Islamic Centre Jamshoro ICJ

Islamic Centre Jamshoro ICJ Striving for dissemination of Education and Training to build a better Society for living.

24/02/2026

---------------------ستين تراويح------------------------
سورة الاعراف

الف۔ سورت جو نالو ۽ ان جو سبب
هن سورت جو نالو الاعراف ان ڪري رکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ⁠ تہ ان جي آيتن 46–47 ۾ ”اعراف“ جو ذڪر آيو آهي يعني ”سورة الاعراف “ چوڻ جو مطلب آهي: اها سورت جنهن ۾ اعراف جو بيان آيو آهي۔

ب۔ نزول جو زمانو
هن سورت جي مضمونن تي غور ڪرڻ سان صاف محسوس ٿئي ٿو ته ان جي نزول جو زمانو گھڻو ڪري اهو ئي آهي، جيڪو سورة الانعام جو آهي۔ يقين سان نٿو چئي سگهجي ته پهرين ڪهڙي نازل ٿي- هيءَ يا ھوءَ - پر اندازِ بيان مان ظاهر آهي ته ٻنهي جو تعلق هڪ ئي دور سان آهي۔ تنهن ڪري هن سورت جو تاريخي پس منظر سمجهڻ لاءِ اهو مھاڳ ڪافي آهي، جيڪو اڳ سورة الانعام بابت بيان ڪيو ويو آهي، ڇو ته ٻنهي جو ماحول، دعوتي مرحلو ۽ مخاطب گھڻو ڪري ساڳيا آهن۔

ج۔ مضمون
هن سورت جي تقرير جو مرڪزي مضمون رسالت جي دعوت آهي۔ سڄي گفتگو جو مقصد اهو آهي ته مخاطبن کي الله جي موڪليل پيغمبر جي پيروي اختيار ڪرڻ تي آماده ڪيو وڃي۔ پر هن دعوت ۾ انذار (تنبيهه ۽ خبردار ڪرڻ) جو رنگ وڌيڪ نمايان آهي، ڇو ته جن ماڻهن کي مخاطب ڪيو ويو آهي—يعني مڪي وارا—انهن کي سمجهائيندي ڊگهو عرصو گذري چڪو هو۔ سندن ھوڏ، ضد ۽ مخالفت اهڙي حد تائين پهچي چڪي هئي جو هاڻي قريب هو جو پيغمبر ﷺ کي حڪم ملي ته انهن کان رخ ڦيرائي ٻين ڏانهن متوجهه ٿئي۔ تنهن ڪري تفهيمي انداز سان رسالت قبول ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ سان گڏ، کين اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته اوهان جيڪا روش پنهنجي پيغمبر جي مقابلي ۾ اختيار ڪئي آهي، اهڙي ئي روش اوهان کان اڳين قومن به پنهنجي پيغمبرن سان اختيار ڪئي هئي—۽ انهن جو انجام ڏاڍو برو ٿيو۔ هاڻي جڏهن انهن تي حجت تقريباً پوري ٿيڻ واري هئي، تڏهن تقرير جي آخري حصي ۾ خطاب جو رخ اهلِ ڪتاب ڏانهن موڙيو ويو آهي، ۽ هڪ هنڌ سڄي دنيا جي ماڻهن کي عام خطاب پڻ ڪيو ويو آهي۔ اهو ان ڳالهه جي علامت آهي ته هجرت جو وقت ويجهو اچي رهيو هو، ۽ اهو دور ختم ٿيڻ وارو هو جنهن ۾ نبي ﷺ جو خطاب خاص طور پنهنجي ويجھن ماڻهن تائين محدود هو۔
تقرير جي دوران، جڏهن خطاب جو رخ يهودين ڏانهن موڙيو ويو، تڏهن رسالت جي دعوت جو اهو پهلو به چٽو ڪيو ويو ته پيغمبر تي ايمان آڻڻ کانپوءِ منافقاڻي روش اختيار ڪرڻ، سمع و طاعت جو عهد ڪرڻ کانپوءِ ان کي ٽوڙڻ، ۽ حق کي سڃاڻڻ کانپوءِ به باطل تي اٽل رهڻ جو انجام ڇا ٿيندو۔
سورت جي پڄاڻيءَ تي نبي ﷺ ۽ اوهان جي اصحاب سڳورن کي تبليغ جي حڪمت بابت اهم هدايتون ڏنيون ويون آهن، ۽ خاص طور نصيحت ڪئي وئي آهي ته مخالفن جي ڀڙڪائڻ ۽ زيادتين جي مقابلي ۾ صبر ۽ ضبط کان ڪم وٺو، ۽ جذباتي هيجان ۾ اچي اهڙو قدم نه کڻو جيڪو اصل مقصد کي نقصان پهچائيندڙ هجي۔ (تفہيم القرآن)

