنھن سان ٻن ھفتن تائين سج جي سامھون واري پاسي جو گرمي پد 120 سينٽي گريڊ ۽ ٻئي پاسي جو گرمي پد ڪاٽو 230 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پھچي وڃي ٿو. ڏاکڻو قطب انھن ٻنھي علائقن جو سنگم آھي. جيڪڏھن غلطي سان بہ لينڊر ڏاکڻي قطب تي اُوچتو لينڊ ٿئي تہ گرمي پد جي فرق جي ڪري ھڪ حرارتي جھٽڪو (thermal shock) پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏھن حرارتي جھٽڪو پيدا ٿي تہ لينڊر ۽ ان جا پُرزا ڦاٽي پوندا. (جئين تمام گهڻي ٿڌي گلاس ۾ گرم پاڻي وجھڻ سان ئي گلاس ڦاٽي پوندو آھي)
فرض ڪيو تہ انھن سمورن مسئلن کي منھن ڏيندي اسرو پنھنجي جھاز کي ڏاکڻي قطب تي لاھي وٺي ٿو تہ پوءِ ان سان مواصلاتي رابطو ٽٽڻ جو خطرو رھندو. چنڊ جي ڏاکڻي قطب تي لڳ ڀڳ 24 ڪلاڪ اُونداھ رھندي آھي. ڏينھن جي وقت بہ فقط اُفق تي سج نظر ايندو آھي. جنھن جي ڪري کڏا ۽ جبلن پويان لڪيل ڪجھ علائقن چنڊ جي ٺھڻ کان وٺي ڪري اڄ تائين سج کي ڏٺو ئي ناھي. تہ پوءِ ھن حالت ۾ لينڊر جا شمسي پئنل (Solar panel) ڪيئن ڪم ڪندا؟
انھن ئي ڪجھ سببن مطلب لھڻ واري ھنڌ کي ڳولھڻ لاءِ وڌيڪ وقت نہ ملڻ، مٽي جي ڪري حساسي اُوزارن جو خراب ٿيڻ، چنڊ جي ڏاکڻي قطب جو موتمار گرمي پد ۽ رابطن جھڙن مسئلن جي ڪري ڪيترائي ڀيرا چنڊ جي سطح تي لھندڙ مشن ناڪام ٿي ويندا آھن.
چندريان 3 ۾ انھن مسئلن کي قابو ڪرڻ لاءِ اسرو ھڪ اھڙي منفرد حڪمت عملي استعمال ڪئي آھي جنھن جي ڪري ھن ڀيرا سافٽ لينڊنگ ۾ مسئلا پيش نہ ايندا. انھن سافٽ لينڊنگ جي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ لاءِ چندريان 3 جي لينڊر لاءِ خوشقسمتي سان ھڪ اھڙي ھنڌ کي ڳولھي لڌو آھي جتي کڏن ۽ جبلن واري ناھموار سطح موجود نہ آھي ۽ نہ وري گرمي پد ۾ تبديلي آھي. انکانسواءِ چندريان 3 پنھنجي لانچ ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان اڳ ڌرتيءِ جي چوڌاري پنج چڪر لڳائڻ کانپوءِ پنھنجي مدار کي ترتيب ڏيندي اھو پنھنجي وڌ کان وڌ رفتار تائين پھچي ويندو جنھن جي نتيجي ۾ اھو چنڊ ڏانھن ڪنھن گليل پاران اڇلايل پٿر جيان اڏامي ويندو جنھن سان چندريان 3 مشن جي ابتدائي مرحلي ۾ وڌيڪ ٻارڻ استعمال نہ ٿيندو ۽ انھيءِ ٻارڻ کي لھڻ جي وقت استعمال ڪري سگهبو.
انکانپوءِ جڏھن لھڻ جو وقت ايندو تڏھن بہ اسرو ھڪ منفرو منصوبو سوچيو آھي مطلب لينڊر کي عام رواجي طريقي سان سڌوسئنون چنڊ جي سطح تي نہ لاٿو ويندو ڇاڪاڻ تہ جئين مٿي بيان ڪيو ويو آھي تہ ھن سان ڌڪڻ وارا اوزار تمام گهڻي مٽي اڏائي سگهن ٿا ۽ ان سان حساسي اُوزار خراب ٿي سگهن ٿا تنھنڪري چندريان 3 پنھنجي رفتار کي لھڻ کان اڳ تمام گهڻي حد تائين گهٽ ڪرڻ ۽ گڏوگڏ لھڻ واري ھنڌ جي ھڪ ڀيرو ٻيھر بھتر نموني سان چڪاس ڪرڻ لاءِ چنڊ جي چوڌاري چڪر لڳائيندو تہ جئين پنھنجي رفتار کي ڍلو ڪري سگهي.
مطلب فقط ٻن اھم ڪمن مدار کي قابو ۾ ڪرڻ (orbital maneuvers) بھتر لھڻ واري ھنڌ (perfect landing spot) سان چندريان 3 سافٽ لينڊنگ ۾ ناڪام بڻائيندڙ ابتدائي ٽن سببن کي منھن ڏئي سگهندو. تنھنکانپوءِ چوٿون سبب مطلب رابطي جو مسئلو تہ ان لاءِ چندريان 3 چنڊ جي سطح تي چانج پنھنجي لينڊر (lander) سان نہ پنھنجي چنڊ جي سطح تي گهمندڙ روبوٽ (Rover) سان ڪندو ۽ پنھنجي لينڊر کي اُس ۾ بيھارڻ بدران ان سان چنڊ جي سطح تي گهمندڙ روبوٽ ۽ ڌرتيءِ جي وچ ۾ رابطو ڪرائيندو.
جيڪڏھن اسان چندريان 3 ۽ چندريان 2 جي بناوت جي ڀيٽ ڪيون تہ ھن جي ڊئزائن ۾ ڪو اھم فرق نہ آھي. ٻنھي ۾ ٻہ ماڊيول (Modules) آھن مطلب اڳتي ڌڪڻ وارو ماڊيول (Propulsion module) ۽ چنڊ جي سطح تي لھندڙ ماڊيول (Lander module). خلائي جھاز جو ڪُل وزن 3900 ڪلوگرام مطلب ھڪ ھاٿي جيترو آھي. بس فرق فقط ايترو آھي ھن ۾ چندريان 3 ۾ چنڊ جي چوڌاري گردش ڪندڙ (Orbiter) موجود نہ آھي جيڪو چنڊ جي چواري گردش ڪري ھن جي سطح جي چڪاس ڪري ٿو. چندريان 2 جو چنڊ جي چوڌاري گردش ڪندڙ اھو ساڳيو ڪم اڳ ۾ ئي ڪري رھيو آھي ۽ انھيءِ جي ڪري چندريان 3 ۾ فقط ٿورا گهڻا واڌار ڪيا ويا آھن ۽ اھوئي سبب آھي جو آخرڪار چندريان 3 ڪووڊ جھڙن بحرانن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ عالمي بندشن ھوندي بہ فقط چئن سالن ۾ لانچ لاءِ پوري طرح سان تيار ٿي سگهيو.
