Shah Abdul Latif Bhittai Govt. Higher Secondary School Islamkot

Shah Abdul Latif Bhittai Govt. Higher  Secondary School Islamkot Shah Abdul Latif Bhittai Government Higher Secondary School Islamkot

الوداعي تقريب | SALB GHSS اسلام ڪوٽشاهه عبداللطيف ڀٽائي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول اسلام ڪوٽ ۾ سينيئر اسٽاف سپرنٽينڊنٽ...
18/09/2026

الوداعي تقريب | SALB GHSS اسلام ڪوٽ

شاهه عبداللطيف ڀٽائي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول اسلام ڪوٽ ۾ سينيئر اسٽاف سپرنٽينڊنٽ سائين گل محمد بجير صاحب جي سروس مڪمل ٿيڻ تي هڪ پُروقار الوداعي تقريب احترام ۽ محبت سان منعقد ڪئي وئي.

اسڪول جي سموري اسٽاف پاران سائين گل محمد بجير صاحب کي سروس مڪمل ڪرڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي وئي ۽ سندن محنت، خلوص، ذميواري ۽ اداري لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهيندي کين زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو.

تقريب جي پڄاڻيءَ تي سائين گل محمد بجير صاحب جي مستقبل جي زندگيءَ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ويو.

الله پاڪ کين هميشه خوش، صحتمند، ڪامياب ۽ شاد آباد رکي. آمين.

Grand Test | SALB GHSS IslamkotToday, the First-Year students of Shah Abdul Latif Bhittai Government Higher Secondary Sc...
16/09/2026

Grand Test | SALB GHSS Islamkot

Today, the First-Year students of Shah Abdul Latif Bhittai Government Higher Secondary School, Islamkot participated in a Grand Test as part of the institution’s ongoing academic assessment and preparation programme.

Regular assessments play a vital role in the learning process. They enable students to reinforce their concepts, assess their level of preparation, identify areas requiring further improvement, and build confidence for their upcoming examinations.

Such academic activities reflect the school’s commitment to promoting quality education, continuous assessment, academic discipline, and excellence among students.

We wish all our students continued success in their academic journey.

SALB GHSS Islamkot — Striving for Academic Excellence.

Thar Cricket Academy Inspires Young StudentsIslamkot, September 1, 2026:Today, the Thar Cricket Academy coaching team, a...
01/09/2026

Thar Cricket Academy Inspires Young Students

Islamkot, September 1, 2026:
Today, the Thar Cricket Academy coaching team, along with the academy representative, visited Higher Secondary School and Main Middle Boys School in Islamkot to engage and motivate young students toward sports and cricket.

During the sessions, the coaches interacted with the students, shared their experiences, and encouraged them to join the Thar Cricket Academy, develop their cricketing skills, and make productive use of their leisure time through sports.

The initiative aims to provide young talent from Thar with opportunities to discover their potential, build discipline and teamwork, and pursue their passion for cricket in a structured and positive environment.

Play Cricket, Stay Active, Build Your Future. 🏏

حضور آئے تو سرآفرینش پاگئی دنیا ،اندھیروں سے نکل کر روشنی میں آگئی دنیا،شاھ عبداللطيف ڀٽائي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول...
25/08/2026

حضور آئے تو سرآفرینش پاگئی دنیا ،
اندھیروں سے نکل کر روشنی میں آگئی دنیا،

شاھ عبداللطيف ڀٽائي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول اسلام ڪوٽ ۾ جلسۂ سيرت النبي ﷺ ۽ ذڪرِ ميلادِ مصطفىٰ ﷺ جي روح پرور بزم سجائي وئي، جنهن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار، خاتم النبيين حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ذاتِ اقدس تي درود و سلام پيش ڪيو ويو.

تقريب دوران شاگردن سيرت النبي ﷺ جي مناسبت سان تقريرون پيش ڪندي حضور اڪرم ﷺ جي مبارڪ زندگي، اخلاق ۽ اعليٰ ڪردار تي روشني وڌي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نبي ڪريم ﷺ جي ذاتِ مبارڪ ۽ سيرتِ طيبه سموري انسان ذات لاءِ هڪ مثالي نمونو آهي. اسان سڀني کي گهرجي ته پاڻ سڳورن ﷺ جي سيرت ۽ تعليمات تي عمل ڪري پنهنجي زندگيءَ کي سنواريون.

ان موقعي تي شاگردن نعت خواني ذريعي حضور نبي ڪريم ﷺ جي شانِ اقدس ۾ عقيدت جا گل نڇاور ڪيا ۽ پنهنجي بي مثال محبت جو اظهار ڪيو.

شاگردن جي علمي ۽ ديني ڄاڻ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سيرتِ طيبه تي ڪوئيز ڪامپيٽيشن پڻ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن وڏي جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو.

مختلف استادن پنهنجي خطابن دوران نبي ڪريم ﷺ جي مبارڪ زندگيءَ جي مختلف پاسن تي روشني وڌي ۽ شاگردن کي سيرتِ طيبه مان رهنمائي حاصل ڪرڻ جي تلقين ڪئي.

تقريب جي پڄاڻيءَ تي مختلف مقابلن ۾ حصو وٺندڙ ۽ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ انعامات ورهايا ويا.

الله پاڪ اسان سڀني کي نبي ڪريم ﷺ جي سيرتِ طيبه تي هلڻ ۽ سندن تعليمات کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻائڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين۔ ﷺ❤️

14/08/2026

Independence Day Celebration at Shah Abdul Latif Bhittai Government Higher Secondary School Islamkot 🇵🇰

13/08/2026
📢 داخلا جاري آهنشاھ عبداللطيف ڀٽائي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول اسلام ڪوٽ ۾ سيشن 2026 لاءِ يارهين ڪلاس ۾ داخلائون جاري ...
18/07/2026

📢 داخلا جاري آهن
شاھ عبداللطيف ڀٽائي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول اسلام ڪوٽ ۾ سيشن 2026 لاءِ يارهين ڪلاس ۾ داخلائون جاري آهن.
شاگرد پنهنجي پسند موجب ڪنهن به سبجيڪٽ اسپيشلائيزيشن ۾ داخلا وٺي سگهن ٿا.
داخلا لاءِ گهربل دستاويز:
شاگرد جي بي فارم جي فوٽو ڪاپي
والد جي شناختي ڪارڊ (CNIC) جي فوٽو ڪاپي
نائين ڪلاس (2025) جي مارڪ شيٽ جي فوٽو ڪاپي
ڏهين ڪلاس (2026) جي امتحاني سلپ جي فوٽو ڪاپي
ٻه پاسپورٽ سائيز جون تازيون تصويرون

Address

Islamkot
69240

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Shah Abdul Latif Bhittai Govt. Higher Secondary School Islamkot posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category