د۔ سورت جو موضوع ۽ پوئين سورت سان تعلق
سورة الانعام ۾، جيئن تفصيل سان بيان ٿيو، قريش کي اسلام جي دعوت ڏني وئي هئي۔ اها دعوت هن بنياد تي هئي ته اسلام ئي اصل ملتِ ابراهيمي آهي—اها راهه جنهن جي تلقين حضرت ابراھيم عليه السلام پنهنجي اولاد کي ڪئي هئي—نه ڪي اهي بدعتون ۽ انومان، جن کي قريش پنهنجو مذهب سمجهي ويٺا هئا۔ الله انهن تي وڏو فضل ڪيو، جو منجھانئن هڪ رسول موڪليو، جنهن انھن تي حجت پوري ڪري ڇڏي؛ هاڻي گمراهيءَ تي قائم رهڻ لاءِ وٽن ڪو به عذر باقي نه رهيو۔ جيڪڏهن ان اتمامِ حجت کان پوءِ به هو پنهنجي ضد تي اٽل رهيا، ته ياد رکڻ گهرجي ته رسولن کي رد ڪندڙ قومن کي الله هميشه تباهه ڪيو آهي۔ اها تاريخي حقيقت آهي، جنهن لاءِ کين ٻاهر وڃڻ جي ضرورت ناهي—سندن پنهنجي سرزمين ئي عبرت سان ڀري پئي آهي۔
قريش پاڻ به هن زمين تي پهريون دفعو حاڪم نه ٿيا هئا؛ انهن کان اڳ به ڪيتريون قومون اقتدار ۾ آيون، جن مان ڪي طاقت ۽ شان ۾ انهن کان به وڌيڪ هيون۔ پوءِ جڏهن انهن ساڳين جرمن سبب هلاڪ ٿيون، تنهن ڪري جيڪڏهن قريش به اهي ئي جرم ورجائيندا، ته قدرت جو قانون انهن سان ڪو مختلف سلوڪ ڇو ڪندو؟ الله جو قانون سڀني لاءِ هڪ آهي۔
سورة الاعراف، سورة الانعام جي جوڙي آهي۔ پر هتي دعوت کان وڌيڪ انذار جو رنگ غالب آهي۔ هتي قريش کي صاف لفظن ۾ چتاءُ ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن ھو روش نه بدليندا ته الله جي عذاب جي ٽڪر ۾ اچي ويندا۔
هن سورت ۾ پهريان انهن جي فردِ جرم جو سرسري ذڪر ڪيو ويو، پوءِ تفصيل سان انهن اڳين قومن جي تاريخ بيان ڪئي وئي، جيڪي اقتدار ۾ آيون ۽ ساڳئي جرم سبب تباهه ٿيون، جنهن جا مرتڪب قريش ٿي رھيا هئا۔ اهڙيءَ ريت، اهو تفصيل ڄڻ تھ سورت الانعام جي آخري آيت جي اجمال جي وضاحت آهي۔ ساڳئي وقت يهودين کي به مخاطب ڪري، کين آخري تنبيهه ڪئي وئي آهي۔ آخر ۾ عهدِ فطرت—جيڪو آدم جي سموري اولاد کان ورتو ويو—کي بنياد بڻائي انذار جي مضمون کي آخري نتيجي تائين پهچايو ويو آهي، جتان پوءِ براءت، هجرت، اعلانِ جنگ يا عذاب جي نازل ٿيڻ جا مرحلا شروع ٿين ٿا۔ هاڻي ھن سورت جي تعليمات جو جائزو پيش ڪيو ويندو تھ جيئن سڄي سورت هڪ نظر ۾ سامهون اچي وڃي۔
ھ۔ سورت جي تعليمات جو جائزو
(آيتون 1 کان 9) : پاڻ سڳورن ﷺ کي تسلي ڏني وئي آهي ته هن ڪتابِ الٰهيءَ بابت اوهان جي ذميواري رڳو ايتري آهي ته ان وسيلي ماڻهن کي خبردار ڪريو، جيئن الله جي حجت انهن تي پوري ٿي وڃي۔ ماڻهن جو ان کي قبول ڪرڻ اوهان جي ذميواري ناهي۔ هن ڪتاب مان فائدو ته رڳو اهلِ ايمان ئي حاصل ڪندا۔
قريش کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته هن ڪتاب کي قبول ڪريو؛ نه ته ياد رکو ته اوهان کان اڳ ڪيتريون قومون رسولن کي رد ڪرڻ جي جرم ۾ هلاڪ ٿي چڪيون آهن۔ جڏهن الله جو عذاب انهن تي آيو، ته هو ان جي مقابلي ۾ ڪو به بند نه ٻڌي سگهيا؛ بلڪه پاڻ پنهنجي جرم جو اعتراف ڪري عذاب جي پڪڙ ۾ اچي ويا۔ پوءِ اوهان تي به لازماً هڪ ڏينهن اچڻو آهي، جنهن ۾ اوهان کان اوهان جي ذميوارين بابت سوال ٿيندو، ۽ رسول کان به سندس ذميواريءَ بابت۔ ان ڏينهن اسان سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ڇڏينداسين۔ انصاف جو ميزان قائم ٿيندو، جيڪو هر هڪ جا عمل توري ٻڌائيندو ته ڪنهن وٽ ڪيترو حق آهي ۽ ڪيترو باطل۔ ان ڏينهن ڪاميابي رڳو انهن کي نصيب ٿيندي، جن جا ميزان جا پلڙا ڳرا هوندا؛ باقي سڀ نامراد ٿيندا۔
(آيتون 10 کان 25): قريش کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته هن ملڪ ۾ جيڪو اقتدار اوهان کي حاصل ٿيو آهي، اهو الله جي عطا آهي۔ اللھ ئي اوهان لاءِ معاش ۽ روزگار جا رستا کولي ڇڏيا۔ پر شيطان اوهان تي غالب ٿي، اوهان کي ناشڪريءَ جي راهه تي ھلائي ڇڏيو آھي. آدم ۽ ابليس جي قصي جو حوالو ڏئي واضح ڪيو ويو آهي ته شيطان جيڪو آدم جي اولاد کي ڌمڪي ڏني هئي—ته هو انهن کي پنهنجي چالن سان گمراهه ڪندو ۽ انهن جي اڪثريت الله جي نافرمان ۽ ناشڪر بڻجي ويندي—هن اوهان بابت اهو سچ ڪري ڏيکاريو۔ جيئن هن آدم ۽ حوا کي ڦاسائي جنت مان ڪڍايو، تيئن اوهان کي به پنهنجي فريب ۾ ڦاسايو آهي۔ تنهن ڪري شيطان جي چڪرن ۾ اچي سندس اميدن کي پورو ڪرڻ جو سامان نه بڻجو۔
(آيتون 26 کان 30): انھن کي ياد ڏياريو ويو آهي ته: اوهان آدم جي اولاد آهيو، پوءِ شيطان جي اها دشمني ڇو وساري ويٺا آھيو جيڪا هن اوهان جي پيءُ سان ڪئي؟ هن انهن کي فتني ۾ وڌو، جنت جي لباس کان محروم ڪري جنت مان ڪڍايو؛ ساڳيو ئي کيڏ اوهان سان کيڏي رهيو آهي۔ الله اوهان کي ظاهر ۽ باطن جي لباس سان سينگارڻ چاهيو هو، پر شيطان جي پيرويءَ ۾ اوهان ٻئي لباس لاهي ڇڏيا—تقويٰ جو لباس، جيڪو اندروني زينت آهي، ۽ ظاهري جسماني لباس به۔ نتيجي ۾ اوهان حرمِ الٰهي ۾ به اگهاڙا طواف ڪرڻ لڳا، ۽ هن بي حيائي کي نه رڳو ابن ڏاڏن جي وراثت سمجهيو، بلڪه دعويٰ ڪئي ته اهو حڪم الله ڏنو آهي! سوچيو ته الله ڪيئن اهڙي بي حيائيءَ جو حڪم ڏئي سگهي ٿو؟ الله ته هر معاملي ۾ حق ۽ عدل جو حڪم ڏنو آهي، صرف پنهنجي عبادت ۽ توحيد جو حڪم ڏنو آهي۔ اوهان شيطان جي پيروي ڪندي پاڻ کي فتني ۾ وڌو، ۽ پوءِ به دعويٰ ڪيو ٿا ته اها ئي هدايت جي راهه آهي۔ هن فتني کان فقط ٿورڙا ماڻهو ئي بچي سگهيا۔
(آيتون 31 کان 34): قريش کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته اوهان پنهنجي طرفان جيڪو حلال ۽ حرام مقرر ڪري ويٺا آهيو، انهن جو ڪو به بنياد ناهي۔ الله نه زينت حرام ڪئي آهي ۽ نه کائڻ پيئڻ جون شيون حرام ڪيون آهن۔ اهي شيون دنيا ۾ به اهلِ ايمان لاءِ مباح آهن، ۽ آخرت ۾ ته اهي خاص انهن جو ئي حق ٿينديون۔
الله تھ بي حيائيءَ کي حرام ڪيو آهي—چاهي ظاهر هجي يا باطن—۽ حق تلفي ۽ سرڪشيءَ کي حرام ڪيو آهي، جن جو ڪو به جواز ناهي۔ شرڪ کي حرام ڪيو آهي، جنهن جي حق ۾ ڪو به دليل ناهي، ۽ الله تي ڪوڙ ھڻڻ (افتراء) کي به حرام ڪيو آهي۔ پر اوهان انهن سڀني ڳالهين جا مرتڪب ٿي رهيا آهيو۔ جيڪڏهن ان جي باوجود اوهان کي مهلت ملي رهي آهي، ته اها رڳو ان ڪري آهي جو الله وٽ هر قوم جي تباھيءَ جوِ هڪ مقرر وقت طئي ٿيل آهي۔
(آيتون 35 کان 43) : اولادِ آدم کي شروعات ۾ ئي هي هدايت ڏني وئي هئي ته الله پنهنجا حڪم پهچائڻ لاءِ رسول موڪليندو؛ جيڪي انهن رسولن جي پيروي ڪندا، سي جنت ماڻيندا، ۽ جيڪي کين رد ڪندا، سي دوزخ ۾ ويندا۔
دوزخ وارا هڪ ٻئي تي لعنت ڪندا، پر انهن کي ڪنهن به صورت ۾ دوزخ مان نڪرڻ نصيب نه ٿيندو۔ دوزخ جي باهه ئي سندن ھنڌ ۽ وڇاڻو هوندي۔ پر اهلِ ايمان جنت حاصل ڪندا، هڪ ٻئي سان ملاقات ڪري خوش ٿيندا، ۽ الله جي عطا ڪيل نعمتن تي شڪر ادا ڪندا۔ هو اعتراف ڪندا ته جيڪو ڪجهه کين مليو آهي، اهو رسولن جي پيرويءَ سبب مليو آهي۔ رسولن جيڪي به ڳالهيون ٻڌايون، سي سڀ حرف بحرف سچ ثابت ٿيون۔
(آيتون 44 کان 53): اهلِ جنت، اهلِ دوزخ کي مخاطب ڪري چوندا ته اسان سان اسان جي رب جيڪي وعدا ڪيا هئا، سي سڀ حرف بحرف پورا ٿيا؛ هاڻي اوهان ٻڌايو ته ڇا اوهان به اهي سڀ ڳالهيون ڏسي ورتيون، جن کان اوهان کي خبردار ڪيو ويو هو؟ پوءِ دوزخ وارن تي الله جي طرفان لعنت جو اعلان ٿيندو۔
اعراف جي مقام تان اهلِ ايمان جي هڪ جماعت کي جنت ۽ دوزخ ٻنهي جو مشاهدو ڪرايو ويندو، ته جيئن هو ڏسي وٺن ته رسولن جي ذريعي ٻڌايل سڀ خبرون سچ ثابت ٿيون۔ اعراف وارا اهلِ جنت کي مبارڪباد ڏيندا ۽ اهلِ دوزخ کي ملامت ڪندا۔ اهلِ دوزخ، اهلِ جنت کان فرياد ڪندا ته ڪجهه مهرباني ڪريو؛ پر جواب ملندو ته جنت جون نعمتون ڪافرن لاءِ حرام آهن۔ پوءِ الله طرفان اعلان ٿيندو ته جن ماڻهن دنيا ۾ الله جي ڳالهين کي نظرانداز ڪيو، اڄ الله به انهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي۔ ڪافر پنهنجي محروميءَ ۽ بدبختيءَ تي حسرت ڪندا۔
(آيتون 54 کان 58): قريش جي ڪافرن کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته تخليق ۽ امر سڀ الله جي اختيار ۾ آهي؛ تنهن ڪري هر حال ۾ اميد ۽ خوف سان کيس ئي پڪاريو۔ زمين ۾ اصلاح کانپوءِ فساد نه ڦهلايو۔ قيامت ضرور ايندي۔
موت کانپوءِ زندگيءَ جا نشان اوهان هن ڪائنات ۾ بار بار ڏسي رهيا آهيو—بٺ زمين تي مينهن وسي زندگيءَ جو پيدا ٿيڻ، ان جو گواھ آهي۔ الله هر پهلوءَ کان پنهنجون آيتون واضح ڪري ڇڏيون آهن، ته جيئن ماڻهو عبرت وٺن ۽ هدايت اختيار ڪن۔
(آيتون 59 تا 93): نوح عليه السلام جي قوم، ہود عليه السلام جي قوم، صالح عليه السلام جي قوم، لوط عليه السلام جي قوم، ۽ شعيب عليه السلام جي قوم— انهن سڀني جون ڪھاڻيون بيان ڪيون ويون آهن۔ اهي تاريخي گواھيون آهن ته جيڪي قومون زمين ۾ فساد ڪن ٿيون ۽ پنهنجي رسول جي اصلاح جي دعوت کي رد ڪن ٿيون، الله تعاليٰ انهن کي ڌرتيءَ جي پني تان مٽائي ڇڏيندو آهي۔
(آيتون 94 کان 102): مٿي بيان ڪيل قصن تي سرسري تبصرو ڪيو ويو آهي، ۽ انهن بنيادي اصولن ۽ حڪمتن کي واضح ڪيو ويو آهي، جن مطابق الله قومن سان معاملو ڪندو آهي۔ قريش کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته اوهان انهن تباهه ٿيل قومن جا جانشين آهيو؛ جيڪڏهن اوهان عبرت جي نگاهه سان ڏسو ها، ته پنهنجي ملڪ جي تاريخ ئي اوهان لاءِ ڪافي بصيرت جو سامان مهيا ڪري ٿي۔ پر جيئن انهن قومن جي دلين تي الله مهر هڻي ڇڏي هئي، تيئن اوهان جي دلين تي به مهر لڳي چڪي آهي۔
(آيتون 103 کان 136): موسيٰ عليه السلام ۽ فرعون جي ڪھاڻي بيان ڪئي وئي آهي، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته فرعون، موسيٰ عليه السلام کي شڪست ڏيڻ لاءِ سڀ ھٿڪنڊا ۽ چالون جيڪي سندس وس ۾ هيون، سڀ استعمال ڪيون؛ پر الله تعاليٰ موسيٰ عليه السلام کي ڪامياب ڪيو، ۽ فرعون کي—سڀني ظاهري اسباب ۽ طاقت جي باوجود—شڪست ڏني۔ مفسدن جو بيڙو غرق ٿيو، ۽ جيڪا جماعت مظلوم ۽ ڏتڙيل هئي، الله ان کي سندن ظابت قدميءَ سبب زمين ۾ اقتدار عطا ڪيو۔
(آيتون 137 کان 171): بني اسرائيل جي تاريخ جي سڀني دورن تي هڪ جامع تبصرو ڪيو ويو آهي، جنھن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته الله تعاليٰ انهن تي هميشه تمام وڏا احسان ڪيا، کين نجات ڏني، اقتدار عطا ڪيو، ڪتاب ۽ هدايت بخشي؛ پر انهن شروعات کان وٺي هميشھ انهن نعمتن جي ناقدري ڪئي۔ ڪنهن به نصيحت ۽ تنبيهه مان ڪو پائيدار فائدو حاصل نه ڪيو، ۽ اڄ به سندن روش ساڳي ئي آهي۔ جنهن حق جي علمبرداريءَ جي ذميواري انهن تي وڌي وئي هئي، اهي ئي ان جي مخالفت ۾ اڳڀرا بڻجي ويا۔ جڏھن تھ هيءُ انھن لاءِ آخري موقعو آهي—جيڪڏهن اهو به ضايع ڪري ڇڏيندا ته پوءِ دائمي ذلت کانسواءِ کين ڪجهه به حاصل نه ٿيندو۔
(آيتون 171 کان 206) : سورت جي پڄاڻي: قريش کي عهدِ فطرت ياد ڏياريو ويو آهي—اهو بنيادي عهد جيڪو انسان پنهنجي خالق سان ڪيو هو۔ کين دعوت ڏني وئي آهي ته بني اسرائيل جي تاريخ مان عبرت وٺن، ته جيئن انھن جھڙي انجام کان بچي سگهن۔ انهن کي عذابِ الٰهي جي ڌمڪي ڏني وئي آهي ۽ خبردار ڪيو ويو آهي ته جڏهن الله جي پڪڙ ايندي، تڏهن اوهان جا اهي اولياءَ ۽ ديوتا—جيڪي اوهان پاڻ گهڙيا آهن—ڪجهه به ڪم نه ايندا۔
آخر ۾ محمد ﷺ کي صبر، اک پور ۽ هر گھڙيءَ يادِ الٰهي ۾مشغول رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ته جيئن دعوت جو ڪم حڪمت، ثابت قدمي ۽ روحاني وابستگي سان جاري رهي۔

