02/01/2026
والدين لاءِ ضروري اطلاع
محترم والدين صاحب، اسلام عليڪم!
توهان کي اطلاع ڪجي ٿو ته سياري جي موڪلن کانپوءِ انڊس محمد ابڙو ميموريل هاءِ اسڪول باقاعده طور تي 1 جنوري کان کلي چڪو آهي.
ٻارن جي تعليمي تسلسل کي برقرار رکڻ لاءِ اسان چاهيون ٿا ته توهان هنن ڳالهين تي عمل ڪريو:
باقاعدگي: پنهنجي ٻارن کي روزاني بنياد تي اسڪول موڪليو ته جيئن هنن جو تعليمي نقصان نه ٿئي.
وقت جي پابندي: ٻارن کي اسڪول جي مقرر وقت تي موڪليو.
تفتيش: پڪ ڪريو ته ٻار اسڪول جو يونيفارم پهريل هجن ۽ سندن وٽ ضروري ڪاپيون ۽ ڪتاب موجود هجن.
تعليمي سال جو هي حصو امتحانن جي حوالي سان تمام اهم آهي، تنهنڪري توهان جو تعاون اسان جي لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي.
انتظاميه، انڊس محمد ابڙو ميموريل هاءِ اسڪول