24/02/2026
---------------------ستين تراويح------------------------
سورة الاعراف
الف۔ سورت جو نالو ۽ ان جو سبب
هن سورت جو نالو الاعراف ان ڪري رکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ ان جي آيتن 46–47 ۾ ”اعراف“ جو ذڪر آيو آهي يعني ”سورة الاعراف “ چوڻ جو مطلب آهي: اها سورت جنهن ۾ اعراف جو بيان آيو آهي۔
ب۔ نزول جو زمانو
هن سورت جي مضمونن تي غور ڪرڻ سان صاف محسوس ٿئي ٿو ته ان جي نزول جو زمانو گھڻو ڪري اهو ئي آهي، جيڪو سورة الانعام جو آهي۔ يقين سان نٿو چئي سگهجي ته پهرين ڪهڙي نازل ٿي- هيءَ يا ھوءَ - پر اندازِ بيان مان ظاهر آهي ته ٻنهي جو تعلق هڪ ئي دور سان آهي۔ تنهن ڪري هن سورت جو تاريخي پس منظر سمجهڻ لاءِ اهو مھاڳ ڪافي آهي، جيڪو اڳ سورة الانعام بابت بيان ڪيو ويو آهي، ڇو ته ٻنهي جو ماحول، دعوتي مرحلو ۽ مخاطب گھڻو ڪري ساڳيا آهن۔
ج۔ مضمون
هن سورت جي تقرير جو مرڪزي مضمون رسالت جي دعوت آهي۔ سڄي گفتگو جو مقصد اهو آهي ته مخاطبن کي الله جي موڪليل پيغمبر جي پيروي اختيار ڪرڻ تي آماده ڪيو وڃي۔ پر هن دعوت ۾ انذار (تنبيهه ۽ خبردار ڪرڻ) جو رنگ وڌيڪ نمايان آهي، ڇو ته جن ماڻهن کي مخاطب ڪيو ويو آهي—يعني مڪي وارا—انهن کي سمجهائيندي ڊگهو عرصو گذري چڪو هو۔ سندن ھوڏ، ضد ۽ مخالفت اهڙي حد تائين پهچي چڪي هئي جو هاڻي قريب هو جو پيغمبر ﷺ کي حڪم ملي ته انهن کان رخ ڦيرائي ٻين ڏانهن متوجهه ٿئي۔ تنهن ڪري تفهيمي انداز سان رسالت قبول ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ سان گڏ، کين اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته اوهان جيڪا روش پنهنجي پيغمبر جي مقابلي ۾ اختيار ڪئي آهي، اهڙي ئي روش اوهان کان اڳين قومن به پنهنجي پيغمبرن سان اختيار ڪئي هئي—۽ انهن جو انجام ڏاڍو برو ٿيو۔ هاڻي جڏهن انهن تي حجت تقريباً پوري ٿيڻ واري هئي، تڏهن تقرير جي آخري حصي ۾ خطاب جو رخ اهلِ ڪتاب ڏانهن موڙيو ويو آهي، ۽ هڪ هنڌ سڄي دنيا جي ماڻهن کي عام خطاب پڻ ڪيو ويو آهي۔ اهو ان ڳالهه جي علامت آهي ته هجرت جو وقت ويجهو اچي رهيو هو، ۽ اهو دور ختم ٿيڻ وارو هو جنهن ۾ نبي ﷺ جو خطاب خاص طور پنهنجي ويجھن ماڻهن تائين محدود هو۔
تقرير جي دوران، جڏهن خطاب جو رخ يهودين ڏانهن موڙيو ويو، تڏهن رسالت جي دعوت جو اهو پهلو به چٽو ڪيو ويو ته پيغمبر تي ايمان آڻڻ کانپوءِ منافقاڻي روش اختيار ڪرڻ، سمع و طاعت جو عهد ڪرڻ کانپوءِ ان کي ٽوڙڻ، ۽ حق کي سڃاڻڻ کانپوءِ به باطل تي اٽل رهڻ جو انجام ڇا ٿيندو۔
سورت جي پڄاڻيءَ تي نبي ﷺ ۽ اوهان جي اصحاب سڳورن کي تبليغ جي حڪمت بابت اهم هدايتون ڏنيون ويون آهن، ۽ خاص طور نصيحت ڪئي وئي آهي ته مخالفن جي ڀڙڪائڻ ۽ زيادتين جي مقابلي ۾ صبر ۽ ضبط کان ڪم وٺو، ۽ جذباتي هيجان ۾ اچي اهڙو قدم نه کڻو جيڪو اصل مقصد کي نقصان پهچائيندڙ هجي۔ (تفہيم القرآن)