23/02/2026

------------------------ڇهين تراويح---------------------------
سورة الانعام

الف۔ سورت جو نالو ۽ ان جو سبب
هن سورت جي رڪوع 16 ۽ 17 ۾ ڪجهه انعام (چوپاين) جي حرمت ۽ ڪجهه جي حلت بابت عربن جي توهمات جي ترديد ڪئي وئي آهي۔ ان مناسبت سان هن سورت جو نالو الانعام رکيو ويو آهي۔

ب۔ نزول جو زمانو
حضرت ابن عباس رضي الله عنه جي روايت آهي ته هي پوري سورت مڪي دور ۾ هڪ ئي وقت نازل ٿي هئي۔ حضرت معاذ بن جبل رضي الله عنه جي سوٽ اسماء بنت يزيد رضي الله عنها چوي ٿي:
”جڏهن هي سورت نبي ﷺ تي نازل ٿي رهي هئي، تڏهن پاڻ ڏاچيءَ تي سوار هئا، ۽ مان ان جي مھار جهلي بيٺي هيس۔ نزول جي بار سبب ڏاچيءَ جو اهو حال ٿي ويو هو جو لڳي رھيو هو ڄڻ هن جون هڏيون ڀڄي پونديون.“
روايتن ۾ اهو به اچي ٿو ته جنهن رات هي سورت نازل ٿي، ان ئي رات پاڻ ﷺ ان کي لکرائي به ڇڏيو۔
هن سورت جي مضمونن تي غور ڪرڻ سان صاف معلوم ٿئي ٿو ته اها مڪي دور جي آخري زماني ۾ نازل ٿي هوندي۔ اسماء بنت يزيد رضي الله عنها جي روايت به ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي، ڇو ته هوءَ انصار مان هئي ۽ هجرت کانپوءِ ايمان آندائين۔
جيڪڏهن اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ رڳو عقيدت سبب هوءَ مڪي ۾ نبي ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿي هجي، ته يقيناً اها حاضري مڪي زندگيءَ جي آخري سال ۾ ٿي هوندي، ڇو ته ان کان اڳ يثرب وارن سان تعلقات ايترا وسيع نه ٿيا هئا جو اتان ڪنهن عورت جو هتي حاضر ٿيڻ ممڪن هجي۔

ج۔ شانِ نزول
”زمانو طئي ٿي وڃڻ کانپوءِ اسان آسانيءَ سان اهو پس منظر ڏسي سگهون ٿا، جنهن ۾ هي خطبو ارشاد ٿيو۔ ان وقت الله جي رسول ﷺ کي اسلام جي دعوت ڏيندي ٻارهن سال گذري چڪا هئا۔ قريش جي مزاحمت، ظلم ۽ جفاڪاري انتها تي پهچي چڪي هئي۔ اسلام قبول ڪندڙن مان هڪ وڏي جماعت ظلم ۽ ستم کان تنگ ٿي ملڪ ڇڏي حبش ڏانهن هجرت ڪري چڪي هئي۔ نبي ﷺ جي تائيد ۽ حمايت لاءِ نه ابو طالب باقي رهيو هو ۽ نه خديجہ بنت خويلد رضي الله عنها؛ تنهن ڪري هر دنياوي سهاري کان محروم ٿي، پاڻ سخت مزاحمتن جي باوجود رسالت جي پيغام پھچائڻ جو فرض ادا ڪري رهيا هئا۔
تبليغ جي نتيجي ۾ مڪي ۽ ڀرپاسي جي قبيلن ۾ به نيڪ طبيعت ماڻهو هڪ ٻئي پٺيان اسلام قبول ڪندا پئي ويا، پر قوم مجموعي طور انڪار ۽ مخالفت تي اڙي بيٺي هئي۔ جيڪو به ماڻهو اسلام ڏانهن ٿورو به لاڙو ظاهر ڪندو هو، اهو طنز ، ملامت، جسماني اذيت ۽ معاشي و معاشرتي بائيڪاٽ جو نشانو بڻبو هو۔ هن اونداهي ماحول ۾ فقط هڪ هلڪي روشني يثرب مان ظاهر ٿي هئي، جتان اوس ۽ خزرج جا با اثر ماڻهو اچي نبي ﷺ جي هٿ تي بيعت ڪري چڪا هئا، ۽ جتي بغير ڪنهن اندروني مزاحمت جي اسلام پکڙجڻ شروع ٿي ويو هو۔
پر هن ننڍڙي شروعات ۾ جيڪي مستقبل جا امڪان لڪل هئا، سي ڪا به سطحي نظر نه پئي ڏسي سگهي۔ ظاهري طور ڏسندڙن کي رڳو اهو نظر ايندو هو ته اسلام هڪ ڪمزور تحريڪ آهي، جنهن جي پٺيان ڪا به مادي طاقت ناهي؛ جنهن جو داعي پنهنجي خاندان جي ڪمزور حمايت کانسواءِ ڪو خاص زور نٿو رکي؛ ۽ جنهن کي قبول ڪندڙ ٿورڙا بي وس ۽ منتشر ماڻهو پنهنجي قوم جي عقيدي کان ڦري، سماج مان ائين ڌڪي ڪڍيا ويا آهن، جيئن وڻ مان پن ڇڻي زمين تي پکڙجي وڃن۔“

د۔ مضمون
انهن حالتن ۾ هي خطبو ارشاد ٿيو آهي، ۽ ان جي مضامين کي ستن وڏن عنوانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
1۔ شرڪ جي ترديد ۽ توحيد جي عقيدي ڏانهن دعوت .
2۔ آخرت جي عقيدي جي تبليغ ۽ هن غلط خيال جي ترديد ته زندگي رڳو هي دنياوي زندگي ئي آهي.
3۔ جاهليت جي انهن وهمن ۽ غلط تصورن جي ترديد، جن ۾ ماڻهو مبتلا هئا .
4۔ انهن وڏن اخلاقي اصولن جي تلقين، جن تي اسلام معاشري جي تعمير ڪرڻ چاهي ٿو.
5۔ نبي ﷺ ۽ اوهان جي دعوت جي خلاف ماڻهن طرفان ڪيل اعتراضن جا جواب
6۔ ڊگهي جدوجهد جي باوجود دعوت جا نتيجا ظاهر نه ٿيڻ سبب پاڻ سڳورن ﷺ ۽ عام مسلمانن جي دلين ۾ پيدا ٿيندڙ بي چيني ۽ دل شڪستگيءَ تي تسلي.
7۔ منڪرن ۽ مخالفن کي سندن غفلت، سرمستي ۽ اڻ ڄاتل خودڪشيءَ جهڙي روش تي نصيحت، چتاءُ ۽ ڌمڪي،
پر خطبي جو انداز اهو ناهي ته هر عنوان تي الڳ الڳ ۽ هڪ جاءِ تي بحث ڪيو ويو هجي؛ بلڪه خطبو درياهه جيان رواني سان اڳتي وڌندو رهي ٿو، ۽ ان جي وهڪري دوران اهي عنوان مختلف اندازن سان بار بار سامهون ايندا رهن ٿا، ۽ هر ڀيري نئين طريقي سان انهن تي گفتگو ڪئي وڃي ٿي۔ (تفہيم القرآن)

ھ۔ سورت جو موضوع
سورت انعام ۾، جيئن اڳ اشارو ڪيو ويو آهي، خطاب خاص طور تي قريش سان آهي۔ انهن جي سامهون توحيد، معاد (آخرت) ۽ حضور اڪرم ﷺ جي رسالت جا دليل چٽي نموني پيش ڪري، کين ايمان آڻڻ جي دعوت ڏني وئي آهي۔ ساڳيئ وقت تنبيهه به ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن هن دعوت کي رد ڪندا، ته پوءِ انهن قومن وانگر انجام ڀوڳڻ لاءِ تيار رهن، جن رسولن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو۔
عرب، ڇاڪاڻ ⁠تہ حضرت ابراھيم عليه السلام جي اولاد مان هئا، ۽ سندن دعويٰ هئي ته هو جنهن مذهب تي آهن، اهو کين ابراهيم عليه السلام کان وراثت ۾ مليو آهي؛ تنهن ڪري هن سورت ۾ اها حجت چٽي نموني پيش ڪئي وئي آهي، جيڪا حضرت ابراهيم پنهنجي قوم اڳيان پيش ڪئي هئي۔ مقصد اهو آهي ته قريش آڏو چٽو پڌرو ٿي وڃي ته اصل ”ملتِ ابراهيمي“ ڇا آهي، ۽ ان جا سچا پيروڪار ڪير آهن، ڇا پاڻ سڳورا ﷺ ۽ اوهان جا صحابه، يا قريش؟
هن بنيادي موضوع کي سامهون رکي، هاڻي جيڪڏهن سورت جي تعليمات تي سرسري نظر وجهبي، ته ان جو سڄو نظام هڪ مسلسل دعوت، دليل ۽ تنبيهه جي صورت ۾ نظر اچي ٿو، جنهن جو مرڪزي محور توحيد، رسالت ۽ آخرت تي ايمان آهي۔