جڏھن ڪاميابي سان اھو چنڊ تي لھي ويندو تہ ان کانپوءِ لينڊر مان چنڊ جي سطح تي گهمندڙ روبوٽ کي لاٿو ويندو جيڪو ترت ئي ليزر انڊيوسڊ بريڪ ڊائون اسپيڪٽرواسڪوپ (Laser Induced breakdown spectroscope) (LIBS) جي مدد سان چنڊ جي مٽي ۾ موجود ڪيميائي مرڪبن کي گرمائي ڇڏيندو جنھن جي نتيجي ۾ انھن ڪيمائي موادن مان الڳ الڳ لھرون جھڙوڪ الفا ۽ ايڪس ريز خارج ٿينديون جن کي سطح تي گهمندڙ روبوٽ ۾ لڳل الفا ذرڙا ايڪس ريز اسپيڪٽروميٽر (Alpha particle X-rays spectrometer) (APXS) سان ڳولھي ڇنڊڇاڻ ڪندو تہ جئين اھو معلوم ڪري سگهجي تہ چنڊ جي ڏاکڻي قطب تي مٽي جي جوڙجڪ ڇا آھي.
انکانسواءِ گڏوگڏ لينڊر اھو معلوم ڪري سگهندو تہ لھڻ واري ھنڌ جو وايومنڊل ڪيترو ڇڊو آھي ۽ ايترو ڇڊو ڇو آھي، انھن رازن کي بہ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. جئين اسان کي خبر آھي تہ چنڊ تي وايومنڊل نہ ھجڻ جي برابر آھي. اڳ ۾ ماڻھن جو خيال ھو تہ چنڊ تي وايومنڊل موجود نہ آھي پر ويجھڙائي ۾ ٿيندڙ اڀياسن مان اھا خبر پئي تہ چنڊ جي 10 ڪلوميٽرن بلندي تائين تمام گهڻو ڇڊو آئنواسفئير (Ionosphere) يا چارج ٿيل ذرڙن وارو ھلڪو تھ آھي ۽ اڃان تائين سائنسدان اھو معلوم ڪري نہ سگهيا آھن تہ اھو ڇو موجود آھي.
چندريان 3 جو لينڊر بنيادي طور تي پنھنجي رمڀا (Rambha) ۽ چيسٽ (chaste) جھڙي حساسي اُوزارن جي مدد سان چنڊ جي آئينو اسفئير جي گرمي جي پسرائيندڙ خاصيتن ۽ گرمي پد بابت اسان کي درست انگ اکر ڏيندو.
تنھنکانسواءِ چنڊ تي زلزلن جي پتو لڳائڻ لاءِ لينڊر تي Instrument for lunar seismic activity (ILSA) کي معلوم ڪندڙ اُوزار لڳايو ويو آھي ۽ لئنگمئور پروب (Langmuir probe)(LP) بہ لڳايو ويو آھي جيڪا سج مان ايندڙ پلازما لھرن (plasms waves) کي ڳولھي سگهندو. مختصر طور تي اھو چئي سگهون ٿا تہ چندريان 3 اھو معلوم ڪري سگهندو تہ چنڊ جو وايومنڊل مڪمل طور تي سج جي طاقتور شعاع ريزي جو نتيجو آھي يا چنڊ جي ڪيميائي مرڪبن جو.
جيڪڏھن چندريان 3 جو مشن ڪامياب ٿئي ٿو تہ پوءِ ڀارت پھريون ملڪ بڻجي ويندو جيڪو ڌرتيءِ جي ٺھڻ ۽ ارتقا سان لاڳاپيل نظريي کي عملي طور تي ثابت ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ تہ سائنسدانن مطابق چنڊ جي ڏاکڻي قطب تي اسپيڪٽرواسڪوپي جي ذريعي اھو ڏٺو ويو آھي تہ اُتي تمام گهڻي مقدار ۾ برف جي شڪل ۾ پاڻي جا ماليڪيول موجود آھن ۽ اُتي جي کڏن جي تاريڪ پاسن ۾ گڏ ٿيل پاڻي ڪجھ جڏھن چنڊ ۽ ڌرتيءِ پيدا ٿيا ھئا ان وقت کان ئي اُتي موجود آھي. ان سان گڏوگڏ ويجھڙائي ۾ اھو بہ ڏٺو ويو آھي تہ چنڊ تي ڪجھ چقمقي ميدانن جون بي قاعدگيون (Magnetic field anomalies) بہ آھن. چنڊ بہ ڌرتيءِ جيان ھڪ ناھموار چقمقي ميدان آھي. اڪثر ڪري اھو ان وقت ٿئي ٿو جڏھن ڪنھن آسماني جسم جي اندر ھڪ تمام گهڻو گرم پگهريل مرڪزي حصو (Core) ھجي. مطلب جيڪڏھن اسان ھن ناھموار چقمقي ميدان جي سبب کي معلوم ڪري سگهون تہ پوءِ اسان بہ اھو سمجھي سگهون ٿا تہ ڇا چنڊ بنيادي طور تي اسان جي ڌرتيءِ کان ٽٽي ڪري ٺھيو ھو جئين ٿريا (Thea) جي ڌرتيءَ سان ٽڪرائجڻ جو مشھور نظريو بيان ڪري ٿو. جيڪڏھن سادن لفظن ۾ بيان ڪيو وڃي تہ جيڪڏھن چنڊريان 3 چنڊ تي موجود پاڻي ۽ چقمقي ميدان جي تفصيلي معلومات حاصل ڪري سگهيو تہ پوءِ ان سان ڌرتيءِ جي تاريخ جا ڪيترائي راز حل ٿي سگهن ٿا.
ڊاڪٽر يوسف سومرو
انسٽيٽيوٽ آف فزڪس، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو

