08/08/2026
ڊاڪٽر پرويز هودبائي انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر (DGISPR) اسلام آباد ۽ ان ويجهي علائقن مان 25 وائيس چانسلرز کي پنهنجي دفتر ۾ گهرايو ۽ چيو ته توهان وائيس چانسلرز کي، پنهنجن ماڻهن ۽ شاگردن کي محب وطن بنائڻو پوندو ۽ ان جا طريقا پڻ ٻڌايا.
سڀئي هٿ ٻڌي ويچارا وائيس چانسلرز ٻڌندا رهيا، سواءِ هڪ جي جنهن ڪجهه ٿورو ڳالهايو ته ان کي ڊي جي اهڙي ته ڇنڊ پئي جو هو ان کان پوءِ چپ ٿي ويو. ۽ هي مون کي هڪ وائيس چانسلر ٻڌايو، جيڪو اسلام آباد جي هڪ يونيورسٽي جو هو.