و۔ سورت جي تعليمات جو تجزيو
(آيتون 1 کان 5): توحيد ۽ معاد (آخرت) جي ڪجهه چٽن دليلن ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي۔ بلڪل واضح ۽ ظاهر حقيقتن کان منهن موڙڻ تي تعجب ظاهر ڪيو ويو آهي۔ قرآن جو انڪار دراصل هڪ سچائيءَ جو انڪار آهي، جنهن جو نتيجو هو ڀوڳيندا۔ قرآن جيڪو انجام ٻڌائي رهيو آهي، سو ضرور پيش اچي رهندو۔
(آيتون 6 کان 7): رسولن کي رد ڪندڙ الله جي عذاب جو شڪار ٿيا۔ ان ڏس ۾ عرب جي گذريل تاريخ ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي، ته جيئن هو عبرت وٺن۔
(آيتون 8 کان 11): حضور اڪرم ﷺ کي تسلي ڏني وئي آهي ته ڪو وڏي کان وڏو معجزو به انهن انڪار ڪندڙن کي قائل نٿو ڪري سگهي۔ جيڪي معجزا هو گهرن ٿا، اهي به ڏيکاريا وڃن ته به پنهنجي انڪار تان نه لهندا۔ اوهان کان اڳ آيل رسولن جو به اهڙن ماڻهن مذاق اڏايو؛ آخرڪار هو ان عذاب جو شڪار ٿيا، جنهن جو هو مذاق اڏائيندا هئا۔ کين پنهنجي ملڪ جي تاريخ ڏانهن ڌيان ڏيڻ لاءِ چئو۔
(آيتون 12 کان 13): آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي، سو سڀ الله جي ملڪيت آهي۔ هن پنهنجي ذات تي رحمت لازم ڪري ڇڏي آهي؛ تنهن ڪري لازم آهي ته هو جزا ۽ سزا جو ڏينهن (قيامت) آڻي۔
(آيتون 14 کان 18): شرڪ کان صاف بيزاريءَ جو اظھار ڪيو ويو آهي۔ خير ۽ شر سڀ الله جي هٿ ۾ آهي۔ سڀئي سندس قدرت جي قبضي ۾ آهن، ۽ هو حڪيم ۽ خبير آهي۔
(آيتون 19 کان 24): توحيد ۽ شرڪ جي باب ۾ فيصلائتي گواھي الله جي آهي، ۽ الله جي گواھي توحيد جي حق ۾ آهي۔ هي قرآن ان گواھيءَ سان نازل ٿيو آهي۔ سچا اهلِ ڪتاب به ان کي سڃاڻن ٿا، پر بدبخت اهي آهن جيڪي ان تي ايمان آڻڻ کان محروم رهندا۔ جيڪي ماڻهو شرڪ جا دعويدار آهن، سي الله تي ڪوڙ ھڻي رهيا آهن؛ اهڙا ظالم ڪڏهن به فلاح نه ماڻي سگهندا۔ قيامت جي ڏينهن جڏهن انهن کان پڇيو ويندو ته ”توهان جا شريڪ ڪٿي آهن؟“ ته هو حيران ۽ لاجواب ٿي ويندا۔
(آيتون 33 کان 39): نبي ﷺ کي تسلي ڏني وئي آهي ته عذاب جي نشانيءَ جو مطالبو پورو نه ٿيڻ تي جيڪي ماڻهو اوهان جو مذاق اڏائن ٿا، اها ڳالهه اوهان لاءِ غم جو سبب نه بڻجي۔ هو اوهان جو نه، پر دراصل الله جو مذاق اڏائي رهيا آهن؛ تنهن ڪري اهو معاملو الله تي ڇڏي ڏيو۔ اوهان کان اڳ به جيڪي نبي سڳورا گذريا، انهن کي به اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پيو، پر انهن صبر ڪيو، پوءِ الله جي نصرت ظاهر ٿي۔ اها الله جي سنت آهي، ۽ الله جي سنت ۾ ڪا تبديلي نٿي اچي سگهي۔
اوهان کي هن معاملي ۾ پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي۔ ايمان ته اهي ئي آڻيندا، جن جي اندر ڪجهه صلاحيت آهي؛ جن جا دل بلڪل مري چڪا آهن، اهي وڏي کان وڏي نشاني ڏسڻ کانپوءِ به ايمان نه آڻيندا۔ الله جا آسمان ۽ زمين نشانين سان ڀريل آهن، پر جيڪي انڌا ٿي چڪا آهن، تن کي انهن نشانين مان ڪھڙو فائدو ملندو؟
(آيتون 40 کان 50): اهي عذاب جي نشاني گهرن ٿا؛ انهن کان پڇو ته جيڪڏهن الله جو عذاب اچي وڃي ته پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪهڙو سامان تيار ڪيو اٿن؟ اڳين قومن جو حوالو ڏنو ويو آهي ته انهن به پنهنجن رسولن کان نشانيون گهريون، ته الله انهن کي مختلف مصيبتن ۾ وڌو؛ پر الله ڏانهن رجوع ڪرڻ بدران سندن دليون وڌيڪ سخت ٿي ويون۔ نتيجي ۾ الله سندن پاڙ ئي پٽي ڇڏي۔
نبي ﷺ جي طرفان اعلان ڪيو ويو ته مان نه الله جي خزانن جو مالڪ هئڻ جو دعويدار آهيان ۽ نه غيب جو ڄاڻو؛ مان ته رڳو الله جي وحي جو پيروڪار آهيان۔
(آيتون 51 کان 55): نبي ﷺ کي هدايت ڪئي وئي ته جن جي دلين ۾ الله ۽ آخرت جو خوف موجود آهي، اهي ئي هن قرآن مان فائدو وٺندا؛ سو انهن کي ان ذريعي بيدار ڪريو۔ جيڪي ماڻهو معجزن جا طالب آهن، تن کي نظر انداز ڪريو۔ جيڪي غريب ماڻهو الله جي رضا جا خواهشمند ۽ اوهان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهن، انهن کي انهن متڪبرن جي مطالبي تي پاڻ کان پري نه ڪريو۔ جيڪڏهن اهي متڪبر صرف ان ڪري اوهان وٽ نٿا اچن جو اوهان جي مجلس ۾ غريب ويٺا آهن، ته انهن کي سندن حال تي ڇڏي ڏيو؛ اوهان انهن جي ايمان ۽ اسلام جا ذميوار نه آهيو۔ انهن لاءِ غريبن جي غريبي ۽ پنهنجي اميري ئي آزمائش بڻجي وئي آهي۔ تنهن ڪري انهن غريب مسلمانن جو ڀليڪار ڪريو ۽ کين خوشخبري ڏيو۔
(آيتون 56 کان 67): شرڪ کان بيزاريءَ جو اعلان ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ڇو ته ان لاءِ ڪو به دليل موجود ناهي۔ نبي ﷺ وٽ هڪ واضح گواھي آهي، پر اهي ان گواھيءَ کي رد ڪن ٿا ۽ عذاب جي نشانيءَ جي گهر ڪن ٿا۔ عذاب آڻڻ نبي جي اختيار ۾ ناهي، الله جي اختيار ۾ آهي۔ هر جان سندس قبضي ۾ آهي؛ هو جڏهن ۽ جتان چاهي عذاب موڪلي سگهي ٿو۔ هر ڳالهه لاءِ هڪ مقرر وقت آهي، ۽ اهي انڪار ڪندڙ جلد ڄاڻي وٺندا۔
(آيتون 68 کان 70): نبي ﷺ کي هدايت ڪئي وئي ته جڏهن ڏسو ته اهي انڪار ڪندڙ اعتراض ۽ مخالفت جي بخار ۾ مبتلا آهن، ته انهن سان بحث ۾ نه الجهو؛ بلڪه انھن کان پاسو ڪريو۔ اوهان جو ڪم ياد ڏيارڻ ۽ نصيحت ڪرڻ آهي۔ جڏهن ڏسو ته هو ٻڌڻ نٿا چاهين، ته کين سندن حال تي ڇڏي ڏيو؛ اهي پاڻ نتيجو ڀوڳيندا۔ اوهان انهن جي ايمان ۽ اسلام جا ذميوار نه آهيو۔
(آيتون 71 کان 73): انهن کي چئي ڏيو ته جڏهن حق واضح ٿي چڪو ۽ الله جي هدايت اچي چڪي، ته ڇا اسان اهڙا بي سمجهه ٿي وڃون، جو صحرا ۾ واٽ وڃايل قافلي وانگر ڀٽڪندا رهون؟ هاڻي ته اسين ان راهه تي هلنداسين، جيڪا الله اسان لاءِ کولِي آهي۔
(آيتون 74 کان 83): توحيد جي ثابتيءَ ۾ حضرت ابراھيم عليه السلام پنهنجي قوم آڏو جيڪو دليل پيش ڪيو، ان جو بيان۔
(آيتون 84 کان 90): حضرت ابراهيم عليه السلام کان اڳ ۽ پوءِ سندن اولاد مان جيڪي نبي ۽ رسول توحيد جي دين جا علمبردار بڻيا، انهن ڏانهن سرسري اشارو ڪيو ويو آهي، ۽ تاڪيد ڪيو ويو آهي ته اصل هدايت جي راهه اها ئي آهي، جيڪا انهن پيغمبرن ڏيکاري۔ ان تي مضبوط رهڻ گهرجي۔ جيڪڏهن قريش انڪار ڪن ٿا ته پروا نه ڪريو؛ الله ٻين کي ان جي تائيد ۽ حمايت لاءِ بيهاريندو۔
(آيتون 91 کان 92): يهودين پاران وڌايل هڪ اعتراض جو ذڪر ۽ ان جو جواب۔
(آيتون 93 کان 94): انهن بد دماغ ماڻهن جي ترديد، جيڪي دعويٰ ڪندا هئا ته جيڪڏهن هو چاهين ته محمد ﷺ جهڙو ڪلام پيش ڪري سگهن ٿا، يا انهن تي به وحي ايندي آهي۔
(آيتون 95 کان 99): توحيد جا آفاقي دليل بيان ڪيا ويا آهن۔
(آيتون 100 کان 105): شرڪ جي ترديد ۽ اها تنبيهه ته هدايت اوهان وٽ اچي چڪي آهي؛ هاڻي جيڪو گمراهي اختيار ڪندو، تنهن جي ذميواري ان تي پاڻ تي هوندي۔
(آيتون 106کان 108): نبي ﷺ کي هدايت ڏني وئي ته خدائي وحيءَ جي پيرويءَ تي مضبوطيءَ سان قائم رهو ۽ مشرڪن کان اک پور ڪريو۔ مسلمانن کي نصيحت ڪئي وئي ته مشرڪن جي بتن ۽ معبودن جي بنا ضرورت تحقير نه ڪريو، متان هو جوش ۾ اچي اوهان جي خدا کي برو ڀلو چوڻ لڳن۔
(آيتون 109 کان 111): ڪافرن جي هن دعويٰ جي ترديد ته جيڪڏهن سندن مرضيءَ مطابق معجزو ڏيکاريو وڃي ته هو لازماً ايمان آڻيندا۔ فرمايو ويو ته جيڪڏهن دنيا جهان جا سڀ معجزا به ڏيکاريا وڃن، تڏهن به جيڪي ايمان آڻڻ وارا ناهن، سي ايمان نه آڻيندا۔
(آيتون 112 کان 117): الله جي سنت جو بيان ته جڏهن نبيءَ جي دعوت عام ٿيندي آهي، تڏهن جنن ۽ انسانن مان شيطانن کي به مهلت ڏني ويندي آهي ته هو پنهنجي باطل کي سينگاري ماڻهن اڳيان پيش ڪن تھ جيئن جيڪو سندن راهه اختيار ڪرڻو چاهي سو ڪري۔ نبيءَ کي هدايت ته کين ٻڌائي ڇڏيو ته جڏهن مون وٽ الله جو ڪتاب اچي چڪو آهي، ته مان ان کي ڇڏي ٻي ڪنهن شيءِ جي پيروي ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟
(آيتون 118 کان 123): مسلمانن کي خبردار ڪيو ويو ته ورغلائيندڙن کان هوشيار رهو۔ مشرڪن پنهنجن عقيدن موجب جيڪي شيون حرام ٺهرائي ڇڏيون آهن، انهن بدعتن جي پرواھ نه ڪريو؛ بلڪه اهي شيون کائو جن جي حرمت جو ڪو دليل نه ملتِ ابراهيميءَ ۾ آهي، نه قرآن ۾۔ الله اوهان کي اونداهيءَ مان روشنيءَ ۾ آندو آهي؛ تنهن ڪري انهن ڪج بحث ماڻهن جي پرواھ نه ڪريو، جيڪي ڪفر ۽ شرڪ جي اونداهيءَ ۾ ڀٽڪي رهيا آهن۔
(آيتون 124 کان 127): انهن مغرورن جي ترديد، جيڪي چوندا هئا ته جيستائين انهن تي به وحي نه اچي جيئن نبي تي اچي ٿي، تيستائين هو ايمان نه آڻيندا۔ فرمايو ويو ته نبوت جو بلند مرتبو هر ڪنهن لاءِ ناهي؛ الله بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪير ان جو اهل آهي۔ جيڪي تڪبر ۾ مبتلا ٿي دنيا ۽ آخرت جي سرفرازيءَ جو ٺيڪو پاڻ وٽ سمجهن ٿا، سي پنهنجي غرور جي سزا ڀوڳيندا۔ ايمان ۽ هدايت الله جي توفيق تي مدار رکن ٿا، ۽ ان لاءِ به هڪ مقرر قانون آهي۔
(آيتون 128 کان 135): آخرت ۾ جنن ۽ انسانن مان گمراهه ماڻهو اعتراف ڪندا ته هو اتمامِ حجت باوجود پنهنجي عملن سبب هن انجام تائين پهتا۔ قريش کي تنبيهه ته جيڪڏهن سنبرڻ چاهيو ٿا ته هاڻي سنبري وٺو؛ نه ته جنهن عذاب جي ڌمڪي ڏني وڃي ٿي، اهو ضرور اچي رهندو ۽ ڪو به بچي نه سگهندو۔
(آيتون 136 کان 144): مشرڪن پنهنجي وهمي عقيدن تحت پوکن ۽ چوپايَن مان جيڪي شيون حرام ڪيون يا ديوتائن لاءِ انساني قربانيون ڏنيون، تن جي سخت ترديد ڪئي وئي آهي۔ اهي سڀ ڳالهيون بي بنياد انومان آهن؛ عقل، فطرت ۽ ملتِ ابراهيميءَ ۾ انهن جو ڪو دليل ناهي۔
(آيتون 145 کان 154): قرآن وسيلي ٿيل اتمامِ حجت جو بيان۔ جيڪڏهن هن کانپوءِ به ماڻهو ڪنهن نشانيءَ جا منتظر آهن ته انتظار ڪن؛ اهڙي نشاني ڏيکارڻ نبيءَ جي اختيار ۾ ناهي۔ نبيءَ طرفان اعلان ته الله مون کي ملتِ ابراهيميءَ جي هدايت عطا ڪئي آهي، ۽ مان ان تي قائم آهيان۔ جيڪو چاهي هن سڌي راهه تي هلي، ۽ جيڪو چاهي ڀٽڪندو رهي؛ الله وٽ هر شخص پنهنجي عملن جو ذميوار آهي۔ (تدبرِ قرآن)

