Government Boys High School Muhammad Yousuf Agheem Seri

Government Boys High School Muhammad Yousuf Agheem Seri

Share

Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Government Boys High School Muhammad Yousuf Agheem Seri, Education Website, Seri Taluka & District Hyderabad, Hyderabad.

“اسان جي ڪوشش آهي ته هر شاگرد کي اهڙو علم ۽ حوصلو ملي، جيڪو هن کي رڳو ڪامياب انسان نه، پر سماج لاءِ روشن مثال بڻائي.” 🌿📘
"هر شاگرد اسان لاءِ هڪ روشن ستارو آهي، جنهن جو چمڪندڙ مستقبل اسان جي ذميواري آهي." ✨🦋

Photos from Government Boys High School Muhammad Yousuf Agheem Seri's post 22/07/2026

ِ_اسڪول_محمد_يوسف_اگهيم_سيري_تعلقه_ضلعو_حيدرآباد ۾ هيڊ مسٽريس ميڊم شاهزين بشير ميمڻ جي نگرانيءَ هيٺ اسڪول جي بهتري لاءِ هلندڙ ترقياتي ڪمن تحت سموري اسڪولي فرنيچر جي مڪمل مرمت ڪرائي، ان کي نئين سر رنگ ڪرائي خوبصورت ۽ مضبوط بڻايو ويو آهي.

هاڻي اسڪول جو فرنيچر بلڪل نئين حالت ۾ نظر اچي رهيو آهي، جيڪو نه صرف اسڪول جي خوبصورتي ۾ واڌارو آڻي رهيو آهي، پر شاگردن کي صاف، آرامده ۽ بهتر تعليمي ماحول پڻ فراهم ڪري رهيو آهي. يقيناً اهڙا قدم ٻارن جي پڙهائي ۾ دلچسپي، سڪون ۽ تعليمي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.

اسڪول انتظاميا معياري تعليم سان گڏ بهترين تعليمي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، جيئن شاگردن کي سکيا لاءِ سازگار ۽ خوشگوار ماحول ملي سگهي.

Photos from Government Boys High School Muhammad Yousuf Agheem Seri's post 19/07/2026

ِ_اسڪول_محمد_يوسف_اگهيم_سيري_تعلقه_ضلعو_حيدرآباد

هيڊمسٽريس ميڊم شاهزين بشير ميمڻ جي نگراني هيٺ اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ 2026 مان اسڪول جي ترقياتي ڪمن جو سلسلو جاري آهي.

اسڪول جي گرائونڊ ۾ اسٽيج جي تعمير مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هاڻي ان تي ماربل لڳائڻ جو ڪم تيزي سان جاري آهي، جنهن سان شاگردن جي تعليمي، ثقافتي ۽ قومي تقريبن لاءِ هڪ خوبصورت، محفوظ ۽ معياري اسٽيج مهيا ٿيندو.

اسان اميد ڪريون ٿا ته اهڙا ترقياتي قدم اسڪول جي ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائيندا ۽ شاگردن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.

Photos from Government Boys High School Muhammad Yousuf Agheem Seri's post 04/07/2026

گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول محمد يوسف اگهيم سيري ۾ هيڊ مسٽريس ميڊم شاهزين بشير ميمن جي نگرانيءَ هيٺ اسڪول اسپيشل بجيٽ مان اسڪول جي ننڍن ۽ وڏن مرمتي ڪمن جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هاڻي اسڪول اندر ٽٽل بينچن، ڊيسڪن ۽ ٻين فرنيچر جي مرمت جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي.

هن مرمتي ڪم جو مقصد شاگردن لاءِ وڌيڪ بهتر، محفوظ ۽ آرامده تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ آهي، جيئن ويهڻ جي گنجائش ۾ واڌ اچي ۽ شاگردن کي وڌيڪ سهولتون مهيا ٿي سگهن.

انشاالله هي مرمتي ڪم پڻ جلد مڪمل ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ اسڪول جي بنيادي سهولتن ۽ تعليمي ماحول ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.

بهتر تعليم، بهتر سهولتون — اسان جو گڏيل عزم.

Photos from Government Boys High School Muhammad Yousuf Agheem Seri's post 28/06/2026

🏫 گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول محمد يوسف اگهيم سيري تعلقه و ضلعو حيدرآباد جي بهتري لاءِ هڪ اهم قدم 🏫

هيڊمسٽريس صاحبه شاهزين بشير ميمڻ جي نگرانيءَ هيٺ تعليمي سال 2026–27 جي اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ مان اسڪول جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو تيزيءَ سان جاري آهي.

هن مرمتي ڪم ۾ اسڪول جي عمارت جي مختلف حصن جي وڏي ۽ ننڍي نوعيت جي مرمت ڪئي پئي وڃي، جيئن شاگردن ۽ استادن لاءِ وڌيڪ محفوظ، صاف سٿرو ۽ بهتر تعليمي ماحول مهيا ٿي سگهي.

اسان دعاگو آهيون ته هي ڪم جلد مڪمل ٿئي ۽ اسان جو اسڪول اڳ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ بهتر بڻجي.

04/04/2026
12/03/2026

سڀني والدين کي اهو اطلاع ڪجي ٿو ته سڀاڻي جمع 13 مارچ 2026 تي امتحان جو پيپر ورتو ويندو. پنهنجن ٻارن کي امتحان لاءِ اسڪول ضرور موڪليو. اسڪول جي ڪابه موڪل نه آهي. صرف سرڪاري آفيسن جي موڪل آهي.
هيڊ ماستر
گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول محمد يوسف اگهيم سيري.

15/02/2026

چوٿين کان ڪلاس اٺين تائين سالياني امتحان 2025-26 جو شيڊول پڌرو.
امتحان سومر 02 مارچ 2026 کان جمعو 13 مارچ 2026 تائين جاري رهندا.

Want your school to be the top-listed School/college in Hyderabad?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Website

Address

Seri Taluka & District Hyderabad
Hyderabad
71000