28/01/2026
🌹🌹 الحمد الله 🌹🌹
ڪجھ ڏينھن پھريان 7 جنوري 2026 تي اسان جي اسڪول گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول الله بخش ٻلال ڪيمپس تعلقه ھالا ضلع مٽياري 🌹 ۾ ھڪ شاندار ۽ ڪامياب سائنسي ميلو ٿي گذريو جنھن ۾ ڊائريڪٽر اسڪول حيدرآباد ريجن سائين ممتاز علي کھيڙو صاحب ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سائين رحمت الله رند صاحب سميت پوري ضلع مٽياري جي معزز آفيسرن, ھيڊ ماسترن, گسٽا جي عھديدارن, معزز استاد صاحبان, معزز ڳوٺاڻن ۽ والدين جي ڀرپور شرڪت رھي.. ان ميلي ۾ پوزيشن کڻندڙ سائنسي ماڊلن کي مھمان خاص جي ھٿان شيلڊون ۽ انعامات پڻ ڏياريا ويا. ان پروگرام ۾ باقي حصو وٺندڙ شاگردن لا۽ اسڪول جي ھيڊ ماستر ناصر الدين مراد خان پٺاڻ ۽ FA باقر حسين ميمڻ ۽ جملي اسٽاف جي طرفان شيلڊون ۽ ميڊلس پڻ ڏنا ويا. جنھن جون ڪجھ جھلڪيون پيش ڪجن ٿيون. ۽
🌹🌹 الحمد الله 🌹🌹سائنسي ميلي سان گڏ ھڪ خوبصورت آرٽ گيلري پڻ سجائي وئي. ڊرائنگ ۾ سخت مقابلي کان پوء پھرين پوزيشن ڪلاس نائين جي شاگردياڻي پٺاڻي بنت محبوب علي ٻلال حاصل ڪري ورتي .
ٻئين پوزيشن سميرا بنت مشتاق علي ٻلال ڪلاس ستون
ٽئين پوزيشن نگھت ناز بنت محمد جمن ٻلال ڪلاس ڏھون حاصل ڪئي