22/02/2026

-----------------------پنجين تراويح----------------------
سورة المائدة

الف۔ سورت جو نالو
هن سورت جو نالو پندرھين رڪوع جي آيت: "هَلْ يَسْتَطِيعُ رَبُّكَ اَنْ يُنَزِّلَ عَلَيْنَا مَائِدَةً مِّنَ السَّمَاءِ " ۾ آيل لفظ "مائدة" مان ورتو ويو آهي۔ قرآن جي گهڻين سورتن جي نالن وانگر، هن نالي جو به سورت جي موضوع سان ڪو خاص تعلق ناهي؛ بلڪه ٻين سورتن کان الڳ ڪرڻ لاءِ ان کي هڪ علامت طور اختيار ڪيو ويو آهي۔

ب۔ نزول جو زمانو
سورت جي مضمون مان ظاهر ٿئي ٿو، ۽ روايتون به ان جي تصديق ڪن ٿيون، ته هي سورت صلحِ حديبيه کانپوءِ سن 6 هجري جي آخري حصي يا سن 7 هجري جي شروعات ۾ نازل ٿي۔ ذي القعده سن 6 هجري ۾ اهو واقعو پيش آيو ته نبي ﷺ چوڏهه سئو مسلمانن سان گڏ عمرو ادا ڪرڻ لاءِ مڪي شريف روانا ويا۔ پر قريش جي ڪافرن دشمنيءَ جي جوش ۾ عرب جي قديم ترين مذهبي روايتن جي برخلاف اوهان ﷺ کي عمرو ڪرڻ نه ڏنو، ۽ گهڻي ڏند چڪ کانپوءِ اها ڳالهه طئي ٿي ته ايندڙ سال اوهان ﷺ زيارت لاءِ اچي سگهو ٿا۔
ان موقعي تي ضرورت پيش آئي ته مسلمانن کي هڪ پاسي ته ڪعبي شريف جي زيارت لاءِ سفر جا آداب ٻڌايا وڃن، ته جيئن ايندڙ سال عمري جو سفر پوري اسلامي شان سان ٿي سگهي؛ ۽ ٻئي پاسي انهن کي تاڪيد ڪيو وڃي ته دشمن ڪافرن کين عمري کان روڪي جيڪا زيادتي ڪئي آهي، ان جي جواب ۾ هو پاڻ ڪا ناروا زيادتي نه ڪن۔ ڇو ته ڪيترن ئي ڪافر قبيلن جي حج جو رستو مسلمانن جي قبضي هيٺ آيل علائقن مان گذرندو هو، ۽ مسلمانن لاءِ اهو ممڪن هو ته جيئن کين ڪعبي شريف جي زيارت کان روڪيو ويو، تيئن هو به انهن کي روڪي ڇڏين۔
اھو ئي پس منظر آهي ان تمهيدي تقرير جو، جنهن سان هن سورت جي شروعات ٿي آهي۔ اڳتي هلي تيرهين رڪوع ۾ ٻيهر ساڳيو مسئلو چِٽو ڪيو ويو آهي، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پهرين رڪوع کان چوڏهين رڪوع تائين هڪ ئي تقرير جو سلسلو جاري آهي۔ ان کانسواءِ جيڪي ٻيا مضمون هن سورت ۾ ملن ٿا، سي سڀ به ساڳئي دور سان تعلق رکن ٿا۔
بيان جي تسلسل مان گھڻو گمان اهو ئي ٿئي ٿو ته هي پوري سورت هڪ ئي خطبي تي ٻڌل آهي، جيڪو هڪ ئي وقت نازل ٿيو هوندو۔ ممڪن آهي ته ان جون ڪي آيتون الڳ الڳ وقتن تي پوءِ نازل ٿيون هجن ۽ مضمون جي مناسبت سان انهن کي هن سورت جي مختلف جڳهن تي شامل ڪيو ويو هجي، پر بيان جي سلسلي ۾ ڪٿي به اهڙو هلڪو خال محسوس نٿو ٿئي، جنهن مان اهو قياس ڪيو وڃي ته هي سورت ٻن يا ٽن خطبن جو مجموعو آهي۔
سورة آل عمران ۽ سورة النساء جي نزول جي زماني کان هن سورت جي نزول تائين پهچندي حالتن ۾ وڏي تبديلي اچي چڪي هئي۔ يا ته اهو وقت هو، جڏهن جنگِ اُحد جي صدمي مسلمانن لاءِ مديني جي ويجهي ماحول کي به خطري وارو بڻائي ڇڏيو هو؛ يا هاڻي اهو وقت اچي ويو هو، جڏهن عرب ۾ اسلام هڪ نا قابلِ شڪست طاقت طور نظر اچڻ لڳو ۽ اسلامي رياست هڪ پاسي نجد تائين، ٻئي پاسي شام جي سرحدن تائين، ٽئين پاسي ڳاڙھي سمنڊ (بحرِ احمر) جي ڪناري تائين ۽ چوٿين پاسي مڪي جي ويجهو تائين پکڙجي چڪي هئي۔
اُحد ۾ جيڪو زخم مسلمانن کاڌو هو، اهو سندن همتون ٽوڙڻ بدران سندن عزم لاءِ هڪ نئون تازيانو ثابت ٿيو۔ هو زخمي شير وانگر ڀڙڪي اٿيا ۽ ٽن سالن جي عرصي ۾ حالتن جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو۔ سندن لڳاتار جدوجهد ۽ سرفروشن جو نتيجو اهو نڪتو ته مديني جي چوڌاري ڏيڍ سئو کان ٻه سئو ميلن تائين سڀني مخالف قبيلن جو زور ٽٽي ويو۔ مديني تي جيڪو يهودي خطرو هر وقت لامارا ڏيندو رهندو هو، ان جو هميشه لاءِ انت اچي ويو، ۽ حجاز جي ٻين علائقن ۾ جتي جتي يهودي آباد هئا، سي سڀ مديني جي حڪومت جي ڪنٽرول ھيٺ اچي ويا۔
اسلام کي دٻائڻ لاءِ قريش آخري ڪوشش غزوه خندق جي موقعي تي ڪئي، پر ان ۾ به هو سخت ناڪام رهيا۔ ان کانپوءِ اهلِ عرب کي هن ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه رهيو ته اسلام جي هي تحريڪ هاڻي ڪنهن جي مٽائڻ سان نه مٽجندي۔ هاڻي اسلام رڳو هڪ عقيدو ۽ مسلڪ نه رهيو هو، جنهن جي حڪمراني فقط دلين ۽ ذهنن تائين محدود هجي، بلڪه اهو هڪ رياست به بڻجي چڪو هو، جنهن جي حڪمراني عملي طور پنهنجي حدن اندر رهندڙ سڀني ماڻهن جي زندگيءَ تي ڇانئيل هئي۔ هاڻي مسلمان ان طاقت جا مالڪ ٿي چڪا هئا، جو جنهن مسلڪ تي هنن ايمان آندو هو، ان مطابق آزاديءَ سان زندگي گذاري سگهن ۽ ان کانسواءِ ڪنهن ٻئي عقيدي، مسلڪ يا قانون کي پنهنجي زندگيءَ ۾ دخل انداز ٿيڻ نه ڏين۔
ان کانپوءِ ڪجھ سالن ۾ اسلامي اصولن ۽ نقطه نظر مطابق مسلمانن جي پنهنجي هڪ مستقل تهذيب تيار ٿي چڪي هئي، جيڪا زندگيءَ جي سمورن تفصيلن ۾ ٻين کان جدا پنهنجو هڪ نمايان شان رکندڙ هئي۔ اخلاق، معاشرت ۽ تمدن، هر شيءِ ۾ هاڻي مسلمان غير مسلمانن کان مڪمل طور الڳ ۽ جدا ٿي چڪا هئا۔
سمورن مسلمانن جي قبضي هيٺ آيل علائقن ۾ مسجدون ۽ نماز باجماعت جو نظم قائم ٿي چڪو هو۔ هر وسندي ۽ هر قبيلي ۾ امام مقرر هئا۔ اسلامي خانگي ۽ فوجداري قانون وڏي حد تائين تفصيل سان مرتب ٿي چڪا هئا ۽ پنهنجي عدالتن وسيلي نافذ ڪيا پئي ويا۔ ڏيتي ليتي ۽ خريد و فروخت جا پراڻا طريقا ختم ٿي چڪا هئا ۽ سڌاريل نوان طريقا رائج ٿي چڪا هئا۔ وراثت جو مستقل قانون ٺهي چڪو هو۔ نڪاح ۽ طلاق جا قانون، شرعي پردي ۽ استيذان (ڪنھن جي گھر ۾ اجازت سان داخل ٿيڻ) جا احڪام، ۽ زنا ۽ قذف جون سزائون جاري ٿيڻ سان مسلمانن جي معاشرتي زندگي هڪ خاص سانچي ۾ ڍلجي چڪي هئي۔
مسلمانن جي اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، کائڻ پيئڻ، لباس ۽ رهڻي ڪهڻي جا طريقا به پنهنجي هڪ مستقل صورت اختيار ڪري چڪا هئا۔ اسلامي زندگيءَ جي اهڙي مڪمل صورتگري ٿيڻ کانپوءِ غير مسلم دنيا هن ڳالهه کان بلڪل مايوس ٿي چڪي هئي ته اهي ماڻهو، جن جي پنهنجي هڪ الڳ تهذيب ٺهي چڪي آهي، ٻيهر انهن ۾ ملي ويندا۔
صلحِ حديبيه کان اڳ مسلمانن جي راهه ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ اها هئي ته هو قريش جي ڪافرن سان لڳاتار مقابلي ۾ الجهيل هئا ۽ کين پنهنجي دعوت جو دائرو وڌائڻ جي فرصت ن ٿي ملي۔ هن رڪاوٽ کي حديبيه جي ظاهري شڪست ۽ حقيقي فتح دور ڪري ڇڏيو۔
ان سان نه رڳو کين پنهنجي رياست جي حدن اندر امن نصيب ٿيو، پر ايتري فرصت به ملي وئي جو هو ڀرپاسي جي علائقن ۾ اسلام جي دعوت کڻي ڦهلجي سگهن۔ جنھن جي شروعات نبي ﷺ ايران، روم، مصر ۽ عرب جي بادشاهن ۽ سردارن ڏانهن خط لکي ڪئي، ۽ ان سان گڏ قبيلن ۽ قومن ۾ مسلمان داعي پکڙجي ويا، ته جيئن الله جي بندن کي سندس دين ڏانهن سڏين۔
هي اهي حالتون هيون، جن ۾ سورة المائدة نازل ٿي۔ هي سورت هيٺين ٽن وڏن مضمونن تي مشتمل آهي:
1. مسلمانن جي مذهبي، تمدني ۽ سياسي زندگيءَ بابت وڌيڪ احڪام ۽ هدايتون : هن سلسلي ۾ حج جي سفر جا آداب مقرر ڪيا ويا، شعائر الله جي احترام ۽ ڪعبي جي زائرين سان ڇيڙڇاڙ نھ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، کاڌي پيتي جي شين ۾ حرام ۽ حلال جون قطعي حدون قائم ڪيون ويون ۽ جاهليت جي دور جون ھٿ ٺوڪيون پابنديون ٽوڙيون ويون۔ اهلِ ڪتاب سان گڏ کاڌي پيتي ۽ انهن جي عورتن سان نڪاح ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، وضو، غسل ۽ تيمم جا قاعدا قانون مقرر ڪيا ويا، بغاوت، فساد ۽ چوريءَ جون سزائون طئي ڪيون ويون، شراب ۽ جوا قطعي طور حرام قرار ڏنا ويا، قسم ٽوڙڻ جو ڪفارو مقرر ڪيو ويو، ۽ گواھيءَ جي قانون ۾ وڌيڪ ڪجهه دفعات شامل ڪيون ويون۔
2۔ مسلمانن کي نصيحت: هاڻي جڏهن مسلمان هڪ حڪمران گروهه بڻجي چڪا هئا ۽ سندن هٿ ۾ طاقت اچي چڪي هئي، جنهن جو نشو قومن لاءِ اڪثر گمراهيءَ جو سبب بڻبو رهيو آهي،۽ مظلوميت جو دور پڄاڻيءَ تي پهتو هو ۽ هو وڌيڪ سخت آزمائش جي دور ۾ داخل ٿي رهيا هئا، تنهن ڪري انهن کي بار بار نصيحت ڪئي وئي ته عدل تي قائم رهن، پاڻ کان اڳ ٿي گذريل اهلِ ڪتاب جي روش کان بچن، الله جي اطاعت ۽ سندس احڪامن جي پيروي جو جيڪو عهد ڪيو آهي، ان تي ثابت قدم رهن، ۽ يهودين ۽ عيسائين وانگر ان کي ٽوڙي اهڙي انجام کان نه گذرن، جنهن کان هو گذريا۔ پنهنجن سڀني معاملن ۾ ڪتابِ الٰهي جا پابند رهن ۽ منافقت جي روش کان پاسو ڪن۔
3۔ يهودين ۽ عيسائين کي نصيحت: يهودين جو زور هاڻي ٽٽي چڪو هو ۽ اتر عرب جون تقريباً سڀ يهودي وسنديون مسلمانن جي ڪنٽرول ھيٺ اچي چڪيون هيون۔ هن موقعي تي انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر سندن غلط روش تي چتاءُ ڏنو ويو ۽ کين سڌي راهه تي اچڻ جي دعوت ڏني وئي۔
۽ جيئن ته صلحِ حديبيه جي نتيجي ۾ عرب ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ اسلام جي دعوت پکيڙڻ جو موقعو ملي ويو هو، تنهن ڪري عيسائين کي به تفصيل سان خطاب ڪيو ويو، سندن عقيدن جون غلطيون واضح ڪيون ويون ۽ کين نبي عربي ﷺ تي ايمان آڻڻ جي دعوت ڏني وئي۔ پاڙيسري ملڪن مان جيڪي قومون بت پرست يا مجوسي هيون، انهن کي سڌو سنئون خطاب نه ڪيو ويو، ڇو ته انهن جي هدايت لاءِ اهي خطبا ڪافي هئا، جيڪي سندن هم مسلڪ عرب جي مشرڪن کي مخاطب ڪري مڪي ۾ نازل ٿي چڪا هئا۔ (تفہيم القرآن)

