Lateef Adbi Sangat Kaloi لطيف ادبي سنگت ڪلوئي

Lateef Adbi Sangat Kaloi لطيف ادبي سنگت ڪلوئي علم، ادب، انسانيت

باذوق دوستن کي شرڪت جو سڏ ڏجي ٿو.
30/04/2017

باذوق دوستن کي شرڪت جو سڏ ڏجي ٿو.

لطيف ادبي سنگت ڪلوئي پاران چمن آر ٿري جي ڪتاب جي مھورتي تقريب.....!! سڀني مانوارن دوستن جون مھربانيون جن پنھنجو قيمتي ٽا...
09/04/2017

لطيف ادبي سنگت ڪلوئي پاران چمن آر ٿري جي ڪتاب جي مھورتي تقريب.....!!

سڀني مانوارن دوستن جون مھربانيون جن پنھنجو قيمتي ٽائیم ڪڍي اسان جي ھن ننڍڙي پروگرام کي ڪامياب بڻايو.
يقينن ڏاڍي خوشي ٿي، خاص ڪري اسان جي پري کان آيل پيارن مھمانن دوستن جون مھربانيون جن پنھنجي قيمتي ٽائیم جا ڪجھ پل اسان جي ھن محفل کي ڏنا .....!!

ڪا ڪمي پيشي ٿي ھجي تہ ھٿ ٻڌي معزرت ڪنداسين
وري بہ مھربانيون......!!

شرڪت جو سڏ ڏجي ٿو
01/04/2017

شرڪت جو سڏ ڏجي ٿو

12/03/2017

عبدالرحمان لنڊ
Abdul rehman lund baloch
وري ڪلوئي اداس ڇو ٿي لڳي
رات چاندني اماس ڇو ٿي لڳي
ننگر جون ناريون ناز منجهان
ڏيو ٽهڪ رنگ هولي هارين ٿيون
۽ ٻيجل جون ٻولي سارين ٿيون
هوء دل جي ڪارونجهر تي
ولر يادن جا وارين ٿيون
ڀالوا ڀٽن تي چوڙيليون چڙهيو
واٽ اڃان به نهارين ٿيون
پرواھ پرين کي نه ڪائي
هيل هولي پاڻ سجائي پهتي آ
اندر ڳڻتيون ڳارين ٿيون
بدن پوڙهو ڀوڏيسر جو
ڀوڳيو ڏاڍو آهي ازل کان
سوچيان ويٺو آءۡۡ شام ويلي
ڇاڇرو ڇالاء ڇڪي ٿو
۽ من منهنجو ڇالاء سڪي ٿو

29/01/2017

غزل

اسلم ڪنڀر

سانوڻ جي آ سار اکين ۾
ترسي پئو تون يار اکين ۾

عشق ٿيڻ کانپوءِ پٌڇجان
ڪيئن پون ٿا ڏار اکين ۾

شام صبح بس رھندا آھن
پيٽ بٌکايل ٻـــار اکين ۾

چنڊ چٌمڻ کان پھرين توکي
ڳوليو آ ھر بـــــار اکيــن ۾

جاڳن ٿا ڪنھن خواب ڪچي جيئن
تنھنـــجا ويڙھيل وار اکيــن ۾

نيٺ تہ پوندا بادل برسي
آگــم جا آثــــار اکيــــن ۾

ڪنھن جي ڪارڻ ھاڻ رکين ٿو؟
خنـــجر جھڙي ڌار اکــــين ۾

پاڻ تہ جوڳي ماڻھو آھيون
ڪھڙا ڏيندين پـــار اکين ۾

رات جھٌڙالي چانڊوڪيءَ کي
ڪيۂن ڪَٽِين ٿو ڌار اکيـن۾

سٌــڌ سمــوري پئجي ويـــندي
ڏينھن ٻہ ٽي ڏس گھـار اکين ۾

تو کي ڏسندي پاڻ ڏٺاسين
جوڀن جا ســڀ آر اکيــــن ۾

دنيا وانگي تون بہ رکين ٿو
ايڏا ڇو اڄ خــــار اکين ۾

توکان پوءِ سنڀاليون ڪيسين؟
دردن جا انبــــار اکيــــن ۾

جي تون آھين منھنجي لاءِ
آھي ڄڻ سنســـار اکين ۾

جِيت اوھانجي شايد ھوندي
پنھنجي آ بس ھــــار اکين ۾

15/12/2016

جُتي نه هئڻ باوجود پيرين اگهاڙي اسڪول ويندڙ بدين جي معصوم چندران ڪولهي تي لکيل ڪُجهه سِٽون..

چندران جا پيرڙا.

ساجد جمالي ابن: اُميد خيرپوري..

ڪِينَ ٿي ڪنهن کي ڏَسي،
توڙي ڏاڍا ٿا ڏُکن.
چندران جا پيرڙا.

هي سِياسَتدان سڀ،
ڇو نه ٿا آخر ڏِسن.
چندران جا پيرڙا.

مَيرڙا، اسڪول جي،
راھَ ٿا هر هر چمن.
چندران جا پيرڙا.

هِنَ سمُوري ديس کي،
ڪو نه ٿا ننگا لڳن.
چندران جا پيرڙا.

سنگدل هن لوڪَ جو،
ڇو ڀلا افسوس ڪن.
چندران جا پيرڙا.

ڄڻ جُتي ناراض آ،
روز ٿا ''ساجد'' چَون.
چندران جا پيرڙا.

08/11/2016

سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين،..

25/10/2016
سنڌي ادبي سنگت ترائي (بدين) پاران خوبصورت شاعر منور هاليپوٽو سان ملهايل شام ۾ لطيف ادبي سنگت ڪلوئي جي دوستن جي شرڪت.
23/10/2016

سنڌي ادبي سنگت ترائي (بدين) پاران خوبصورت شاعر منور هاليپوٽو سان ملهايل شام ۾ لطيف ادبي سنگت ڪلوئي جي دوستن جي شرڪت.

سڀني دوستن کي سنڌي ادبي سنگت ترائي جي سڏ جو مان ڏيئي وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪرڻ گهرجي.منور کي مُحبتون ارپڻ ضرور وڃجو
18/10/2016

سڀني دوستن کي سنڌي ادبي سنگت ترائي جي سڏ جو مان ڏيئي وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪرڻ گهرجي.
منور کي مُحبتون ارپڻ ضرور وڃجو

02/10/2016

هو تنهنجي سنگ ست ۾ ناهي رهيو
چيو دل تون هيل ڏياريء نه ڪر
اوکو پنڌ پیار جو اڃان پري آھي
ھاڻي کان ئي تون توبھ زاريء نہ ڪر
اندر اجرو پنھنجو بڻائي يارجاني
سونھن کي ته بي ڏوھ ڪاريء نہ ڪر
ڪونہ پڄي سگھندين ھن زماني کي
ھر هڪ سان تون منھن ماريء نہ ڪر
سڀني سان ڦٽائي اڪيلو ٿي ويندين
نفرتن جي اجايو سڄڻ آبياريء نہ ڪر.

عبدالرحمان "يقين" ڪلوئي شهر

Address

Kaloi
0233

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Lateef Adbi Sangat Kaloi لطيف ادبي سنگت ڪلوئي posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category