Government Boys Elementary School Muhammad Rafique Mangrio Jampur

Government Boys Elementary School Muhammad Rafique Mangrio Jampur Government School

08/12/2025
08/12/2025
ڪجه مصروفيت ۽ نيٽورڪ جي مسئلي جي ڪري پوسٽ ڪونه رکي سگھيس گورنمينٽ بوائيز ايليمينٽري اسڪول محمد رفيق منڱريو ڄامپور ۾ 14 آ...
17/08/2025

ڪجه مصروفيت ۽ نيٽورڪ جي مسئلي جي ڪري پوسٽ ڪونه رکي سگھيس
گورنمينٽ بوائيز ايليمينٽري اسڪول محمد رفيق منڱريو ڄامپور ۾ 14 آگسٽ 2025 جشن آزادي جوش ۽ جذبي سان ملھائي وئي.جنھن ۾ استاد صاحبان والدين ۽ شاگردن به شرڪت ڪئي.پروگرام جي شروعات قرآن مجيد جي تلاوت سان ڪئي وئي ان کان پوءِ شاگردياڻين گروپن ۾ نعت شريف پڙهي.ان کان پوء شاگردن جو تقريرن جو مقابلو انگريزي٬سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ ٿيو جنھن ۾ پھرين ۽ ٻئين پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن کي انعامن سان پڻ نوازيو ويو جيئن شاگردن جي حوصلا افزائي ٿئي.ان سان گڏوگڏ استاد صاحبان به شاگردن کي آزاديءَ جي تحريڪ بابت بھترين ڄاڻ ڏني.ان کان پوءِ شاگردن قومي ترانو پڙهي جھنڊي کي سلام ڏني ۽ آخر ۾ ملڪ پاڪستان جي سلامتي ترقي ۽ امن لاء دعا پڻ ڪئي وئي.
پروگرام ۾ مھمانن ۾ شرڪت ڪندڙ
سعيد احمد منڱريو
مصور مھر
استاد محمد حسين مھر (فوڪل پرسن يوسي ڄامپور)
استاد غلام محمد مھر(ھيڊ ماستر گورنمينٽ ايليمنٽري اسڪول الله وسايو مھر )
استاد حافظ يار محمد مھر( گائيڊ ٽيچر يوسي ڄامپور ھيڊ ماستر گورنمينٽ بوائيز پرائمري اسڪول خدا بخش منڱريو)
استاد محمد مراد مھر(ھيڊ ماستر گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالمالڪ مھر)
استاد دوست علي جوڻو ( گائيڊ ٽيچر يوسي ڄامپور ھيڊ ماستر گورنمينٽ بوائيز پرائمري اسڪول محمد بخش مھر)
استاد حافظ دلمراد مھر(گورنمينٽ پرائمري اسڪول محمد حسين مھر)
استاد محمد مراد راڄڙ(JEST گورنمينٽ ھاءِ اسڪول الياس راڄڙ)

پروگرام جا ميزبان
ميجر محمد رفيق منڱريو (چيئرمين SMC)
استاد غلام محمد منڱريو (ھيڊ ماستر گورنمينٽ بوائيز ايليمينٽري اسڪول محمد رفيق منڱريو)
استاد عبدالقدير منڱريو(ھيڊ ماستر گورنمينٽ پرائمري اسڪول شير محمد مھر )
استاد لياقت علي منڱريو (گورنمينٽ بوائيز ايليمينٽري اسڪول محمد رفيق منڱريو)
آخر ۾ ميزبانن پاران آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا.