ج۔ سورت جو موضوع
هن سورت ۾ الله تعاليٰ امتِ مسلمه کان، آخري امت هجڻ جي حيثيت سان، پنهنجي آخري ۽ مڪمل شريعت تي پوري پابنديءَ سان قائم رهڻ ۽ ان کي قائم ڪرڻ جو عهد ۽ وچن ورتو آهي۔ ان کان اڳ اهو عهد ۽ وچن اهلِ ڪتاب کان ورتو ويو هو، پر جيئن پونئين سورتن مان واضح ٿيو آهي، هو ان جا اهل ثابت نه ٿيا؛ تنهن ڪري کين عھدي تان ھٽايو ويو ۽ انهن جي جاءِ تي الله تعاليٰ هن امت کي مقرر ڪيو ۽ ان کي پنهنجي آخري ۽ مڪمل شريعت جو حامل ۽ امين بڻايو۔ هاڻي هن سورت (المائدة) ۾ اهو عهد ورتو پيو وڃي ته اوهان پونئين امتن وانگر خدا جي شريعت جي معاملي ۾ خيانت ۽ غداري نه ڪجو، بلڪه پوري وفاداري ۽ مڪمل استواريءَ سان هن عهد کي نڀايو؛ پاڻ به ان تي قائم رهو، ٻين کي به ان تي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪريو، ۽ هن راهه ۾ اڏول ارادي ۽ طابت قدميءَ سان سڀني آزمائشن ۽ سڀني خطرن جو مقابلو ڪريو۔

د۔ سورت جي تعليمات جي نوعيت
سورت جي موضوع جي گھرجن جي لحاظ کان، ان ۾ جيڪا تعليم بيان ڏني وئي آهي، انهن تي هڪ سرسري نظر وجهڻ سان به ڪي ڳالهيون نمايان طور سامهون اچن ٿيون۔
پهرين ڳالھ هيءَ ته هن ۾ جيڪي احڪام ۽ قانون بيان ٿيا آهن، سي اسلامي دعوت جي ان دور سان لاڳاپيل آهن، جڏهن دين جي تڪميل ۽ اللھ جي نعمت جي مڪمل ٿيڻ جو مرحلو اچي چڪو هو۔ ظاهر آهي ته عهد ۽ وچن وٺڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ موزون احڪام اهي ئي ٿي سگهن ٿا۔ انهن تي عهد وٺڻ ڄڻ تھ پوري شريعت تي عهد وٺڻ جي برابر آهي۔
ٻي ڳالھ هيءَ ته انهن احڪامن ۾ امتحان ۽ آزمائش جو پهلو بالڪل چٽو آهي۔ پونئين امتن کي اهڙي قسم جا جيڪي احڪام ڏنا ويا هئا، انهن ۾ هنن ٺوڪرون کاڌيون، جنهن جي نتيجي ۾ هو خدا جي عتاب ۽ ۽ غضب جو شڪار ٿيا۔ الله تعاليٰ هن امت تي فضل ڪيو جو عهد وٺندي اهڙا احڪام خاص طور سامهون رکيا، ته جيئن هي امت انهن ترڪڻ وارن هنڌن کان چڱيءَ طرح ھوشيار رهي۔ ظاهر آهي ته جيڪو خطري وارن هنڌن تي پاڻ کي سنڀالي سگهي، ان کان اها ئي اميد آهي ته هو هموار هنڌن تي نه ترڪندو۔
ٽين ڳالھ هيءَ ته هن ۾ تفصيل سان يهودين ۽ عيسائين جي عهد شڪنيءَ جي تاريخ بيان ڪئي وئي آهي ۽ ان جي سببن ۽ محرڪن تي به روشني وڌي وئي آهي، ته جيئن اها تاريخ هن امت لاءِ سبق ۽ عبرت جو ذريعو بڻجي۔
چوٿين ڳالھ هيءَ ته هن ۾ انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جي انهن لڪل گوشن جي خاص نشاندهي ڪئي وئي آهي، جتان شيطان ۽ سندس ايجنٽ اندر گهڙڻ جو موقعو تاڙن ٿا، ۽ پوءِ اهڙا فتنا ڪر کڻن ٿا، جن کي جيڪڏهن روڪيو نه وڃي ته پوري شريعت کي تاراج ڪري ڇڏين ٿا۔
پنجين ڳالھ هيءَ ته هن ۾ اهي اصول ۽ ضابطا مڪمل وضاحت سان بيان ڪيا ويا آهن، جن جو خيال رکڻ عهدِ الٰهي تي قائم ۽ استوار رهڻ لاءِ ضروري آهي۔
اهي پنج ڳالهيون سامهون رکي، جيڪو طالبِ حق تدبر سان هن سورت جي تلاوت ڪندو، اهو ان شاءَ الله ان جي موضوع ۽ نظام کي سمجهڻ ۾ ڪا به مونجھارو محسوس نه ڪندو۔