د۔ سورت جو موضوع ۽ پوئين سورت سان تعلق
سورة الانعام ۾، جيئن تفصيل سان بيان ٿيو، قريش کي اسلام جي دعوت ڏني وئي هئي۔ اها دعوت هن بنياد تي هئي ته اسلام ئي اصل ملتِ ابراهيمي آهي—اها راهه جنهن جي تلقين حضرت ابراھيم عليه السلام پنهنجي اولاد کي ڪئي هئي—نه ڪي اهي بدعتون ۽ انومان، جن کي قريش پنهنجو مذهب سمجهي ويٺا هئا۔ الله انهن تي وڏو فضل ڪيو، جو منجھانئن هڪ رسول موڪليو، جنهن انھن تي حجت پوري ڪري ڇڏي؛ هاڻي گمراهيءَ تي قائم رهڻ لاءِ وٽن ڪو به عذر باقي نه رهيو۔ جيڪڏهن ان اتمامِ حجت کان پوءِ به هو پنهنجي ضد تي اٽل رهيا، ته ياد رکڻ گهرجي ته رسولن کي رد ڪندڙ قومن کي الله هميشه تباهه ڪيو آهي۔ اها تاريخي حقيقت آهي، جنهن لاءِ کين ٻاهر وڃڻ جي ضرورت ناهي—سندن پنهنجي سرزمين ئي عبرت سان ڀري پئي آهي۔
قريش پاڻ به هن زمين تي پهريون دفعو حاڪم نه ٿيا هئا؛ انهن کان اڳ به ڪيتريون قومون اقتدار ۾ آيون، جن مان ڪي طاقت ۽ شان ۾ انهن کان به وڌيڪ هيون۔ پوءِ جڏهن انهن ساڳين جرمن سبب هلاڪ ٿيون، تنهن ڪري جيڪڏهن قريش به اهي ئي جرم ورجائيندا، ته قدرت جو قانون انهن سان ڪو مختلف سلوڪ ڇو ڪندو؟ الله جو قانون سڀني لاءِ هڪ آهي۔
سورة الاعراف، سورة الانعام جي جوڙي آهي۔ پر هتي دعوت کان وڌيڪ انذار جو رنگ غالب آهي۔ هتي قريش کي صاف لفظن ۾ چتاءُ ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن ھو روش نه بدليندا ته الله جي عذاب جي ٽڪر ۾ اچي ويندا۔
هن سورت ۾ پهريان انهن جي فردِ جرم جو سرسري ذڪر ڪيو ويو، پوءِ تفصيل سان انهن اڳين قومن جي تاريخ بيان ڪئي وئي، جيڪي اقتدار ۾ آيون ۽ ساڳئي جرم سبب تباهه ٿيون، جنهن جا مرتڪب قريش ٿي رھيا هئا۔ اهڙيءَ ريت، اهو تفصيل ڄڻ تھ سورت الانعام جي آخري آيت جي اجمال جي وضاحت آهي۔ ساڳئي وقت يهودين کي به مخاطب ڪري، کين آخري تنبيهه ڪئي وئي آهي۔ آخر ۾ عهدِ فطرت—جيڪو آدم جي سموري اولاد کان ورتو ويو—کي بنياد بڻائي انذار جي مضمون کي آخري نتيجي تائين پهچايو ويو آهي، جتان پوءِ براءت، هجرت، اعلانِ جنگ يا عذاب جي نازل ٿيڻ جا مرحلا شروع ٿين ٿا۔ هاڻي ھن سورت جي تعليمات جو جائزو پيش ڪيو ويندو تھ جيئن سڄي سورت هڪ نظر ۾ سامهون اچي وڃي۔
ھ۔ سورت جي تعليمات جو جائزو
(آيتون 1 کان 9) : پاڻ سڳورن ﷺ کي تسلي ڏني وئي آهي ته هن ڪتابِ الٰهيءَ بابت اوهان جي ذميواري رڳو ايتري آهي ته ان وسيلي ماڻهن کي خبردار ڪريو، جيئن الله جي حجت انهن تي پوري ٿي وڃي۔ ماڻهن جو ان کي قبول ڪرڻ اوهان جي ذميواري ناهي۔ هن ڪتاب مان فائدو ته رڳو اهلِ ايمان ئي حاصل ڪندا۔