ڪجھ مصروفيت ۽ نيٽورڪ جي مسئلي جي ڪري پوسٽ ڪونه رکي سگھيس.بروز اربع بتاريخ 06 آگسٽ 2025 تي گورنمينٽ بوائيز ايليمينٽري اسڪ...
09/08/2025

ڪجھ مصروفيت ۽ نيٽورڪ جي مسئلي جي ڪري پوسٽ ڪونه رکي سگھيس.
بروز اربع بتاريخ 06 آگسٽ 2025 تي
گورنمينٽ بوائيز ايليمينٽري اسڪول محمد رفيق منڱريو ڄامپور ۾ يوسي ڄامپور جي گائيڊ ٽيچر (GT) ۽
ھيڊ ماستر (HM) گورنمينٽ بوائيز ھاء اسڪول الياس راڄڙ استاد علي بخش مھر صاحب ۽ يوسي ڄامپور جي (SC) سبجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر ۽ ھيڊ ماستر(HM) گورنمينٽ بوائيز پرائمري اسڪول محمد بخش مھر استاد دوست علي جوڻو اسڪول جو وزٽ ڪيو ۽ شاگردن کان سوال جواب پڇيا ۽ شاگردن به موٽ ۾ سٺا جواب ڏنا.ٻئي استاد شاگردن ۽ استادن جي محنت ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا.
ٻنھي استادن اسڪول جي ايس ايم سي چيئرمين ميجر(ر)محمد رفيق منڱريو ۽ اسڪول جي ھيڊ ماستر استاد غلام محمد منڱريو کي اسڪول ۾استاد لياقت علي منڱريو جي بدلي ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون.۽ موٽ ۾ اسڪول انتظاميه استادن جا اسڪول ۾ وزٽ ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.

محترم والدينجيئن ته سرڪاري اسڪول 1 آگسٽ 2025 بروز جمعتالمبارڪ تي کلي رهيا آهن تنهن ڪري پنهنجي ٻارڙن کي مڪمل يونيفارم ۾ م...
31/07/2025

محترم والدين
جيئن ته سرڪاري اسڪول 1 آگسٽ 2025 بروز جمعتالمبارڪ تي کلي رهيا آهن تنهن ڪري پنهنجي ٻارڙن کي مڪمل يونيفارم ۾ مقرر وقت تي اسڪول پهچائيندا. مھرباني.
انتظاميه: گورنمينٽ بوائيز ايليمينٽري اسڪول محمد رفيق منڱريو ڄامپور.

22/02/2025
اڄ بروز ڇنڇر بتاريخ 22/02/2025 تي گورنمينٽ بوائيز ايليمينٽري اسڪول محمد رفيق منڱريو ڄامپور ۾ عمرڪوٽ کان اسانجي ڳوٺ آيل م...
22/02/2025

اڄ بروز ڇنڇر بتاريخ 22/02/2025 تي گورنمينٽ بوائيز ايليمينٽري اسڪول محمد رفيق منڱريو ڄامپور ۾ عمرڪوٽ کان اسانجي ڳوٺ آيل مھمان وڏيرو جمال منڱريو اسڪول ۾ ٻارڙن کي پڙھندي ڏسي اسڪول جو وزٽ ڪيو اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين حمد ۽ نعتون ٻڌايون ان کانپوءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين جي بھتر مستقبل سان گڏوگڏ ملڪ پاڪستان جي سلامتي لاءِ دعا پڻ گھري.
وڏيرو جمال منڱريو استادن ۽ شاگردياڻين جي محنت ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اسڪول جي ھيڊ ماستر استاد غلام محمد منڱريو کي2000 اکرين ٻه ھزار انعام طور رقم ڏني ۽ چيو تہ اھا رقم شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ تقسيم ڪيو.ان کانپوءِ استادن انھيءَ رقم جون ڪاپيون،پينسلون رٻڙ،سانچا ۽ پينون وغيره خريد ڪري ٻارن ۾ ضرورت موجب ورھائي ڏنيون.اھي سڀ شيون شاگردن ۽ شاگردياڻين وٺي ڏاڍا خوش ٿيا.
اسڪول انتظاميه به ان تعليم دوست عمل تي وڏيري جمال منڱريو جا ٿورا مڃيا.

Address

Village Muhammad Rafique Mangrio Uc Jampur
Jampur

Opening Hours

Monday 09:00 - 14:00
Tuesday 09:00 - 14:00
Wednesday 09:00 - 14:00
Thursday 09:00 - 14:00
Friday 09:00 - 14:00
Saturday 09:00 - 14:00

Telephone

+923023484081

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Government Boys Elementary School Muhammad Rafique Mangrio Jampur posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category