🖼️ گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول علي مھر جي
📢 شاگردن لاءِ اهم اطلاع 📣
ڪلاس يارهين ۽ ٻارهين جي شاگردن کي اطلاع ڏجي ٿو ته ساليانو امتحان بروز اربع 15 اپريل 2026ع کان شروع ٿي رهيا آهن.
🗓️ سلپ جي وصولي: سڀاڻي سومر کان اسڪول مان پنهنجي رول نمبر سلپ حاصل ڪريو.
📒 امتحاني ھدايتون
⏰ وقت جي پابندي: پيپر شروع ٿيڻ کان اڌ ڪلاڪ پهرين اسڪول پهچڻ لازمي آهي.
👔 لباس: مڪمل اسڪول يونيفارم ۾ اچڻ لازمي آهي.
🖊️ ضروري سامان: پنهنجي اصل سلپ (Admit Card)، نيري يا ڪاري پين ۽ ضروري اسٽيشنري پاڻ سان گڏ کڻي اچو.
🚫 سخت منع ٿيل شيون
📵 موبائيل فون کڻي اچڻ جي سختي سان منع آهي.
⌚ ڪنهن به قسم جي سمارٽ واچ پائڻ جي اجازت ناهي.
🚷 اسڪول جي اندر يا ٻاهر ڪنهن به غير متعلقہ شخص کي بيهڻ جي اجازت ناهي.
پاران:
انتظاميه
GBHSS علي مھر، تعلقه خانڳڙهه
Government Boys Higher Secondary School Ali Mahar
Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Government Boys Higher Secondary School Ali Mahar, School, Ali Mahar Taulka khangarh District Ghotki, Ghotki.
📢 اهم اطلاع – ڪلاس 9 ۽ 10 جا شاگرد...!!!
سڀني ڪلاس نائين ۽ ڏهين جي شاگردن کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته "BISE سکر" پاران امتحاني سلپون جاري ڪيون ويون آهن.
سڀ شاگرد مهرباني ڪري پنهنجيون امتحاني سلپس فوري طور تي اسڪول انتظاميه کان تاريخ 28-03-2026 ڏينھن ڇنڇر تہ حاصل ڪن تہ جيئن ڪنهن به تڪليف کان بچي سگهجي.
پرنسپل: خان محمد سومرو
گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول علي مھر. وڌيڪ رابطي لاءِ 03003195472استاد صبحت علي مھر
امتحان ۽ موڪل بابت اطلاع!
گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول علي مھر جي انتظاميه طرفان سمورن شاگردن ۽ والدين کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته:
جمعي جي موڪل: سنڌ حڪومت جي اعلان موجب سڀاڻي 13 مارچ 2026 (جمع) تي عام موڪل هجڻ ڪري اسڪول بند رهندو.
امتحان جي تبديلي: سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري جا جيڪي پيپر سڀاڻي (جمعي تي) ٿيڻا هئا، اهي هاڻي ڇنڇر، 14 مارچ 2026 تي ورتا ويندا.
پاران:
پرنسپل / انتظاميه،
گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول علي مھر.
*محترم والدين السَّلامُ عليڪم*
سڀني والدين ۽ شاگردن کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته سڀاڻي ڪا به موڪل ناهي، اسڪول پنهنجي معمول مطابق کليل آهي ۔ 5 فيبروي کان اسڪول اسيمبلي جو وقت صبح جو 8:30 بجہ آهي۔ مهرباني ڪري پنهنجن ٻارن کي وقت تي اسڪول موڪليندا.
بحڪم پرنسيپال خان محمد سومرو صاحب
اعلان
معزز والدين ۽ گورنمينٽ بوائيز ھائير سيڪنڊري اسڪول علي مھر ۾ پڙهندڙ سڀني شاگردن کي اطلاع ٿو ڏجي ته سُڀاڻي اسڪول معمول مطابق کُليل آهي وقت جي پابندي سان پنهنجن گلڙن جهڙن ٻارن کي اسڪول موڪليندا / پڄائي ويندا .اسڪول جو ٽائيم 8:30 آهي. بحڪم پرنسپال خان محمد سومرو
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Website
Address
Ghotki