14/06/2026
ميڊيا سان ڳالهائيندي لمس نوجوان سنگت جي صدر احمد خان لاشاري چيو ته لمس ڪالوني اندر رڳو هڪ ئي تنظيم موجود آهي، جيڪا "لمس نوجوان سنگت" آهي، جنهن هميشه پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پنهنجي ذميوارين کي ڀرپور نموني نڀايو آهي. باقي جيڪي ڪجهه معصوم ۽ نادان ماڻهو تنقيد ڪري رهيا آهن، اهو سندن حق آهي، پر اسان پنهنجي مثبت سوچ ۽ عملي ڪم ذريعي نوجوانن ۽ علائقي جي ڀلائي لاءِ اڳتي به ڪم جاري رکنداسين.