24/05/2026
سنڌ جي نون ڀرتي ٿيل استادن سان ناانصافي — نوجوانن جي مايوسي جو سبب
سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ تازو ڀرتي ٿيل P.S.T ۽ J.E.S.T استادن سان جيڪا ڊگهي عرصي کان ناانصافي ٿي رهي آهي، اها انتهائي افسوسناڪ ۽ ڳڻتي جوڳي صورتحال بڻجي چڪي آهي. ڪيترائي نوجوان سخت محنت، سوين اميدوارن سان مقابلو، ٽيسٽن، انٽرويوز ۽ مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي آخرڪار نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، پر اڄ اهي ئي نوجوان 11 کان 15 مهينن تائين ID ۽ اڪائونٽ کولجڻ جي انتظار ۾ ذهني اذيت، پريشاني ۽ مالي بحران جو شڪار آهن.
هي نوجوان پنهنجي خاندانن جا سهارا آهن. ڪيترن ئي ماڻهن خانگي نوڪريون ڇڏي سرڪاري نوڪريءَ کي ان اميد سان ترجيح ڏني ته کين عزت، تحفظ ۽ وقت سر پگهار ملندي، پر افسوس جو تعليم کاتي ۽ لاڳاپيل ادارن جي نااهلي سبب هو اڄ تائين پگهارن کان محروم آهن. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن هڪ ملازم جو ID يا اڪائونٽ وقت تي نه کولي سگهجي ته پوءِ لاڳاپيل آفيسرن، سيڪريٽري ۽ وزيرن جي ذميواري ڪٿي آهي؟
سنڌ جا هي نوجوان استاد ايمانداري، خلوص ۽ جديد تدريسي طريقن سان ڳوٺن ۽ پٺتي پيل علائقن جي ٻارن کي معياري تعليم ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙن محنتي ۽ باصلاحيت نوجوانن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي، نه ڪي کين مايوسي ۽ ذهني تڪليف ڏني وڃي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي سماج ۾ گهڻا ڀيرا ايماندار ۽ محنتي ماڻهن بدران سفارش، ڪرپشن ۽ “ٻن نمبرن” وارا ماڻهو ترقي حاصل ڪندا رهن ٿا.
اسين سنڌ حڪومت، وڏي وزير سنڌ، تعليم واري وزير، سيڪريٽري تعليم ۽ لاڳاپيل عدالتن کي اپيل ٿا ڪريون ته هن سنگين مسئلي جو فوري نوٽيس وٺي، نون ڀرتي ٿيل استادن جا ID کوليا وڃن، پگهارون جاري ڪيون وڃن ۽ نوجوانن مان وڌندڙ بيچيني ختم ڪئي وڃي.