هـ۔ سورت جي تعليمات جو جائزو
(آيتون 1 کان 5): الله سان ڪيل هر عهد کي پورو ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي۔ حرام مھينن ۽ سمورن شعائر اللھ جي حفاظت جي هدايت ڏني وئي آهي، ايتري قدر جو احرام جي حالت ۾ شڪار به ناجائز آهي، ۽ ٻين جي ٽيڪر به هن ڳالهه لاءِ عذر نٿي بڻجي سگهي ته شعائر اللھ جي حرمت ۾ ڪو نقص اچي۔
نيڪي ۽ تقويٰ وارن ڪمن ۾ تعاون ڪرڻ گهرجي، نه ڪي گناھ ۽ خدائي حدن کي اورانگھڻ وارن ڪمن ۾۔ هن امت لاءِ کاڌي پيتي جي شين مان جيڪي شيون حرام آهن، انهن جو مڪمل تفصيل بيان ڪيو ويو آهي، ۽ اها هدايت ڏني وئي آهي ته هاڻي اوهان کي ڪنهن جي پرواھ ڪرڻ جي ضرورت ناهي۔ هاڻي اوهان جا مخالف اها اميد نٿا رکن ته سندن دين ۽ اوهان جي دين ۾ ڪا مفاهمت ٿي سگهندي، ۽ نه ئي اها توقع رکن ٿا ته هو هن دين کي شڪست ڏئي سگهندا۔ هاڻي اوهان جو دين مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ الله اوهان تي پنهنجي شريعت جي نعمت پوري ڪري ڇڏي آهي؛ تنهن ڪري هاڻي اوهان بس ان جي پيروي ڪريو ۽ ٻين کان بي پرواھ ٿي وڃو۔
تربيت يافته شڪاري جانورن جي شڪار بابت، اهلِ ڪتاب جي کاڌي بابت ۽ اھل ڪتاب جي عورتن سان نڪاح بابت حڪم بيان ڪيو ويو آهي، ۽ اهو چتاءُ ڌنو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو ايمان سان گڏ ڪفر کي گڏ رکندا، تن جا سڀ عمل ضايع ٿي ويندا۔

(آيتون 6 کان 7): نماز لاءِ وضوءَ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ۽ عذر يا مجبوريءَ جي حالت ۾ تيمم جي اجازت ڏني وئي آهي۔ گڏوگڏ خبردار ڪيو ويو آهي ته هن حڪم ۽ هن رخصت وسيلي الله اوهان کي پاڪ بڻائڻ ۽ اوهان تي پنهنجي شريعت جي نعمت کي مڪمل ڪرڻ گهري ٿو؛ تنهن ڪري الله جا شڪرگذار رهو، سندس هن انعام کي ياد رکو، ۽ ”سَمِعْنَا وَاَطَعْنَا“ جو اقرار ڪري پنهنجي رب سان جيڪو عهد اوهان ٻڌو آهي، ان تي مضبوطيءَ سان قائم رهو۔

(آيتون 8 کان 11): مسلمانن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته مخالفن ۽ دشمنن جي شرانگيزيءَ جي باوجود حق ۽ عدل تي قائم رهن۔ الله جي مغفرت جو وعدو انهن لاءِ آهي، جيڪي ايمان ۽ عملِ صالح تي قائم رهن ٿا۔ مسلمانن کي ياد ڏياريو ويو آهي ته دشمن جي هڪ ٽولي اوهان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر الله ان کي بي وس ڪري ڇڏيو؛ تنهن ڪري الله کان ڊڄو ۽ ان تي ڀروسو رکو۔

(آيتون 12 کان 13): بني اسرائيل سان ڪيل ميثاق جو حوالو ڏنو ويو آهي، ته الله انهن کان عهد ورتو هو ته جيڪڏهن هو الله جي شريعت تي قائم رهندا ته الله انهن سان گڏ هوندو؛ ۽ جيڪڏهن هو ان عهد کي ٽوڙيندا ته گمراھ ٿي الله جي معيت کان محروم ٿي ويندا۔ پر انهن ان عهد کي ٽوڙي ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته الله انهن تي لعنت ڪئي۔
(آيت 14): عيسائين جي ميثاق جو حوالو ڏنو ويو آهي ته الله انهن کان به عهد ورتو هو، پر هو ان جو هڪ حصو وساري ويٺا؛ جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته انهن جي وچ ۾قيامت تائين لاءِ بغض ۽ اختلاف جي باهه ڀڙڪي اٿي، ۽ هو آخرت ۾ به ان جي سزا ڀوڳيندا۔

(آيتون 15 کان 16): اهلِ ڪتاب کي دعوت ڏني وئي آهي ته الله پنهنجي آخري پيغمبر ۽ قرآن جي ذريعي جيڪا روشني اوهان کي ڏيکاري آهي، ان جو قدر ڪريو، ۽ اونداهين ۾ ڀٽڪڻ بدران سلامتيءَ جي راهه ۽ صراطِ مستقيم ڏانهن اچو۔

(آيتون 17 کان 19): عيسائين کي ملامت ڪئي وئي آهي ته انهن مسيح کي خدا بڻائي ڇڏيو۔ ۽ يهودين ۽ عيسائين ٻنهي جي هن خيال جي ترديد ڪئي وئي آهي ته هو الله جي اولاد ۽ پسنديدھ آهن۔ انھن کي پڻ خبردار ڪيو ويو آهي ته الله پنهنجو رسول موڪلي انهن تي حجت پوري ڪري ڇڏي آهي؛ هاڻي سموري ذميواري انهن تي آهي۔

(آيتون 20 کان 26): بني اسرائيل کي سندن تاريخ جو هڪ واقعو ياد ڏياريو ويو آهي ته الله انهن کي پنهنجي وڏي فضل سان نوازيو، کين فتح ۽ نصرت جي وعدي سان ارضِ مقدس (فلسطين) ۾ داخل ٿيڻ جو حڪم ڏنو؛ پر انهن بزدلي ڏيکاري، ۽ پنهنجي بھادر ماڻهن جي همت افزائيءَ جي باوجود پنهنجي پيغمبر جي حڪم جي تعميل کان انڪار ڪيو۔ جنهن جي سزا طور انهن کي چاليهه سالن تائين رڻ پٽ ۾ ڀٽڪڻو پيو، ۽ ارضِ مقدس ۾ داخل ٿيڻ جي سعادت نصيب نه ٿي۔

(آيتون 27 کان 31): آدم جي ٻن پٽن جو قصو بيان ڪيو ويو آهي، جنهن مان اهو سبق ملي ٿو ته هڪ خدا ترس انسان دشمن جي ٽيڪرن جي باوجود ڪيئن الله جي عهد تي قائم رهي ٿو، ۽ هڪ شريـر انسان ڪيئن فاسد جذبن کان مغلوب ٿي پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪري ويهي ٿو، ۽ پوءِ گناهه جو اعتراف ڪرڻ بدران ان کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو۔

(آيت 32): هن ڳالهه جو بيان آهي ته نفسِ انساني جي مٿين خرابيءَ کي روڪڻ لاءِ الله بني اسرائيل لاءِ اهو قانون مقرر ڪيو هو ته جيڪو هڪ کي قتل ڪري ٿو، سو ڄڻ سڀني کي قتل ڪري ٿو، ۽ جيڪو هڪ جي جان بچائي ٿو، سو ڄڻ سڀني جي جان بچائي ٿو يعني قتل هڪ اجتماعي ڏوھ آهي ۽ جان جي حفاظت گڏيل ذميواري۔ پر بني اسرائيل هن قانون جو احترام نه ڪيو، بلڪه پنهنجن رسولن جي کليل هدايتن ۽چتائن باوجود الله جي زمين ۾ فساد پکيڙيندا رهيا۔

(آيتون 33 کان 34): انهن ماڻهن جي سزا بيان ڪئي وئي آهي، جيڪي دليري ۽ ڏاڍائيءَ سان الله جو قانون ٽوڙين ٿا ۽ ملڪ ۾ فساد برپا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا۔

(آيتون 35 کان 37): مسلمانن کي تاڪيد ڪيو ويو آهي ته اللھ جي حدن تي قائم رهو، شريعت جي پابنديِءَ کي قربِ الٰهي جي حصول جو وسيلو بڻايو، ۽ هن شريعت جي قيام لاءِ هميشه سرگرمِ عمل رهو۔ الله جي عذاب کان نجات ڏيڻ واري شيءِ اها ئي آهي؛ ان کانسواءِ ٻي ڪا شيءِ فائدو نه ڏيندي۔
(آيتون 38 کان 40): چوريءَ جي سزا هٿ ڪٽڻ آهي۔ ان کي بنا ڪنهن رعايت جي نافذ ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي، ۽ اهو چتاءُ ڏنو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو الله جي قانون کان ڀڄندا، تن کي آخرت ۾ ڪو بچائڻ وارو نه هوندو۔
(آيتون 41 کان 45): منافقن ۽ يهودين جي انهن چالن ۽ شرارتن جو بيان آهي، جيڪي هو نبي ﷺ جي عدالت کان بچڻ لاءِ اختيار ڪري رهيا هئا۔ انهن محرڪن کي بي نقاب ڪيو ويو آهي، جيڪي انهن شرارتن جي پٺيان هئا۔ حضور اڪرم ﷺ کي تسلي ڏني وئي آهي ته اوهان انهن ماڻهن جي شرارتن تي رنج نه ٿيو، ۽ اهي ڀلي ڪجهه به ڪن، اوهان جڏهن به انهن جي معاملن جو فيصلو ڪريو، ته صحيح عدل ۽ انصاف جي قانون مطابق ڪريو۔
يهودين کي ملامت ڪئي وئي آهي ته هي ڪهڙي بدبختي آهي جو جنهن ڪتاب جا هو شاهد ۽ امين بڻايا ويا هئا، ان جي واضح احڪامن مطابق پنهنجن معاملن جا فيصلا ڪرائڻ کان پاسو ڪن ٿا۔

