SINDH Samaaji Sath سنڌ سماجي سٿ

SINDH Samaaji Sath سنڌ سماجي سٿ

Share

January 01, 2021

Photos from ‎سنڌ ساگر پارٽي‎'s post 06/06/2026
05/06/2026
Photos from ‎SINDH Samaaji Sath سنڌ سماجي سٿ‎'s post 05/06/2026

*حيدرآباد ۾ پروفيسر ڊاڪٽر علي مرتضا ڌاريجي لاءِ ارمانائتي گڏجاڻي*
حر ڪيمپ حيدرآباد ۾ *عظيم سنڌي سائنسدان پروفيسر ڊاڪٽر علي مرتضا ڌاريجي* لاءِ ارمانائتي گڏجاڻي ڪھاڻيڪار ۽ سماج سڌارڪ زاھد مرتضا جي صدارت ھيٺ خميس چوٿين جون ۲۰۲۶ع تي ٿي .
*عظيم سنڌي سائنسدان پروفيسر ڊاڪٽر علي مرتضا ڌاريجي جي شخصيت ۽ سندس خدمتن بابت سندس فرزند زاھد مرتضا، فھيم نوناريءٓ، حسين سارنگ ۽ محمد علي گھانگھري ويچار ونڊيا . گڏجاڻيءَ جي منڍ ۾ سنڌ سماجي سٿ جي چيف آرگنائيزر نواز نظاماڻي آجياڻي ڳالھ ٻولھ شرڪت ڪارن جا ٿورا مڃيا ۽ سٿ بابت ڄاڻ ڏني .

https://www.facebook.com/share/p/196qPjTn6d/

05/06/2026

عظيم انقلابي عالم علاما عزيز الله ٻوھئي صاحب جي علمي، ادبي ۽ سياسي ڪردار بابت پنھنجا ويچار لکو !

12/02/2026

سنڌ جي نامور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ڪُماري ڄيٺي سپاهيملاڻي، 10 فيبروري 1906ع تي حيدرآباد (سنڌ) ۾ سپاهيملاڻي خاندان ۾ تلسيداس سپاهيملاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد برطانوي هندستان جي فوج ۾ ليفٽيننٽ جي عهدي تي فائز هو. گهراڻي جي نظم، ضبط ۽ قومي شعور ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ جي شخصيت جي تشڪيل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ابتدائي تعليم حيدرآباد سنڌ مان حاصل ڪيائين. 1920ع ۾ خاندان ڪراچي منتقل ٿيو، جتي هن انڊين هاءِ اسڪول ڪراچي مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ پوءِ ڊي. جي. سائنس ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. شاگردي واري دور کان ئي هوءَ سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ سرگرم رهي. اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگرد تحريڪن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيائين ۽ شروعات کان ئي انڊين نيشنل ڪانگريس جي حمايتي رهي.

’کاڌي تحريڪ‘ دوران هن ولائتي ڪپڙا ساڙي ڇڏيا ۽ کاڌي پائڻ اختيار ڪيو. جڏهن سائمن ڪميشن هندستان آئي ته ڄيٺي سپاهيملاڻي شاگردن کي منظم ڪري “سائمن گو بيڪ” جا نعرا هڻايا ۽ ڪارا جهنڊا کڻايا. 1929ع ۾ هن باقاعده تعليم ڇڏي قومي خدمت لاءِ پاڻ وقف ڪري ڇڏيو ۽ ساڳئي سال لاهور ۾ آل انڊيا ڪانگريس اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

سنڌ ۽ هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ دوران کيس ڪيترائي ڀيرا جيل وڃڻو پيو. 1930–31ع ۾ قيد ڪاٽيو، جڏهن ته 1932ع ۾ ڇهن مهينن لاءِ سابرمتي جيل موڪلي وئي. 1942ع ۾ ’ڪُئٽ انڊيا تحريڪ‘ دوران ٻين ڪانگريسي اڳواڻن سان گڏ سيڪيورٽي ايڪٽ هيٺ ٻن سالن لاءِ قيد ڪئي وئي. قيد دوران سندس صحت خراب ٿي پئي. سندس آزاديءَ جو مسئلو اسيمبليءَ ۾ به اُٿاريو ويو. ان وقت سنڌ ۾ مسلم ليگ جي حڪومت هئي ۽ جي. ايم. سيد مسلم ليگ سنڌ جو صدر هو. هو هوم منسٽر سان گڏ جيل ۾ کيس ملڻ ويو. هوم منسٽر آزاديءَ لاءِ شرط رکڻ چاهيو، پر ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ وڏي خودداريءَ سان اهڙي ڪنهن به درخواست کان انڪار ڪيو ۽ تاريخي لفظ چيا، جيڪي سندس همت ۽ وقار جي علامت بڻيا.

