09/04/2026
ڪلھ بتاريخ 8 اپريل بروز اربع تي پارٽنر سائين مٺاخان سميجو اسڪول جو سرپرائيز وزٽ ڪري سڀني استادن توڙي شاگردن کان دوران ڪلاس سندن پڙهائي ۽ گذريل امتحانن کانپوء ايندڙ سال لاء نئين حڪمت عملي تي ڳالھ ٻولھ ڪئي۔
اسڪول کي هر طرح سان بهتر ڪرڻ ۾ پوري ڪميونٽي کي گڏجي فرض نڀائڻو پوندو۔
والدين کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن کي ايندڙ سال وڌيڪ ذميواري سان اسڪول موڪلين اسان اڳ وانگي هردفعي آگاهي ڏيندا رهنداسين جيڪر ٻار اسڪول نٿو پهچي يا ذميوار ناهي ۽ پوء به والدين ان تي ڪوبه تحرڪ نٿو وٺي ته گهڻو غيرحاضر رهندڙ شاگردن جا سرٽيفڪيٽ سندن والدين کي واپس ڪيا ويندا ۽ گڏوگڏ نئين سال لاء سڀني والدين کي اسڪول جي قانونن کي سمجهي ۽ ان سان اتفاق توڙي عمل ڪرڻو پوندو ان لاء والدين سان مختلف وقتن تي انهي هفتي ۾ گڏجاڻيون ڪري اسڪول اچي انهي قوانين تي عمل ڪري پنهنجي ذميواري نڀائڻ لاء پابند ڪيو ويندو۔
سڀني معزز والدين کي اطلاع ٿو ڏجي ته بتاريخ 10-11-12 اپريل تي اسڪول اچي پنهنجي ٻار جي ايندڙ سال جي ذميواري واري شرطن کي ٻڌي پڙهي ۽ سمجهي ان سان متفق ٿي وڃن جيئن سندن ٻار کي معياري ۽ بهتر تعليم ملي سگهي ۽ نون ڪلاسن جي صحيح سان شروعات ڪري سگهجي۔
پهرين گڏجاڻي ڳوٺ مومن منڱريو ۾ ٿي گذري واضع ڳالھ ٻولھ کانپوء کين ڏھ تاريخ تي اسڪول طلب ڪيو ويو جتي اهي نئين سال لاء ذميواري نڀائڻ جو وچن ڪن۔
ادارو۔
M K Samejo M Saqib Janjhi Dolat Rathore Mushtaque Janjhi Abdul Hafeez Mangrio Jeewan Damrani 💗