قريش کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته هن ڪتاب کي قبول ڪريو؛ نه ته ياد رکو ته اوهان کان اڳ ڪيتريون قومون رسولن کي رد ڪرڻ جي جرم ۾ هلاڪ ٿي چڪيون آهن۔ جڏهن الله جو عذاب انهن تي آيو، ته هو ان جي مقابلي ۾ ڪو به بند نه ٻڌي سگهيا؛ بلڪه پاڻ پنهنجي جرم جو اعتراف ڪري عذاب جي پڪڙ ۾ اچي ويا۔ پوءِ اوهان تي به لازماً هڪ ڏينهن اچڻو آهي، جنهن ۾ اوهان کان اوهان جي ذميوارين بابت سوال ٿيندو، ۽ رسول کان به سندس ذميواريءَ بابت۔ ان ڏينهن اسان سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ڇڏينداسين۔ انصاف جو ميزان قائم ٿيندو، جيڪو هر هڪ جا عمل توري ٻڌائيندو ته ڪنهن وٽ ڪيترو حق آهي ۽ ڪيترو باطل۔ ان ڏينهن ڪاميابي رڳو انهن کي نصيب ٿيندي، جن جا ميزان جا پلڙا ڳرا هوندا؛ باقي سڀ نامراد ٿيندا۔
(آيتون 10 کان 25): قريش کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته هن ملڪ ۾ جيڪو اقتدار اوهان کي حاصل ٿيو آهي، اهو الله جي عطا آهي۔ اللھ ئي اوهان لاءِ معاش ۽ روزگار جا رستا کولي ڇڏيا۔ پر شيطان اوهان تي غالب ٿي، اوهان کي ناشڪريءَ جي راهه تي ھلائي ڇڏيو آھي. آدم ۽ ابليس جي قصي جو حوالو ڏئي واضح ڪيو ويو آهي ته شيطان جيڪو آدم جي اولاد کي ڌمڪي ڏني هئي—ته هو انهن کي پنهنجي چالن سان گمراهه ڪندو ۽ انهن جي اڪثريت الله جي نافرمان ۽ ناشڪر بڻجي ويندي—هن اوهان بابت اهو سچ ڪري ڏيکاريو۔ جيئن هن آدم ۽ حوا کي ڦاسائي جنت مان ڪڍايو، تيئن اوهان کي به پنهنجي فريب ۾ ڦاسايو آهي۔ تنهن ڪري شيطان جي چڪرن ۾ اچي سندس اميدن کي پورو ڪرڻ جو سامان نه بڻجو۔
(آيتون 26 کان 30): انھن کي ياد ڏياريو ويو آهي ته: اوهان آدم جي اولاد آهيو، پوءِ شيطان جي اها دشمني ڇو وساري ويٺا آھيو جيڪا هن اوهان جي پيءُ سان ڪئي؟ هن انهن کي فتني ۾ وڌو، جنت جي لباس کان محروم ڪري جنت مان ڪڍايو؛ ساڳيو ئي کيڏ اوهان سان کيڏي رهيو آهي۔ الله اوهان کي ظاهر ۽ باطن جي لباس سان سينگارڻ چاهيو هو، پر شيطان جي پيرويءَ ۾ اوهان ٻئي لباس لاهي ڇڏيا—تقويٰ جو لباس، جيڪو اندروني زينت آهي، ۽ ظاهري جسماني لباس به۔ نتيجي ۾ اوهان حرمِ الٰهي ۾ به اگهاڙا طواف ڪرڻ لڳا، ۽ هن بي حيائي کي نه رڳو ابن ڏاڏن جي وراثت سمجهيو، بلڪه دعويٰ ڪئي ته اهو حڪم الله ڏنو آهي! سوچيو ته الله ڪيئن اهڙي بي حيائيءَ جو حڪم ڏئي سگهي ٿو؟ الله ته هر معاملي ۾ حق ۽ عدل جو حڪم ڏنو آهي، صرف پنهنجي عبادت ۽ توحيد جو حڪم ڏنو آهي۔ اوهان شيطان جي پيروي ڪندي پاڻ کي فتني ۾ وڌو، ۽ پوءِ به دعويٰ ڪيو ٿا ته اها ئي هدايت جي راهه آهي۔ هن فتني کان فقط ٿورڙا ماڻهو ئي بچي سگهيا۔
(آيتون 31 کان 34): قريش کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته اوهان پنهنجي طرفان جيڪو حلال ۽ حرام مقرر ڪري ويٺا آهيو، انهن جو ڪو به بنياد ناهي۔ الله نه زينت حرام ڪئي آهي ۽ نه کائڻ پيئڻ جون شيون حرام ڪيون آهن۔ اهي شيون دنيا ۾ به اهلِ ايمان لاءِ مباح آهن، ۽ آخرت ۾ ته اهي خاص انهن جو ئي حق ٿينديون۔
