11/06/2026
اهم اطلاع:
تعلقه گهوٽڪي جي سڀني محترم هيڊ ماستر صاحبان کي اطلاع ٿو ڪجي ته SSB بجيٽ جي حوالي سان اعجاز احمد چاچڙ صدر پ ٽ الف تعلقه گهوٽڪي جي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر پرائمري گهوٽڪي محمد ادريس مهر صاحب سان اهم ميٽنگ.
تعلقه گهوٽڪي جي ڪنهن به اسڪول جو بل نه رهندو ڪنهن به هيڊ ماستر صاحب سان ڪو به مسئلو آهي ته پ ٽ الف تعلقه گهوٽڪي صدر اعجاز احمد چاچڙ جي موبائل نمبر 03062141422
تي رابطو ڪيو هر حال م بل سائن ڪرائي اڪائونٽس آفيس ۾ جمع ڪرايو ويندو ۽ اوهان سان هر قدم تي پ ٽ الف تعلقه گهوٽڪي معاونت لاءِ گڏ رهندي.
ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر گهوٽڪي کي اعجاز احمد چاچڙ صدر پ ٽ الف تعلقه گهوٽڪي طرفان وارننگ ڏجي ٿي ته پنهنجو قبلو درست ڪيو ايس ايس بي بجيٽ اسڪول جي ڀلائي لاءِ سنڌ گورنمينٽ طرفان ڏني وئي آهي اوهان کي هر حال م بل جمع ڪرڻا آهن جيڪڏهن گهوٽڪي تعلقه جي هڪ به اسڪول جو بل جمع ٿيڻ کان رهجي ويو ته گھوٽڪي تعلقه جي استاد صاحبان سان گڏ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ٻاهريان آفيس کي تالو هڻي احتجاجي ڪئمپ هڻي ويهي رهبو جيستائين سڀني اسڪول جا ايس ايس بي بجيٽ بل جمع ڪري پاس نه ڪيا ويندا ايستائين ڌرڻو جاري رهندو.
اعجاز احمد چاچڙ
صدر
پ ٽ الف تعلقه گهوٽڪي