جڏهن سندس ماءُ سخت بيمار ٿي ته پئيرول تي عارضي آزادي ملي، پر ماءُ جي حالت وڌيڪ خراب ٿي ۽ پاڻ به بيمار ٿي پئي. حڪومت شرط رکڻ چاهيو ته هوءَ آزاديءَ بعد سياسي سرگرمين ۾ حصو نه وٺندي، پر ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ اهڙو شرط لکڻ کان انڪار ڪيو. نتيجي ۾ هوءَ جيل ۾ رهي ۽ پٺيان سندس ماءُ وفات ڪري وئي، جيڪا سندس زندگيءَ جو تمام ڏکوئيندڙ باب رهيو.

سياسي جدوجهد سان گڏ سماجي ۽ تعليمي ميدان ۾ به سندس ڪردار انتهائي اهم رهيو. 1928–29ع ڌاري هوءَ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي يوٿ لاج جي پريزيڊنٽ رهي. 1930ع کان 1935ع تائين ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ جي ميمبر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. عورتن جي تعليم لاءِ هن ڪراچيءَ ۾ نمايان ڪم ڪيو. هوءَ آل انڊيا وومين ڪانفرنس (سنڌ) جي پريزيڊنٽ، ڪستورٻاءِ گانڌي ميموريل فنڊ (سنڌ) جي پريزيڊنٽ ۽ نرسن ۽ مڊوائفن ڪائونسل جي پڻ سربراهه رهي.

1934ع ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي چونڊن ۾ هن مرد اميدوارن جي مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪري عورتن لاءِ نئون مثال قائم ڪيو. جڏهن سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ٿي، تڏهن سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ جنرل سيٽ تان عورتن جي نمائندي طور ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آئي. اسيمبليءَ ۾ سندس صلاحيتن کي ڏسي 1938ع ۾ کيس سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو. اهڙيءَ طرح هوءَ سنڌ اسيمبليءَ جي پهريئن عورت ڊپٽي اسپيڪر بڻجي، 6 سيپٽمبر 1946ع تائين هن عهدي تي فائز رهي.

سنڌ جي سياسي اٿل پٿل دوران جڏهن اتحاد پارٽي ۽ ڪانگريس گڏجي مخالفت ۾ ويٺا، تڏهن ڄيٺي سپاهيملاڻي ۽ جي. ايم. سيد گڏجي سياسي جدوجهد ڪئي. الهه بخش سومري جي وزارت سان اختلافن وقت هن الهه بخش سومري جو ساٿ ڏنو، جنهن مان سندس سياسي اصول پسندي ظاهر ٿئي ٿي.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به هوءَ ڪجهه وقت سنڌ ۾ رهي، پر 6 جنوري 1948ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيل وڳوڙن کان پوءِ مجبوراً بمبئي لڏي وئي. هندستان ۾ به هن سياسي ۽ سماجي خدمتون جاري رکيون. 1952ع کان 1962ع تائين پهريائين بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ پوءِ مهاراشٽرا ڪائونسل جي ڊپٽي چيئرمئن طور ڪم ڪيائين. 1958ع ۾ انگلنڊ ۾ ڪامن ويلٿ پارليامينٽري ايسوسيئيشن جي اجلاس ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي نمائندگي ڪيائين.

هوءَ بمبئيءَ جي نوجيون ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي چيئرمئن پڻ رهي ۽ هندستان ۾ سنڌين جي رهائش ۽ آبادڪاري لاءِ ڪيترين ئي هائوسنگ سوسائٽين جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هند ۾ وسندڙ سنڌين جي سماجي ۽ معاشي مسئلن جي حل لاءِ سندس خدمتون اڄ به ياد ڪيون وڃن ٿيون.

هي عظيم قومي خدمتگار آخرڪار بمبئي ۾ وفات ڪري وئي، پر سندس جدوجهد، خودداري، عورتن جي حقن لاءِ ڪيل قربانيون ۽ سياسي بصيرت سنڌ ۽ برصغير جي تاريخ ۾ هميشه زندهه رهنديون.

نوٽ: معلومات انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل آهي
چونڊ: ذوالفقار علي ڀٽي






Want your school to be the top-listed School/college in Hyderabad?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Telephone

Website

Address

Hyderabad
Hyderabad