(آيتون 46 کان 47): عيسائين کي خبردار ڪيو ويو آهي ته انهن کي به حڪم ڏنو ويو هو ته هو پنهنجن سمورن معاملن جا فيصلا انجيل مطابق ڪن، ۽ جيڪي ان جي خلاف ورزي ڪندا، سي نافرمان ۽ عهد شڪن قرار ڏنا ويندا۔
(آيتون 48 کان 50): حضور اڪرم ﷺ کي خطاب ڪري فرمايو ويو آهي ته قرآن سڀني اختلافن جي وچ ۾ قولِ فيصل بڻجي نازل ٿيو آهي۔ هاڻي اهو ئي سڀني اڳين صحيفن لاءِ ڪسوٽي آهي۔ اهلِ ڪتاب جي بدعتن جي ڪا پرواھ نه ڪريو؛ هر معاملي جو فيصلو قرآن جي روشنيءَ ۾ ڪريو۔ جيڪڏهن اهلِ ڪتاب پنهنجون بدعتون ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن، ته کين سندن حال تي ڇڏيو؛ سندن فيصلو قيامت ۾ ٿيندو۔ خبردار رهو ته اهي اوهان کي پنهنجي بدعتن ۽ خواهشن ڏانهن نه موڙي ڇڏين۔

(آيتون 51 کان 56): مسلمانن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته يهودين ۽ عيسائين کي پنهنجو دوست نه بڻايو۔ جيڪو انهن کي دوست بڻائيندو، سو انهن مان شمار ٿيندو۔ منافقن جو اهو راز ظاهر ڪيو ويو آهي ته هو ڊڄن ٿا ته جيڪڏهن يهودين ۽ عيسائين سان کلي عام تعلقات بگاڙي ويٺا ۽ سڀاڻي پلڙو انهن جو ڳرو رهيو ته ڇا ٿيندو؟ جڏھن ته کين اهو به سوچڻ گهرجي ته اسلام جي فتح کانپوءِ جيڪڏهن سندن سڄو پول کلي پيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ منافقن کي ڌمڪي ڏني وئي آهي ته جيڪڏهن هو مرتد ٿيڻ چاهين ٿا ته ٿي وڃن، الله کي ڪا پرواھ ناهي؛ الله اسلام جي حمايت لاءِ اهڙا ماڻهو اٿاريندو، جن سان الله محبت ڪندو ۽ جيڪي الله سان محبت ڪندا۔

(آيتون 57 کان 66): منافقن جي بي همتيءَ تي ملامت ڪئي وئي آهي ته اهي انهن يهودين کي دوست بڻائين ٿا، جيڪي پنهنجي مجلسن ۾ اسلام ۽ ان جي شعائر جو مذاق اڏائين ٿا۔ يهودين کي ڇنڊ ڪڍي وئي آهي ته کين آخرت ۾ معلوم ٿيندو ته الله وٽ سڀ کان وڌيڪ برو انجام ڪنھن جو ٿئي ٿو۔ يهودين جي ڌوڪيبازيءَ ۽ سندن عالمن جي بي حسي ۽ بي غيرتيءَ ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي۔ يهودين جي الله تعاليٰ بابت طنز جو ذڪر ڪري ان جو جواب ڏنو ويو آهي۔ پڻ اهو اشارو ڪيو ويو آهي ته حسد جي جوش ۾ يهودي هميشه جنگ جي باهه ڀڙڪائيندا رهندا، پر الله سندن ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو۔ اهلِ ڪتاب کي ملامت ڪئي وئي آهي ته سندن بد قسمتي آهي جو هنن اسلام کي پنهنجي لاءِ خطرو سمجهيو۔ جيڪڏهن هو ان کي قبول ڪن ها، ته دراصل تورات ۽ انجيل کي قائم ڪن ها، ۽ سندن لاءِ دنيا ۽ آخرت ٻنهي جي ڪاميابين جا دروازا کلي وڃن ها؛ پر انهن ۾ انصاف پسند ٿورا آهن، اڪثريت بڇڙن جي آهي۔

(آيتون 67 کان 71): پيغمبر ﷺ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اوهان بي خوف ٿي اهلِ ڪتاب تائين حق پهچايو، ۽ صاف صاف چئو ته جيستائين اوهان تورات، انجيل ۽ هن قرآن کي قائم نه ڪندا، تيستائين اوهان جي ڪا حيثيت ناهي۔ الله سان نسبت رڳو انهن کي حاصل ٿيندي، جيڪي ايمان ۽ عمل سان اها نسبت قائم ڪن۔
يهودين جي تاريخ جو حوالو ڏنو ويو آهي ته انهن کان ميثاق وٺڻ کانپوءِ الله ان جي تجديد لاءِ لڳاتار رسول موڪليا، پر هنن پنهنجين خواهشن جي پيروي ڪئي۔ رسولن جي هڪ ٽولي کي ڪوڙو قرار ڏنو ۽ ڪن کي قتل ڪيو۔ الله جي مهلت کي هنن سمجهيو ته هاڻي ڪا پڪڙ نه ٿيندي، ۽ هو ماڳھين انڌا ۽ ٻوڙا بڻيا رهيا۔

(آيتون 72 کان 77): عيسائين جي ڪفر جو بيان آهي ته هنن مسيح جي تعليمات جي بلڪل برخلاف حلول ۽ تثليث جا عقيدا ايجاد ڪيا۔ حضرت مسيح ۽ سندن والدھ جي اصلي مقام ۽ مرتبي جي وضاحت ڪئي وئي آهي، ۽ عيسائين کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هڪ گمراھ قوم جي ايجاد ڪيل بدعتن جي پيروي ڪري هنن پاڻ کي هلاڪت ۾ وڌو آهي۔

(آيتون 78 کان 86): بني اسرائيل تي حضرت دائود ۽ حضرت مسيح جي لعنت جو حوالو ڏنو ويو آهي۔ ڪفر دوستي ۽ اسلام دشمنيءَ جي جوش ۾ مڪي جي مشرڪن سان سندن دوستيءَ ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي۔ اسلام دشمنيءَ ۾ يهودين، قريش جي مشرڪن ۽ عيسائين جي مزاج جي وچ ۾ فرق بيان ڪيو ويو آهي۔ حق پرست عيسائين جي حق پسندي ۽ اسلام دوستيءَ کي ساراھيو ويو آهي۔

(آيتون 87 تا 105): سورت جي شروعات ۾ بيان ڪيل حلال ۽ حرام جي احڪامن جي ڪجهه پهلوئن جي وضاحت ڪئي وئي آهي ۽ انهن سان لاڳاپيل سوالن جا جواب ڏنا ويا آهن۔ الله جيڪي شيون حلال ڪيون آهن، انهن کي پنهنجي طرفان حرام قرار ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي۔ عهد ۽ وچن جي احترام بابت قسم جي باري ۾ احتياط ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي ۽ ارادي سان کنيل قسم ٽوڙڻ جو ڪفارو بيان ڪيو ويو آهي۔
شراب، جوا، انصاب (آسٿانن تي نذر پيش ڪرڻ) ۽ ازلام (پانسا) جي قطعي حرمت جو اعلان ڪيو ويو آهي، ۽ شراب ۽ جوا جي شرعي ۽ معاشرتي بڇڙاين کي واضح ڪيو ويو آهي۔ جيڪي ماڻهو آھستي آھستي تحريم ۽ تحليل جي ڏس ۾ الله جي احڪامن جو احترام ڪندا رهيا آهن، انهن کان گذريل غلطين تي ڪو پڇاڻو ناهي۔
احرام جي حالت ۾ شڪار جي ممانعت هڪ سخت آزمائش قرار ڏني وئي آهي؛ تنهن ڪري ان باري ۾ بيدار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ۽ جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وڃي ته ان جو ڪفارو ڇا هوندو، اهو بيان ڪيو ويو آهي۔ پڻ هن ممانعت ۾ جيتري رخصت آهي، ان جي به وضاحت ڪئي وئي آهي۔
ڪعبي ۽ ان سان لاڳاپيل سڀني شعائر جو سدائين احترام ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي، ۽ اهو چتاءُ ڏنو ويو آهي ته رسول جو ڪم الله جون هدايتون پهچائڻ هو، هن پهچائي ڇڏيون آهن؛ هاڻي ذميواري ماڻهن جي پنهنجي آهي۔ برائي جي گهڻائي، برائي جي جواز جو دليل نٿي بڻجي سگهي؛ تنهن ڪري دانشمندي ۽ فلاح جي راهه اها آهي ته برائيءَ کان بچيو وڃي۔
غير ضروري سوال ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، ۽ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ته اهڙي روش سبب يهودين کي ڪيئن نقصان پهتو۔ تحريم ۽ تحليل جي سلسلي ۾ قريش جون ڪجهه بدعتون بيان ڪري سندن وڏڙن جي انڌي تقليد تي ڇنڊ ڪڍي وئي آهي، ۽ مسلمانن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جيڪي ماڻهو نٿا ٻڌن، انهن کي سندن حال تي ڇڏي ڏيو۔

(آيتون 106 کان 108): حق جي گواھي ۽ عهد ۽ قسم جي حفاظت جي لحاظ کان، سفر جي حالت ۾ وصيت ڪرڻ جو حڪم بيان ڪيو ويو آهي ۽ ان سان لاڳاپيل گواهيءَ جو قانون ٻڌايو ويو آهي۔ جيڪڏهن ان سلسلي ۾ ڪو شڪ شبھو پيش اچي ته ان جي حل جو طريقو به ٻڌايو ويو آهي۔

(آيتون 109 کان 120): سورت جي پڄاڻي): قيامت جي ڏينهن نبي سڳورا پنهنجي پنهنجي امتن بابت گواھي ڏيندا ته هنن الله جي طرفان ماڻهن کي ڇا ٻڌايو، ڇا سيکاريو، ۽ ڪهڙين ڳالهين ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو عهد ورتو، ته جيئن هر امت تي حجت قائم ٿي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن بدعهدي ڪئي آهي ته ان جي ذميواري سراسر ان تي آهي، الله جا رسول ان کان آجا آهن۔
ان گواھيءَ جي نوعيت کي واضح ڪرڻ لاءِ بطور مثال حضرت عيسيٰ عليه السلام جي گواھيءَ جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي، ته جيئن چٽيءَ طرح ظاهر ٿي وڃي ته الله پنهنجن نبيَن ۽ رسولن تي حق جي گواھيءَ جي جيڪا ذميواري وڌي آهي، اهي ان بابت الله آڏو جوابدار هوندا؛ ۽ انهن جي ذريعي امتن الله سان جيڪو عدل انصاف تي قائم رھڻ ۽ حق جي گواھي ڏيڻ جو جيڪو عهد ڪيو آهي، اهي ان لاءِ اھي جوابدار ھونديون۔
آخرت ۾ ڪاميابي ۽ الله جي خوشنودي انهن کي نصيب ٿيندي، جيڪي هن عهد کي سچائيءَ ۽ وفاداريءَ سان نڀائيندڙ ثابت ٿيندا۔ (تدبرِ قرآن)

Address

Jam Shoro

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Islamic Centre Jamshoro ICJ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Islamic Centre Jamshoro ICJ:

Shortcuts

Share

Category