الله تھ بي حيائيءَ کي حرام ڪيو آهي—چاهي ظاهر هجي يا باطن—۽ حق تلفي ۽ سرڪشيءَ کي حرام ڪيو آهي، جن جو ڪو به جواز ناهي۔ شرڪ کي حرام ڪيو آهي، جنهن جي حق ۾ ڪو به دليل ناهي، ۽ الله تي ڪوڙ ھڻڻ (افتراء) کي به حرام ڪيو آهي۔ پر اوهان انهن سڀني ڳالهين جا مرتڪب ٿي رهيا آهيو۔ جيڪڏهن ان جي باوجود اوهان کي مهلت ملي رهي آهي، ته اها رڳو ان ڪري آهي جو الله وٽ هر قوم جي تباھيءَ جوِ هڪ مقرر وقت طئي ٿيل آهي۔
(آيتون 35 کان 43) : اولادِ آدم کي شروعات ۾ ئي هي هدايت ڏني وئي هئي ته الله پنهنجا حڪم پهچائڻ لاءِ رسول موڪليندو؛ جيڪي انهن رسولن جي پيروي ڪندا، سي جنت ماڻيندا، ۽ جيڪي کين رد ڪندا، سي دوزخ ۾ ويندا۔
دوزخ وارا هڪ ٻئي تي لعنت ڪندا، پر انهن کي ڪنهن به صورت ۾ دوزخ مان نڪرڻ نصيب نه ٿيندو۔ دوزخ جي باهه ئي سندن ھنڌ ۽ وڇاڻو هوندي۔ پر اهلِ ايمان جنت حاصل ڪندا، هڪ ٻئي سان ملاقات ڪري خوش ٿيندا، ۽ الله جي عطا ڪيل نعمتن تي شڪر ادا ڪندا۔ هو اعتراف ڪندا ته جيڪو ڪجهه کين مليو آهي، اهو رسولن جي پيرويءَ سبب مليو آهي۔ رسولن جيڪي به ڳالهيون ٻڌايون، سي سڀ حرف بحرف سچ ثابت ٿيون۔
(آيتون 44 کان 53): اهلِ جنت، اهلِ دوزخ کي مخاطب ڪري چوندا ته اسان سان اسان جي رب جيڪي وعدا ڪيا هئا، سي سڀ حرف بحرف پورا ٿيا؛ هاڻي اوهان ٻڌايو ته ڇا اوهان به اهي سڀ ڳالهيون ڏسي ورتيون، جن کان اوهان کي خبردار ڪيو ويو هو؟ پوءِ دوزخ وارن تي الله جي طرفان لعنت جو اعلان ٿيندو۔
اعراف جي مقام تان اهلِ ايمان جي هڪ جماعت کي جنت ۽ دوزخ ٻنهي جو مشاهدو ڪرايو ويندو، ته جيئن هو ڏسي وٺن ته رسولن جي ذريعي ٻڌايل سڀ خبرون سچ ثابت ٿيون۔ اعراف وارا اهلِ جنت کي مبارڪباد ڏيندا ۽ اهلِ دوزخ کي ملامت ڪندا۔ اهلِ دوزخ، اهلِ جنت کان فرياد ڪندا ته ڪجهه مهرباني ڪريو؛ پر جواب ملندو ته جنت جون نعمتون ڪافرن لاءِ حرام آهن۔ پوءِ الله طرفان اعلان ٿيندو ته جن ماڻهن دنيا ۾ الله جي ڳالهين کي نظرانداز ڪيو، اڄ الله به انهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي۔ ڪافر پنهنجي محروميءَ ۽ بدبختيءَ تي حسرت ڪندا۔
(آيتون 54 کان 58): قريش جي ڪافرن کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته تخليق ۽ امر سڀ الله جي اختيار ۾ آهي؛ تنهن ڪري هر حال ۾ اميد ۽ خوف سان کيس ئي پڪاريو۔ زمين ۾ اصلاح کانپوءِ فساد نه ڦهلايو۔ قيامت ضرور ايندي۔
موت کانپوءِ زندگيءَ جا نشان اوهان هن ڪائنات ۾ بار بار ڏسي رهيا آهيو—بٺ زمين تي مينهن وسي زندگيءَ جو پيدا ٿيڻ، ان جو گواھ آهي۔ الله هر پهلوءَ کان پنهنجون آيتون واضح ڪري ڇڏيون آهن، ته جيئن ماڻهو عبرت وٺن ۽ هدايت اختيار ڪن۔
