GBPS Otaq Syed Bhawan Shah

  • Home
  • GBPS Otaq Syed Bhawan Shah

GBPS Otaq Syed Bhawan Shah GBPS Otaq Syed Bhawan shah

سيد ڀاون علي شاهه اسڪول ۾ شاگردن جي مختلف سرگرميون تعليمي ۽ غير تعليمي ٻنهي شعبن ۾ شامل هونديون آهن، جيڪي شاگردن جي ذهني...
07/10/2024

سيد ڀاون علي شاهه اسڪول ۾ شاگردن جي مختلف سرگرميون تعليمي ۽ غير تعليمي ٻنهي شعبن ۾ شامل هونديون آهن، جيڪي شاگردن جي ذهني، جسماني ۽ سماجي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون

Some click during the Celebrating of Independence Day
14/08/2024

Some click during the Celebrating of Independence Day

05/05/2024
ڪلاس۔چوٿون مضمون۔ انگريزيليسن ۔Health and Cleanliness هن سرگرمي جو بنيادي مقصد شاگردن جي ذھني ۽ تخليقي اوسر ڪرڻ ۔ سرگرمي...
05/05/2024

ڪلاس۔چوٿون
مضمون۔ انگريزي
ليسن ۔Health and Cleanliness
هن سرگرمي جو بنيادي مقصد شاگردن جي ذھني ۽ تخليقي اوسر ڪرڻ ۔ سرگرمي وسيلي پڙھڻ، صحت ۽ صفائي ۾ دلچسي پيدا ڪرڻ ۔صحت ۽ صفائي بابت شاگردن کي آڳائي ڏيڻ ۔
شاگردن سبق پڙھڻ کان پوء عملي طور تي گروپن ۾ ٻارن صفائي ۽صحت بابت سکياورتي۔
اسڪول اوطاق سيد ڀاون شاهه

Talented student of this school
28/04/2024

Talented student of this school

ڪلاس پنجون مضمون سائنس جي ساليانه پيپر 2024 ڪرائيندي اسڪول اوطاق سيد ڀاون شاهه
18/04/2024

Getting review of Class second for Annual Exam 2024

Important question for primary level
28/03/2024

Important question for primary level

Distribution of Bags among the Students at GBPS Otaque Syed Bhawan Shah
01/01/2024