ھٿراڌو ذھانت (Artificial Intelligence) (AI) ڇا آھي؟حقيقت ۾ اھو سائنس جو ھڪ شعبو آھي جنھن ۾ ڪنھن مشين جي ھارڊوئير ۽ سافٽ ...
12/04/2023

ھٿراڌو ذھانت (Artificial Intelligence) (AI) ڇا آھي؟
حقيقت ۾ اھو سائنس جو ھڪ شعبو آھي جنھن ۾ ڪنھن مشين جي ھارڊوئير ۽ سافٽ وئيرن جي ميلاپ سان انسان جھڙي ذھانت ٺاھڻ تي ڌيان ڏنو ويندو آھي.
ھن قسم جون مشينون تجربي مان سکي سگهن ٿيون، نون حڪمن يا انگن اکرن جي داخلا کي ٺھڪائي سگهن ٿيون ۽ انسانن جيان ڪم سرانجام ڏئي سگهن ٿيون. جئين تہ اھي انسانن جيان ڪم ڪن ٿيون ۽ انھن کي ھٿراڌو طور تي ٺاھيو ويندو آھي تنھنڪري انھن کي ھٿراڌو ذھانت (AI) سڏيو ويندو آھي.
اھي ھٿراڌو ذھانت وارا نظام انسان طرفان ڪيل سمورن ڪمن کي سرانجام ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا جھڙوڪ اھي منصوبابندي، سکڻ، مسئلن کي حل ڪرڻ، حرڪت ڪرڻ، دليل بازي، ڄاڻ کي پيش ڪرڻ ۽ ھڪ حد تائين سماجي ذھانت ۽ تخليقي صلاحيتن کي انجام ڏيڻ جي قابل ھوندا آھن.
ڊاڪٽر يوسف سومرو
انسٽيٽيوٽ آف فزڪس، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو

