Dr Shoaib Jaan Channa

Dr Shoaib Jaan Channa

Share

I am a Simple Person With a Completed Mind محبت قیمتی ہے
مگر عزت انمول ہے

03/10/2021

Mention your favourite artist and see if he/she replies you 🔥

Photos from Dr Shoaib Jaan Channa's post 12/06/2021

Have A Great Time With Respected Brother's
Stay Blessed ❤️

24/05/2021

پيغمبري پيشو يا ڪاروبار.. 😇
مونکي نہ ٿو لڳي تہ اوهان کان موت بعد حج، عمرا يا روزن، نمازن بابت پڇيو ويندو،
ڇو جو اوهان الله جي حقوق تائين پهتا ئي ناهيو
اوهان سڀ انساني حقوق تائين ئي ٺڳي تي لهي پيا آهيو،
منهنجا ڪافي استاد جيڪي اسلاميات جو درس ڏيندا هئا اهي پنهنجي پيشي تان هٽي ڪري ڪاروباري ذهن اختيار ڪيون ويٺا آهن،
جتي پاڻ پڙهائن ٿا
جتان پگهارون کڻن ٿا
ان اسڪول کي پينو بڻائي پنهنجي پرائيويٽ اسڪولن کي چمڪايو ڇڏيو اٿن،
هڪ استاد جيڪو پنهنجي روزي ۽ ڪردار سان سچو ناهي اهو ڪيئن پنهنجي ضمير سان سچائي ڪندو،
جڏهن اسان پڙهندا هئاسين تڏهن ساڳيا ئي اسڪول ساڳيا ئي استاد هوندا هئا ۽ سٺي تعليم هوندي هئي،
اڄ اهي ئي اسڪول مال جي واڙن جيان ويران بڻجي ويا آهن،
نہ ڪوئي پلي ايريا آهي
نہ ڪو باغيچو،
اتي ئي پڙهائيندڙ استاد
جنهن جا پرائيويٽ اسڪول فارين جي اسڪولن جيان چمڪندڙ نظر اچن ٿا ،
۽ فخر سان چيو وڃي ٿو تہ هي اسڪول ڦلاڻي استاد جو آهي
پر کائنس ڪوئي پڇڻ وارو ناهي تہ سائين ڦلاڻو اسڪول بہ اوهان جو ئي آهي اتي ڇو جن ۽ ڀوت نوابن جيان رهي رهيا آهن؟
هي مذهب پڙهائيندڙ
خدا جو خوف ڏيندڙ استاد
پنهنجي الڳ خدائي ٺاهيون ويٺا آهن
جيڪي استاد پنهنجي روزي سان سچا آهن ان جي پگهار مان پورت ٿي وڃي ٿي جيڪي لالچ ۽ ڪاروباري ذهن رکيون ويٺا آهن جن جا چار چار پرائيويٽ اسڪول آهن اهي اڃان بہ گهڻي لاء پريشان آهن تہ مولا يا ڦٻان يا ڦٻان،
اوهان جو پيشو اهو واحد پيشو آهي جيڪو هر لحاظ کان انسان کي آسائتو بڻائي ٿو
پر اڄ جا اوهان جا ڏنل سبق ۽ صورتخطي مان لالچ ۽ حرص جي ڌپ اچڻ لڳي ٿي.
اوهان ڀلي هڪ نہ پر هزار پرائيويٽ اسڪول کوليو پر ٻنهي ۾ ھڪ جھڙائي پيدا ڪيو،
تعليم تربيت اوهان جي ئي هٿ آهي منهنجا استادو
پنهنجي مفاد خاطر ٻارڙن کي لالچ ۽ لوڀ جي آڙاھ ۾ نہ وجهو سڀاڻي اهي ئي ٻار چڻنگ بڻجي اوهان لاءِ ناسور بڻجي سگهن ٿا،
ڪنب شهر جي ڀرپاسي ۾ جيترا بہ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ استاد آهن اوترا ئي انهن جا پرائيويٽ اسڪول آهن.
ڏٺو وڃي تہ اهو استاد سرڪاري اسڪول ۾ گهٽ پر پرائيويٽ اسڪول کي وڌيڪ ٽائيم ڏئي ٿو،
جتان هو پلجي پلجي اچي هن مقام تي پهتو آهي ان اسڪول ۾ ان کي ڊيوٽي ڪندي بڇان ٿي لڳي،
هي حال آهي اڄ جي استاد جو،
نہ استاد ٿو سرخرو سڏجي نہ ٻار ٿو داناء سڏجي
هڪ بئي پويان ٻئي هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ٿا چاهن،
جيڪو پاڻ ڪرندو اهو اڳلي بہ