Distribution of Bags among the Students at GBPS Otaque Syed Bhawan Shah

19/05/2023

جنرل سائنس
سوال 1 :سائنس ڇا کي چئجي ٿو؟
جواب : تجربن ۽ مشاهدن ذريعي حاصل ڪيل علم کي سائنس چئجي ٿو.
سوال 2 :سيل Cell يا جيوگهرڙو ڇا آهي؟
جواب : سڀني جاندارن جي بناوت جو بنيادي ايڪو سيل آهي.
سوال 3 :اينيمل ڪنگڊم ڇا کي چئبو آهي؟
جواب : هن ڌرتيء تي سڀئي جاندار هڪ وڏي دنيا ٺاهين ٿا ان کي اينيمل ڪنگڊم چئبو آهي.
سوال 4 :ورٽيبريٽ Vertebrate ڇا کي چئجي ٿو؟
جواب : اهي جانور جن کي پٺي َء جوڪرنگهو ٿئي ٿو. مثال: مينهن، ٻلي، ڪتو، شينهن وغيره
سوال 5 :اِنورٽيبريٽ Invertebrate ڇا کي چئجي ٿو؟
جواب : اهي جانور جن کي پٺي َء جو ڪرنگهو نه هجي. مثال: جيت، ڪيڙا وغيره.
سوال 6 :دنيا ۾ مڇين جا ڪيترا قسم آهن؟
جواب : 30 هزار کان به وڌيڪ.
سوال 7 :دنيا ۾ پکين جا ڪيترا قسم آهن؟
جواب : 9 هزار کان به وڌيڪ.
سوال 8 :دنيا ۾ جيتن جا ڪيترا قسم آهن؟
جواب : 8 لک کان به وڌيڪ.
سوال 9 :ايمفيبين Amphibian ڇا کي چئجي ٿو؟
جواب : اهي جانور جيڪي پاڻي َء ۽ خشڪي ٻنهي تي رهن. مثال: نانگ ،ڏيڏر ۽ ُڪمي وغيره
سوال 10 :مئمل Mammal ڇا کي چئبو آهي؟
جواب : اهي جانور جيڪي ٻچا ڄڻين ۽ پنهنجن ٻچن کي کير پيارين انهن کي مئمل چئبو آهي.
سوال 11 :سرد رت وارا جانور ڪهڙا آهن؟
جواب : مڇيون، ايمفيبين ۽ ريڙهيون پائيندڙ جانور.
سوال 12 :گرم رت وارا جانور ڪهڙا آهن؟
جواب :پکي ۽ مئمل.
سوال 13 :باريڪ خوردبيني جاندار ڇا کي چئجي ٿو؟
جواب : اهي باريڪ جاندار جن کي اسان ڏسي نٿا سگهون. مثال: وائرس بيڪٽيريا وغيره
سوال 14 :خوردبيني جاندارن کي ڪهڙن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي؟
جواب : وائرس، بيڪٽيريا ۽ فنجي.
سوال 15 :خوردبيني جو ڪهڙو ڪم آهي؟
جواب : خوردبيني شين کي پنهنجي اصل جسم کان تمام وڏو ڪري ڏيکاريندي آهي.
سوال 16 :بيڪٽيريا، وائرس ۽ فنجي ڪيترن سيلن وارا جاندار آهن؟
جواب : هڪ سيل وارا جاندار. ) وائرس جي بناوت ايتري ته ننڍي آهي جو ان کي خليو به نٿو چئي سگهجي (
سوال 17 :بيڪٽيريا جي شڪل ڪيئن هوندي آهي؟
جواب : ڪي سُين جهڙا، ڪي گول ۽ ڪي وري اسپرنگ جهڙا ٿين ٿا.
سوال 18 :انسانن ۽ جانورن جي آنڊي ۾ ڪهڙو بيڪٽيريا رهندو آهي؟