(آيتون 59 تا 93): نوح عليه السلام جي قوم، ہود عليه السلام جي قوم، صالح عليه السلام جي قوم، لوط عليه السلام جي قوم، ۽ شعيب عليه السلام جي قوم— انهن سڀني جون ڪھاڻيون بيان ڪيون ويون آهن۔ اهي تاريخي گواھيون آهن ته جيڪي قومون زمين ۾ فساد ڪن ٿيون ۽ پنهنجي رسول جي اصلاح جي دعوت کي رد ڪن ٿيون، الله تعاليٰ انهن کي ڌرتيءَ جي پني تان مٽائي ڇڏيندو آهي۔
(آيتون 94 کان 102): مٿي بيان ڪيل قصن تي سرسري تبصرو ڪيو ويو آهي، ۽ انهن بنيادي اصولن ۽ حڪمتن کي واضح ڪيو ويو آهي، جن مطابق الله قومن سان معاملو ڪندو آهي۔ قريش کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته اوهان انهن تباهه ٿيل قومن جا جانشين آهيو؛ جيڪڏهن اوهان عبرت جي نگاهه سان ڏسو ها، ته پنهنجي ملڪ جي تاريخ ئي اوهان لاءِ ڪافي بصيرت جو سامان مهيا ڪري ٿي۔ پر جيئن انهن قومن جي دلين تي الله مهر هڻي ڇڏي هئي، تيئن اوهان جي دلين تي به مهر لڳي چڪي آهي۔
(آيتون 103 کان 136): موسيٰ عليه السلام ۽ فرعون جي ڪھاڻي بيان ڪئي وئي آهي، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته فرعون، موسيٰ عليه السلام کي شڪست ڏيڻ لاءِ سڀ ھٿڪنڊا ۽ چالون جيڪي سندس وس ۾ هيون، سڀ استعمال ڪيون؛ پر الله تعاليٰ موسيٰ عليه السلام کي ڪامياب ڪيو، ۽ فرعون کي—سڀني ظاهري اسباب ۽ طاقت جي باوجود—شڪست ڏني۔ مفسدن جو بيڙو غرق ٿيو، ۽ جيڪا جماعت مظلوم ۽ ڏتڙيل هئي، الله ان کي سندن ظابت قدميءَ سبب زمين ۾ اقتدار عطا ڪيو۔
(آيتون 137 کان 171): بني اسرائيل جي تاريخ جي سڀني دورن تي هڪ جامع تبصرو ڪيو ويو آهي، جنھن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته الله تعاليٰ انهن تي هميشه تمام وڏا احسان ڪيا، کين نجات ڏني، اقتدار عطا ڪيو، ڪتاب ۽ هدايت بخشي؛ پر انهن شروعات کان وٺي هميشھ انهن نعمتن جي ناقدري ڪئي۔ ڪنهن به نصيحت ۽ تنبيهه مان ڪو پائيدار فائدو حاصل نه ڪيو، ۽ اڄ به سندن روش ساڳي ئي آهي۔ جنهن حق جي علمبرداريءَ جي ذميواري انهن تي وڌي وئي هئي، اهي ئي ان جي مخالفت ۾ اڳڀرا بڻجي ويا۔ جڏھن تھ هيءُ انھن لاءِ آخري موقعو آهي—جيڪڏهن اهو به ضايع ڪري ڇڏيندا ته پوءِ دائمي ذلت کانسواءِ کين ڪجهه به حاصل نه ٿيندو۔
(آيتون 171 کان 206) : سورت جي پڄاڻي: قريش کي عهدِ فطرت ياد ڏياريو ويو آهي—اهو بنيادي عهد جيڪو انسان پنهنجي خالق سان ڪيو هو۔ کين دعوت ڏني وئي آهي ته بني اسرائيل جي تاريخ مان عبرت وٺن، ته جيئن انھن جھڙي انجام کان بچي سگهن۔ انهن کي عذابِ الٰهي جي ڌمڪي ڏني وئي آهي ۽ خبردار ڪيو ويو آهي ته جڏهن الله جي پڪڙ ايندي، تڏهن اوهان جا اهي اولياءَ ۽ ديوتا—جيڪي اوهان پاڻ گهڙيا آهن—ڪجهه به ڪم نه ايندا۔
آخر ۾ محمد ﷺ کي صبر، اک پور ۽ هر گھڙيءَ يادِ الٰهي ۾مشغول رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ته جيئن دعوت جو ڪم حڪمت، ثابت قدمي ۽ روحاني وابستگي سان جاري رهي۔