18/05/2021

Beshak ❤️

02/05/2021

ڏکن سان ڀريل💔

غريبن جو روزو😥

ھُن پنھنجي پوڙھي جيجل ماءُ کي ڏسي؛
اھو ضد ڪيو تہ امان او امان،
اڄ آئون بہ روزو رکندس!؟
ماڻس جواب ڏيندي چيو! نہ پٽ توکان روزو ڪون جھلبو.
توکي ڏينھن جو اڃُ بکُ پُٽ جا لڳندي.
پٽ جواب ڏيندي چيو! امان تون کي ڇا بک ڪون لڳي؟
تون سڀ روزا رکندي آئين.
دل ۾ چوڻ لڳي پُٽ توکي ڇا خبر؟
تون تہ اڃا معصوم آئين!
نيٺ اولاد جا انگل آڙا مائٽ کي کڻڻا پون ٿا.
ھا! پُٽَ ھاڻي تون سمھي پئو؛اڄ رات توکي روزو رکائينديس.
ھوء پٽ کي ننڊ جي لولي ڏئي.
پاڙي ۾ نڪري وئي!
مايوس ٿي وڃي مائي وسائي جي گھر جي ڀِتُ ڀرسان بيٺي!
ھنُ دل کي پٿر رکي سخڻو ڳالھيو تہ ادي وسائي اڃا ماني پچائين پئين؟
مائي وسائي ڪو بہ جواب نہ ڏنو.
اندر ۾ اھو بُڻڪڻ لڳي مئي ڪا صدا ھڻڻ اچي وئي.
ڪجھ خاموشي ........ کان پوء ھن وري ڳالھندي چيو تہ ادي منھنجو ھڪڙو ننڍڙو سوال آھي؟
مائي وسائي ڪاوڙ منھنجا چوڻ لڳي مائي تنھنجا ھڪ ٻئي ڏينھن سوال کٽن نٿا؟
ڦاٽ وري ڪھڙو "کنڊ جو جھاز ٻُڏو اٿئي"•
ادي منھنجي ننڍڙي پٽ روزي لاء ضد ڪيو آھي.
چوي ٿو امان آئون بہ روزو رکندس؟
ان جي لاء ادي مونکي ٻن مانن جو اٽو ڏئي؟
مائي وسائي چوڻ لڳي:مائي منھنجو آھيئر روز ٻہ ڪلو اٽو آڻي اسان جي پوري مس ٿئي ٿي.
وري اوھان جھڙيون پينون نڪريون اچن.
برحال گھڻي جھٺ کان پوء ھن ھڪ پرڻ اٽي جو ڏنو.
ھُوء اھو اٽي جو پرڻ کڻي ٻاھر نڪرندي زاروقطار روئڻ لڳي.
چوڻ لڳي اي خدا! تون چوندو آئين تہ روزي جو مون لکنيو آھي؟
پوء اڄ اسان جي روزي ڪيڏانھن وئي.
بس ڪيتريون ئي ميارون ڏيندي گھر پھتي.
سڄي رات سوچيندي رھي!!.
سحري جو وقت ٿيو تہ ماني پچائي روئڻ ويٺي، چوڻ لڳي ھي ڪھڙي مصيبت آئي آھي.
پنھنجي ٻچي جي سواء رُکي ماني جي ٻيو ڪجھ بہ نہ آھي.
نيٺ روئيندي روئندي وڃي پنھنجي ٻچي کي اٿاريو.......
پٽ او پٽ اٿي روزو رک نہ پٽ؛ تو چيو پئي آئون امان روزو رکندس. پٽ اُٿي ھاڻ روزو رک!
پٽ بہ اکيون ماٽيندي اچي چھل تي ويٺو.
ماڻس لڙڪ ڳاڙيندي رکي ماني اڳيان رکي.
سندس پٽ رکي ماني ڏسي ھڪ ٻہ گراء ھڻي ماڻس جي منھن ۾ ڏسڻ لڳو..
ماڻس روئندي سندس ڇاتي لاٿو.
بس سڄو ڏينھن ائين گذريندي اچي شام ٿئي.
امان او امان: مونکي پيسا ڏي آئون بہ شھر وڃان ؟
ڳوٺ جا سڀ ٻار وڃن پيا فروٽ وٺڻ.
وري ماء جي مٿان ھڪ ڀيرو ٻيھر پھاڙ ڪري پيو.
نيٺ ماء آخر ماء آھي.
پٽ جي خوشي لاء ھن پنھنجي اوڍڻ جي پراڻي رلي پاڙي جي مائي صفوران ڏي کڻ اوڍڻ جي پراڻي رلي پاڙي جي مائي صفوران ڏي کڻي وئي!
ادي ھي رلي رک مون کي پيسا ڏي مون کي ضرورت آھي.
مائي صفوران: موقعي جو فائدو وٺندي چوڻ لڳي؟
مائي ھي رلي پراڻي آھي آئون ھن جا پنجاھ رپيہ ڏيندس.
جي قبول ھجين تہ بسم اللہ ڪر.
بس مجبورن اھا رلي ڏئي پنجاھ رپيا کڻي اچي پٽ کي ڏنا.
پٽ اچي ھي پيسا وٺ وڃ شھر مان فروٽ وٺي اچ؟
پٽ اھي پنجاھ رپيا کڻي جنھن مان ويھ روپيا ڪرايو اچ وڃ جو باقي 30 روپيا بچا.
شھر پھچي وڃي فروٽ واري گاڏي تي پھتو.
جتي اعلان ھلي رھيو ھو. پنجاھ رپيا ڪلو ڇانھين،پنجاھ رپيہ ڇانھين ڪلو پيور

21/04/2021

انا للہ وانا الیہ راجعون
انتھائي افسوسناڪ خبر ڀيڻ آسمه ڀٽو جو والد ۽ سندس ٻه سئوٽ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ انتقال ڪري ويا آهن,
اللّه پاڪ ڀيڻ توھان کي ۽ فيملي کي صبر عطا فرمائي.
Asma Bhutto

15/04/2021

وڻ پنهنجو ميوو پاڻ ناهي کائيندو ۽ درياء پنهنجو پاڻي پاڻ ناهي پيئندو ڇو جو ته ٻين جي لاء جيئڻ ئي اصل زندگي آهي
غريبن جي مدد ڪريو هي دنيا دولت اتي ئي رهجي ويندي ڪفن ۾ کيسو ناهي هوندو سو ضرورت مندن غريبن جي مدد ڪريو
۽ وڏي ڳالھ ته اها آهي جو موت جو فرشتو رشوت به ناهي وٺندو پوء هي ايتري دنيا دولت ڪهڙي ڪم جي

Want your school to be the top-listed School/college in Hyderabad?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Address

Hyderabad