جواب : ايسچيريچيا ڪولي.
سوال 19 :ڏهي ٺاهڻ ۾ ڪهڙا باريڪ جاندار مائڪروبس مدد ڪندا آھن ؟
جواب : بيڪٽيريا
سوال 20 :زڪام ۽ فلو ڪھڙن باريڪ جاندارن جي ڪري ٿيندو آھي ؟
جواب : وائرس جي ڪري.
سوال 21 :وڏي ۾ وڏو مائڪروب يعني باريڪ جاندار ڪهڙو آهي؟
جواب : فنجي.
سوال 22 :نشاستو يا ييسٽ ڇا جي مدد سان ٺهندو آهي؟
جواب : فنجي.
سوال 23 :پينسلين واري اينٽي بايوٽڪ ڇا مان تيار ڪئي ويندي آهي؟
جواب : پينسيلم مان جيڪو هڪ قسم جو فنگس فنجي آهي.
سوال 24 :پوليو جي وئڪسين ڇا مان تيار ڪئي ويندي آهي؟
جواب : پوليونالي هڪ وائرس مان.
سوال 25 :انفيڪشن ڇا کي چئجي ٿو؟
جواب : اها بيماري جيڪا بدن ۾ جيوڙن جي موجودگي ڪري پيدا ٿئي ان کي انفيڪشن چئبو آهي.
سوال 26 :نزلو، زڪام، بخار ۽ مٿي جو سور ڪهڙي انفيڪشن جي ڪري ٿيندا آهن؟
جواب : وائرل انفيڪشن جي ڪري.
سوال 27 :دست ڪهڙي انفيڪشن جي ڪري ٿيندا آهن؟
جواب : بيڪٽيريل انفيڪشن جي ڪري.
سوال 28 :چمڙي َء جون ڪي بيماريون ڪهڙي انفيڪشن جي ڪري ٿينديون آهن؟
جواب: فنگل انفيڪشن جي ڪري.
سوال 29 :بيمارين جي جيوڙن جا بدن ۾ داخل ٿيڻ جا رستا ڪهڙا آهن؟
جواب: وات ذريعي، نڪ ذريعي ۽ چمڙي َء ذريعي.
سوال 30 :ٻوٽن کي ڪهڙن ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي؟
جواب : 1 .گلدار ٻوٽا 2 .بي گل ٻوٽا.
سوال 31 :گلدار ٻوٽن کي ڪهڙن ٻن گروپن ۾ و رهايو ويو آهي؟
جواب : 1.هڪ ٻج پن وارا ٻوٽا 2.ٻه ٻج پن وارا ٻوٽا.
سوال 32 :هڪ ٻج پن وارا ٻوٽا ڪهڙا آهن؟
جواب : مڪائي، چانور، ڪڻڪ ۽ گاه وغيره.
سوال 33 :ٻه ٻج پن وارا ٻوٽا ڪهڙا آهن؟
جواب : انب، ليمون، چڻا، چئونرا ۽ مٽر وغيره.
سوال 34 :بي گل ٻوٽا ڪهڙا آهن؟
جواب : فرنس Ferns ۽ موسز Mosses.
سوال 35 :جڏهن ٻج جي ڦٽڻ وقت ڪاٽليڊان زمين کان مٿي نڪري ايندا آهن ته ان کي ڇا چئبو آهي؟
جواب : ايپيجل جرمينيشن.
سوال 36 :جڏهن ٻج جي ڦٽڻ وقت ڪاٽليڊان زمين جي اندر ئي رهن ته ان کي ڇا چئبو آهي؟
جواب : هئپوجل جرمينيشن.
سوال 37 :ٻج ۾ موجود ننڍڙي ٻوٽي کي ڇا چئبو آهي؟
جواب : ايمبريوEmbryo .
سوال 38 :ڪاٽليڊان ڇا کي چئبو آهي؟
جواب : ٻج جي ٻن ڀاڱن مان هر هڪ ڀاڱي يا اڌ کي ڪاٽليڊان يا شروعاتي ڪچو پن چئبو آھي

