14/04/2026
اسان جي لا ھڪ تاريخي ڪاميابي، موسيٰ کٽياڻ جي پرائمري اسڪول کي سنڌ سرڪار جي طرفان اپگريڊ ڪري ايليمنٽري جو درجو ڏنو ويو آھي. تاريخ ۾ پھريون ڀيرو موسيٰ کٽياڻ جي پرائمري اسڪول ۾ ڇھين ڪلاس ۾ داخلائون ڏئي ڪتابن جي ورھاست ڪئي وئي. مختلف شاگردن جي مائٽن طرفان ھمت افزائي۽ اعتماد تي اسان والدين جا شڪر گذار آھيون.
27/02/2026
محترم والدين السلام عليڪم
اوھان کي اطلاع ڏنو وڃي ٿو تہ سالانہ امتحان 2026ع جو ٽائم ٽيبل جاري ڪيو ويو آھي. مهرباني ڪري ڏنل شيڊيول مطابق پنھنجن ٻارن کي مڪمل تياري ڪرائيندا. خاص طور تي آگاهي ڏجي ٿي تہ 2 مارچ 2026ع تي پھريون پيپر ورتو ويندو.
والدين صاحبن کي گذارش آھي تہ ٻارن کي سليبس مطابق ڀرپور تياري ڪرائين، جيئن ھو سالانہ امتحان ۾ بھترين ڪارڪردگي ڏيکاري سگھن.
اوھان جو تعاون اسان لاءِ انتهائي اهم آھي.
انتظاميه
Government Boys Elementary Lower Secondary School Moosa Khatian.
11/01/2026
موسي کٽياڻ اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻارن جي والدين کي اطلاع ڪجي ٿو ته سڀاڻي يعني سومر کان 26 جنوري تائين اسڪول اسيمبلي صبح 9 بجي ٿيندي۔
31/12/2025
گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري موسي کٽياڻ اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ سندن والدين کي اطلاع ٿو ڪجي تہ سياري جون موڪلون ختم ٿيڻ کانپوءِ سڀاڻي 1 جنوري کان اسڪول کُلي رهيا آهن،تنهن ڪري پنهنجي ٻارن کي موسم جي مطابق گرم ڪپڙا پهرائي وقت جي پابندي سان اسڪول موڪليندا.
14/09/2025
📢 Celebration of Eid Milad-un-Nabi (ﷺ) at GBPS MOOSA KHATIAN TALUKA HYDERABAD (403010075) 🌙✨
Our school had the honor of celebrating the auspicious occasion of Eid Milad-un-Nabi (ﷺ) with great devotion and reverence. The program was filled with heartfelt recitations of Na‘at-e-Rasool (ﷺ), speeches highlighting the life and teachings of the Holy Prophet Muhammad (ﷺ), and reflections on the values of kindness, compassion, and peace that he exemplified.
The event provided students with an opportunity to deepen their understanding of the Seerat-un-Nabi (ﷺ) and to reaffirm their commitment to embodying his noble character in their daily lives. Teachers and students alike participated with enthusiasm, making the celebration both educational and spiritually enriching. In last, rice served to the students by our school teachers.
We extend our gratitude to all participants for their dedication in arranging such a meaningful program. May we continue to learn from the blessed life of the Prophet Muhammad (ﷺ) and uphold his message of love, peace, and humanity. 🌿💫