فزڪس ڇا آهي؟• فزڪس فطرتي دنيا جي بناوت جو اڀياس آهي. اها رياضيءَ جي علم ۾ طبعي لقائن يا ڏيکن کي مڪمل نظرياتي جوڙجَڪ کي و...
02/04/2023

فزڪس ڇا آهي؟
• فزڪس فطرتي دنيا جي بناوت جو اڀياس آهي. اها رياضيءَ جي علم ۾ طبعي لقائن يا ڏيکن کي مڪمل نظرياتي جوڙجَڪ کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. فزڪس سراسر ٺيڪ اُوزارن، پوري پوري پيمائشن ۽ نتيجن کي رياضي جي اصطلاحن ۾ظاهر ڪري ٿي.
اها جسم تي لڳندڙ قوتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ حرڪت کي بيان ۽ ان جي وضاحت ڪري ٿي. فزڪس ڪيميا، حياتيات، اررضيات ۽ فلڪيات جي هيئيت جي بنياد کي ٺاهي ٿي. جيتوڻيڪ انهن علمن ۾شامل نظامن جو اڀياس فزڪس جي ماهرن طرفان ڪيل اڀياس کان وڌيڪ منجهيل هوندو آهي پر تنهن هوندي به انهن جي سمورن بنيادي ڏيکن جو اساس فزڪس ئي آهي.
• فزڪس کي انجنيئرنگ ۽ حرفت ۾ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي تنهنڪري اڄڪلھ جي حرفتي دنيا ۾ فزڪس جي ڄاڻ تمام گھڻي اهميت رکي ٿي. انهن سببن جي ڪري ئي فزڪس کي اڪثر ڪري اساسي سائنس چيو ويندو آهي.

ڊاڪٽر يوسف سومرو
انسٽيٽوٽ آف فزڪس
يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو

25/02/2023
08/12/2022

Physics on your Finger tips👆

Address

Sindhuniversityjamshoro
Kandiaro

Telephone

+923003758917

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when 𝐘𝐚𝐬𝐢𝐫 𝐊𝐡𝐚𝐧 𝙿𝚑𝚢𝚜𝚒𝚌𝚜𝚝 posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share