سوال39: ٻج ۾ موجود ننڍڙي سوراخ کي ڇا چيو ويندو آھي ؟
جواب : مائڪرو پائيل
سوال 40 : اينڊو اسپرم ڇا کي چئبو آھي ؟
جواب : ٻج جو اهو حصو جنهن ۾ خوراڪ گڏ ٿيل هوندي آهي.
سوال 41 :ٻج جي ڦٽڻ لاء گهربل حالتون ڪهڙيون هونديون آهن؟
جواب : آڪسيجن، پاڻي، مناسب گرمي َء جو درجو ۽ روشني.
سوال 42 :آلودگي ڇا کي چئبو آهي؟
جواب : هوا ، پاڻي ۽ زمين جي خاصيتن ۾ اڻوڻندڙ تبديلي جيڪا انسان ۽ ٻين جاندارن جي صحت
تي خراب اثر وجهي ان کي آلودگي چئجي ٿو.
سوال 43 :آلودگي َء جا مکيه قسم ڪهڙا آهن؟
جواب : آلودگي َء جا مکيه 3 قسم آهن. 1 .هواجي آلودگي، پاڻيء جي آلودگي ۽ زمين جي آلودگي.
سوال 44 :هوا جي آلودگيء ڪري ڪهڙيون بيماريون ٿين ٿيون؟
جواب : مٿي ۾ سور پوڻ، نڪ ۾ خارش ٿيڻ، نڙي َء ۾ سور پوڻ، دم جي بيماري، نمونيا ۽ ڪئنسر.
سوال 45 :پاڻي َء جي آلودگي َء ڪري ڪهڙيون بيماريون ٿين ٿيون؟
جواب : ڪالرا، مدي جو بخار ۽ دست وغيره.
سوال 46 :زمين جي آلودگي َء جا نقصانڪار اثر ڪهڙا آهن؟
جواب: زمين جي آلودگي پيدا ڪندڙ شين جي ڳري ختم ٿيڻ تي انهن جا زير زمين پاڻئ ۽
پسگردائيء تي تمام زهريال اثر پون ٿا.
سوال 47 :مادو ڇا کي چئجي ٿو؟
جواب : اها شيِء جيڪا جا ِء والاري ۽ وزن به رکي ان کي مادو چئجي ٿو.
سوال 48 :مادي جون حالتون ڪهڙيون آهن؟
جواب : مادي جون ٽي حالتون آهن. نهرا، پاڻياٺ ۽ گئس.
سوال 49 :مادي جي ڪهڙي حالت ۾ ماليڪيول هڪ ٻئي جي تمام ويجهو ۽ ڳتيل هوندا آهن؟
جواب : نهري حالت ۾.
سوال 50 :مادي جي ڪهڙي حالت ۾ ماليڪيول ڪجه پري هوندا آهن ۽ حرڪت ڪري سگهندا آهن؟
جواب : پاڻياٺ واري حالت ۾.
سوال 51 :مادي جي ڪهڙي حالت ۾ماليڪيول آزاد ۽ پري پري هوندا آهن؟
جواب : گئس واري حالت ۾.
سوال 52 :مادو ڇا جو ٺهيل هوندو آهي؟
جواب : مادو تمام باريڪ ذرڙن جو ٺهيل هوندو آهي جن کي ائٽم ۽ ماليڪيول چئبو آهي.
سوال 53 :مادي جي ڪهڙي حالت کي مقرر مقدار ۽ خاص شڪل هوندي آهي؟
جواب : نهرو.
سوال 54 :مادي جي ڪهڙي حالت کي مقرر مقدار هوندي آهي پر خاص شڪل نه هوندي آهي؟
جواب : پاڻياٺ.
سوال 55 :مادي جي ڪهڙي حالت کي مقرر مقدار ۽ ڪا خاص شڪل نه هوندي آهي؟
جواب : گئس
سوال 56 :گاٺ ڇا کي چئجي ٿو؟
جواب : گاٺ هڪ قسم جو زور آهي جيڪو شين کي آساني سان چرپر ڪرڻ کان روڪي ٿو.
سوال 57 :مايو ڇا کي چئجي ٿو؟
جواب : مادي جي مقدار کي مايو چئجي ٿو.
سوال 58 :مايي جو ايڪو ڇا آهي؟
جواب : ڪلوگرام Kg .
سوال 59 :وزن ڇا کي چئجي ٿو؟
جواب : زمين جي ڇڪ واري زور کي وزن چئجي ٿو
سوال 60 :وزن جو ايڪو ڇا آهي؟
جواب : نيوٽن N .
سوال 61 :انسان جي بدن جو عام حالت ۾ گرمي_پد ٽيمپريچر ڪيترو هوندو آهي؟
جواب : 6F.98 فارنھائيٽ.
سوال 62 :جسم جي گرمي_پد ٽيمپريچر ماپڻ واري اوزار کي ڇا چئبو آهي؟
جواب : ٿرماميٽر.
سوال 63 :سادين مشينن جا قسم ڪهڙا آهن؟
جواب : ليور، لهواري سطح ۽ چپر وغيره.
سوال 64 :ليور جا ڪيترا قسم آهن؟
جواب :ٽي. 1.پهرئين قسم جو ليور، 2.ٻئي قسم جو ليور ۽ 3.ٽئين قسم جو ليور.
1. .پهرئين قسم جي ليور ۾ٽيڪ يا فلڪرم، زور ۽ وزن جي وچ ۾ رکيل هوندو آهي. مثال: قينچي.
2. .ٻئي قسم جي ليور ۾ وزن لڳايل زور ۽ فلڪرم جي وچ ۾ رکيل هوندو آهي مثال: هٿ گاڏي
3 .ٽئين قسم جي ليور ۾ لڳايل زور فلڪرم ۽ وزن جي وچ ۾ هوندو آهي. مثال: چمٽو.
سوال 65 :روشني پنهنجو سفر ڪيئن ڪندي آهي؟
جواب : سڌي ليڪ ۾.
سوال 66 :روشن جسم ڇا کي چئبو آهي؟
جواب : اهي جسم جيڪي پنهنجي روشني پاڻ تيار ڪن انهن کي روشن جسم چئبو آهي.مثال:سج
سوال 67 :غير روشن جسم ڇا کي چئبو آهي؟
جواب : غير روشن جسم اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي روشني پاڻ تيار نه ڪري سگهي. مثال: چنڊ ۽ گره.
سوال 68 :شفاف جسم ڪهڙا آهن؟
جواب : اهي جسم جيڪي روشني کي پاڻ مان آساني َء سان گذرڻ ڏين. مثال: هوا،پاڻي،صاف شيشو.
سوال 69 :نيم شفاف جسم ڪهڙا آهن؟
جواب : اهي جسم جيڪي روشني َء جي ڪجه حصي کي پاڻ مان گذرڻ ڏين. مثال: ڌنڌلو شيشو.
سوال 70 :غير شفاف جسم ڪهڙا آهن؟
جواب : اهي جسم جيڪي پاڻ مان روشني َء کي هرگز گذرڻ نه ڏين. مثال : سرن واري ڀت. ڪاٺ.
سوال 71 :پاڇو ڪيئن ٺهي ٿو؟
جواب : جڏهن روشني ڪنهن غير شفاف جسم سان ٽڪرائجي رڪجي وڃي ٿي ته ٻئي پاسي ان جو
پاڇو ٺهي پوي ٿو.
سوال 72 :سج گرهڻ ڪيئن ٿيندو آهي؟
جواب : جڏهن چنڊ، سج جي سامهون اچي بيهندو آهي ته سج گرهڻ ٿيندو آهي.
سوال 73 :چنڊ گرهڻ ڪيئن ٿيندو آهي؟
جواب : جڏهن زمين، سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ اچي بيهندي آهي ته چنڊ گرهڻ ٿيندو آهي.
سوال 74 :بجلي َء جو سرڪٽ ڇا آهي ۽ ڪيئن ٺهي ٿو؟
جواب : بجلي َء جو سرڪٽ اهو رستو آهي جنهن تان بجلي َء جو ڪرنٽ گذري وڃي ڪو ڪم ڪري
سگهي. جيئن بلب کي روشن ڪرڻ وغيره.
سوال 75 :ائٽم جا بنيادي ذرا ڪهڙا آهن؟
جواب : اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران.
سوال 76 :اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران تي ڪهڙي چارج هوندي آهي؟
جواب : اليڪٽران تي ڪاٽو چارج. پروٽان تي واڌو چارج ۽ نيوٽران تي ڪا به چارج نه ھوندي آھي
سوال 77 : مٽئ جا ڪھڙا قسم آھن ؟
جواب : وارياسي مٽي، لٽ واري مٽي، چيڪي مٽي ۽ لوم
سوال 78 :ٻوٽن جي واڌ ويجه الِء ڪهڙي مٽي بهترين هوندي آهي؟
جواب : لوم
سوال 79 :لوم ڇا کي چئبو آھي ؟
جواب : اها مٽي يا زمين جيڪا چيڪي مٽي، لٽ،واريء ۽ هيوم جي مالوٽ سان ٺهيل هجي.
سوال 80: مٽي َء جي هڪڙي ڀريل چمچي ۾ ڪيترا بيڪٽيريا هوندا آهن؟
جواب : هڪ ڪروڙ.
سوال 81 :تحليلي عمل ڇا کي چئبو آهي؟
جواب : ڇڻيل، سڙيل ،ڳريل پن ۽ ُمئل جانورن جا جسم مٽي َء ۾ موجود باريڪ جيوڙا
بيڪٽيريا ۽ فنجي کائي چٽ ڪندا آهن. ان عمل کي تحليلي عمل چئبو آهي.
سوال 82 :نظاِم شمسي َء ۾ ڪل ڪيترا گره آهن؟
جواب: 8 گره..: 1 .عطارد، 2 .زهره، 3 .زمين، 4 .مريخ، 5ُ .مشتري، 6ُ .زحل، 7 .يورينس ۽ 8 .
نيپچون.
سوال 83 :سج جو قطر يعني هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين مفاصلو ڪيترو آهي؟
جواب : 4.1 ڪروڙ ڪلوميٽر. جيڪو 109 زمينن کي هڪ ٻئي ڀرسان رکڻ برابر ٿيندو.
سوال 84 :سج اسان کان ڪيترو پري آهي؟
جواب : 150 ملين ڪلوميٽر.
سوال 85 :سج جي روشني زمين تائين پهچڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ٿو؟
جواب : 8 منٽ.
سوال 86 :سج ۾ اسان جي زمين جيڏيون ڪيتريون زمينون ماپي سگهن ٿيون؟
جواب : 000،300،1 .تيرهن لک زمينون.
سوال 87 :سج جو وزن ڪيترين زمينن جيترو ٿيندو؟
جواب : 000،330 . ٽي لک ٽيه هزار زمينن جيترو.
سوال 88 :نظاِم شمسي ۾ موجود گرهن کي ڪيترن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي؟
جواب : ٻن گروپن ۾. 1 .زميني يا پٿريال گره 2 .گئس وارا ديو نما گره.
سوال 89 :پٿريال گره ڪهڙا آهن؟
جواب : زمين ،عطارد ، زهره ۽ مريخ.
سوال 90 :گئس وارا گره ڪهڙا آهن؟
جواب : ُجوپيٽر يا ُمشتري، ُزحل ، يورينس ۽ نيپ ُچون.
سوال 91 :نظاِم شمسي َء جو ننڍي ۾ ننڍو گره ڪهڙو آهي؟
جواب : عطارد Mercury .
سوال 92 :نظاِم شمسي َء جو وڏي ۾ وڏو گره ڪهڙو آهي؟
جواب : ُمشتري Jupiter .
سوال 93 :سج کي ويجهي مان ويجهو گره ڪهڙو آهي؟
جواب : عطارد.
سوال 94 :سج کي پري مان پري گره ڪهڙو آهي؟
جواب : نيپچون Neptune .
سوال 95 :ڪهڙو گره گهڻي قدر لوه يا فوالد جو ٺهيل آهي؟
جواب : عطارد.
سوال 96 :زمين جي ڀيڻ ڪهڙي گره کي چيو ويندو آهي؟
جواب : زهره Venus کي.
سوال 97 :نظاِم شمسي جي ڪهڙن گرهن کي پنهنجا چنڊ نه آھن ؟
جواب : عطارد ۽ زهره کي.
سوال 98 :زمين جي چنڊ جو نالو ڇا آهي؟
جواب : Lunaُ لونا
سوال 99 :ڳاڙهو گره ڪهڙو آهي؟
جواب : مريخ Mars .
سوال 100 :مريخ تي ڪيترا چنڊ آهن ؟
جواب ۡ ٻه ، ڊيماس ۽ فوباس.
سوال 101 :نظاِم شمسي َء جو سڀ کان وڏو ٻرندڙ جبل ” اولمپس مانس “ ڪهڙي گره تي آهي؟
جواب : مريخ تي.
سوال 102ُ :مشتري تي ڪيترا معلوم ڪيل چنڊ آهن ۽ ڪيترا تحقيق هيٺ آهن؟
جواب : 50 معلوم ڪيل چنڊ ۽ 12 تحقيق هيٺ چنڊ آهن.
سوال 103ُ :مشتري جو سڀ کان وڏو چنڊ ڪهڙو آهي جيڪو 16صدي َء ۾ گليلو سائنسدان ڳولي لڌو؟
جواب : گينِي ميڊ.
سوال 104ُ :زحل Saturn تي ڪل معلوم ڪيل چنڊ ۽ تحقيق هيٺ ڪيترا آهن؟
جواب : 53 چنڊ معلوم ڪيل ۽ 9 تحقيق هيٺ آهن.
سوال 105ُ :زحل جو سڀ کان مشهور چنڊ ڪهڙو آهي جيڪو گيني ميڊ کان پو ِء ٻئي نمبر تي آهي؟
جواب : ٽِيٽان. هي چنڊ عطارد کان به وڏو آهي
َسوال 106 :برفاني ديو ڪهڙي گره کي چيو ويندو آهي؟
جواب : يورينَس کي.
سوال 107 :يورينس Uranus کي ڪيترا چنڊ آهن؟
جواب : 27 چنڊ.
سوال 108 :يورينس جو سڀ کان وڏو ۽ مشهور چنڊ ڪهڙو آهي؟
جواب : ٽِٽينِيا.
سوال 109 :نيپ ُچون کي ڪيترا چنڊ آهن؟
جواب : 13 چنڊ.
سوال 110ِ :کَڙندڙ تارا Star Shooting ڇا آهن؟
جواب : ِکڙندڙ تارا يا شُهاب ثاقِب دراصل پٿريال ۽ ڌاتُن جا بچيل سچيل ذرڙا هوندا آهن جيڪي مختلف
رفتار سان سج جي چوڌاري ڦرندا رهن ٿا.
سوال 111 :پُڇڙ تارا ڇا آهن؟
جواب : پُڇڙ تارا يا ڪوميٽس Comets تمام ننڍڙا جسم هوندا آهن جيڪي برف، دز ۽ پٿريلي شين
جا ٺهيل هوندا آهن.انهن کي گهڻو ڪري منحوس گندا برف گولا به چئبو آهي.
سوال 112 : پڇڙ تاري جي مرڪز جو نالو ڇا آھي ؟
جواب : ڪوماجنرل سائنس

جواب : ڪوما

Address

Ghulam Nabi Shah

69100

Opening Hours

Monday 08:00 - 13:30
Tuesday 08:00 - 13:30
Wednesday 08:00 - 13:30
Thursday 08:00 - 13:30
Friday 08:00 - 12:30
Saturday 08:00 - 13:30

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GBPS Otaq Syed Bhawan Shah posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to GBPS Otaq Syed Bhawan Shah:

Shortcuts

  • Want your school to be the top-listed School/college?

Share